1
عبرانين 12:8
Sindhi Bible FB
SB
انهيءَ ڪري جو آءٌ سندن بڇڙاين کي معاف ڪري ڇڏيندس ۽ سندن گناهن کي وري ڪڏهن بہ ياد نہ ڪندس.“
Compare
Explore عبرانين 8:12
2
عبرانين 10:8
پر هاڻ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جيڪو عهد آءٌ بني اسرائيل سان اچڻ وارن ڏينهن ۾ ٻڌندس، سو هن طرح ٻڌندس جو آءٌ پنهنجا قانون هنن جي ذهنن ۾ وجھندس، ۽ اهي سندن دلين تي بہ لکندس. آءٌ سندن خدا هوندس، ۽ هو منهنجي قوم هوندا.
Explore عبرانين 8:10
3
عبرانين 11:8
پوءِ ڪنهن کي ڪڏهن بہ اها ضرورت نہ پوندي، جو پنهنجي هموطن يا برادريءَ واري کي اهو چئي سيکاري تہ ’خداوند کي ڄاڻ،‘ ڇاڪاڻ تہ انهن مان ننڍا توڙي وڏا سڀ مون کي ڄاڻيندا هوندا.
Explore عبرانين 8:11
4
عبرانين 8:8
سو خدا پنهنجي قوم جنهن سان هن پهريون عهد ٻڌو، تنهن جي گھٽتائي ظاهر ڪندي پاڪ ڪلام ۾ فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اهي ڏينهن اچن ٿا، جڏهن آءٌ اسرائيل توڙي يهوداہ ملڪ وارن سان هڪ نئون عهد ٻڌندس.
Explore عبرانين 8:8
5
عبرانين 1:8
انهن ڳالهين جو خاص مطلب هي آهي تہ اسان جو هڪڙو اهڙو سردار ڪاهن آهي، جيڪو مٿي آسمان تي عظيم خدا جي تخت تي ساڄي پاسي ويٺو آهي.
Explore عبرانين 8:1