7
ڪاهن ملڪِصدق
1 #
پيد 14:17-20
هي اهو ملڪِصدق آهي، جيڪو سالم شهر جو بادشاهہ ۽ خدا تعاليٰ جو ڪاهن هو. جڏهن ابراهيم چئن بادشاهن کي قتل ڪري موٽيو پئي آيو تہ ملڪِصدق ساڻس گڏيو ۽ کيس دعائون ڏنائين. 2ابراهيم هن کي مالِغنيمت جي سڀني شين جو ڏهون حصو ڏنو. ملڪِصدق پنهنجي نالي جي معنيٰ موجب ”سچائيءَ جو بادشاهہ“ آهي. پر جيئن تہ هو سالم شهر جو بادشاهہ بہ آهي ۽ سالم لفظ جي معنيٰ آهي سلامتي، سو هو ”سلامتيءَ جو بادشاهہ“ بہ آهي. 3هو بنا پيءُ، بنا ماءُ ۽ بنا شجري جي آهي. نہ سندس عمر جي شروعات آهي، نڪي زندگيءَ جي پڄاڻي، بلڪ هو خدا جي فرزند جهڙو ڪيو ويو تہ جيئن هميشہ لاءِ ڪاهن رهندو اچي.
4سو غور ڪري ڏسو تہ اهو ڪيڏي نہ عظيم هستي آهي، جو قوم جي ابي ڏاڏي ابراهيم بہ کيس ڏهون حصو ڏنو. 5#ڳا 18:21 لاويءَ جي اولاد مان جن کي ڪاهن جو عهدو ٿو ملي، تن کي شريعت موجب اهو حڪم مليل آهي تہ پنهنجي قوم بني اسرائيل کان ڏهون حصو اُڳاڙين، جيتوڻيڪ اهي لاوي قبيلي وارا بہ ابراهيم جي نسل مان ئي آهن. 6پر توڙي جو ملڪِصدق جو لاويءَ جي نسل سان ڪو لاڳاپو نہ هو، تنهن هوندي بہ ابراهيم کان ڏهون حصو ورتائين ۽ جنهن سان واعدا ڪيا ويا هئا، تنهن کي دعائون ڏنائين. 7انهيءَ ۾ ڪوبہ شڪ ڪونهي تہ دعائون ڏيڻ وارو دعائون وٺڻ واري کان مٿاهون هوندو آهي. 8لاوي جيڪي ڏهون حصو وٺن ٿا سي فاني انسان آهن، جڏهن تہ ملڪِصدق جنهن ابراهيم کان ڏهون حصو ورتو، تنهن جي باري ۾ پاڪ ڪلام شاهدي ڏئي ٿو تہ هو جيئرو آهي. 9هاڻي اسين اهو چئي سگھون ٿا تہ لاوي، جنهن جو اولاد ڏهون حصو اُڳاڙي ٿو، تنهن بہ ابراهيم جي وسيلي ڏهون حصو ڏنو، 10ڇاڪاڻ تہ جڏهن ملڪِصدق ابراهيم سان گڏيو هو، تڏهن لاوي اڃا پنهنجي ابي ڏاڏي جي بدن ۾ هو.
عيسيٰ مسيح ملڪِصدق جهڙو ڪاهن
11بني اسرائيل قوم وارا لاويءَ واري ڪاهنيءَ جي انتظام هيٺ شريعت وارا ٿيا. سو جيڪڏهن انهيءَ ڪاهنيءَ جي وسيلي ماڻهو مڪمل طور خدا لاءِ مخصوص ٿي وڃي ها، تہ پوءِ ٻئي ڪاهن جي اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي جيڪو پهرئين لاوي سردار ڪاهن هارون جي نہ، پر ملڪِصدق جي مرتبي جهڙو ليکيو ويو آهي. 12ڳالهہ هيءَ بہ آهي تہ جڏهن ڪاهني بدلجي ٿي، تڏهن ان سان واسطو رکندڙ شريعت جو بدلجڻ بہ لازمي ٿي پوي ٿو. 13اها ڳالهہ هن مان ظاهر ٿئي ٿي تہ اسان جو خداوند، جنهن بابت هي ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون، سو لاوي نہ پر ٻئي قبيلي جو آهي جنهن مان ڪنهن بہ ماڻهوءَ قربانگاهہ جي خدمت ڪانہ ڪئي آهي. 14هائو، هو يهوداہ قبيلي جو آهي، جنهن مان ڪاهن ٿيڻ جي باري ۾ موسيٰ ڪجھہ بہ ڪونہ چيو آهي.
15هاڻ بدلجڻ واري اها ڳالهہ اڃا بہ وڌيڪ صاف ٿي وڃي ٿي، جڏهن هڪ ٻيو ڪاهن ظاهر ٿئي ٿو، جيڪو ملڪِصدق جهڙو ئي آهي. 16هو شريعت جي قاعدي موجب ڪنهن خاص انساني نسل مان نہ، پر غير فاني زندگيءَ جي طاقت موجب ملڪِصدق جهڙو ڪاهن مقرر ٿيو آهي. 17#زب 110:4 انهيءَ بابت پاڪ ڪلام ۾ شاهدي ڏني ويئي آهي تہ
”تون ملڪِصدق جي مرتبي جهڙو
هميشہ وارو ڪاهن آهين.“
18اهڙيءَ طرح لاوين واري ڪاهنيءَ سان واسطو رکندڙ شريعت جو پراڻو قاعدو ڪمزور ۽ بيفائدي هئڻ ڪري ختم ٿي ويو، 19ڇاڪاڻ تہ شريعت ڪنهن بہ ڳالهہ کي مڪمل ڪري نہ سگھي. سو انهيءَ جي بدران اسان کي هڪ بهتر اميد ڏني ويئي آهي، جنهن جي وسيلي اسين خدا وٽ وڃي ٿا سگھون.
20-21 #
زب 110:4
ان کان علاوہ هيءَ ڳالهہ بہ آهي تہ انهيءَ ڪاهن کي مقرر ڪرڻ وقت خدا خود قسم کنيو، جڏهن تہ لاوي ڪاهنن کي مقرر ڪرڻ وقت هن ڪو قسم نہ کنيو. هائو، پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ خدا انهيءَ ڪاهن يعني عيسيٰ کي هيئن چيو تہ
”آءٌ خداوند قسم ٿو کڻان،
جنهن کان آءٌ ڪڏهن ڪين ڦرندس تہ
تون هميشہ جي لاءِ ڪاهن آهين.“
22قسم واري انهيءَ فرق جي ڪري عيسيٰ هڪ بهتر عهد جو ضامن مقرر ٿيو.
23ان کان علاوہ هي بہ فرق آهي تہ موت لاوي ڪاهنن کي قائم رهڻ نہ ٿي ڏنو، تنهنڪري انهن مان گھڻا ئي ڪاهن مقرر ٿيندا رهيا. 24پر عيسيٰ جي ڪاهني لازوال آهي، ڇاڪاڻ تہ هو هميشہ تائين جيئرو رهڻ وارو آهي. 25انهيءَ ڪري جيڪي سندس وسيلي خدا ڏانهن اچن ٿا، تن کي هميشہ لاءِ هو مڪمل ڇوٽڪارو ڏيئي ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ انهن جي شفاعت لاءِ هو هميشہ جيئرو آهي.
26سو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گھرج هئي جيڪو پاڪ، بيڏوهہ، بيعيب، گنهگارن کان ڌار ۽ مٿي عرش عظيم تائين بلند ڪيو ويو هجي. 27#لاو 9:7 ٻين سردار ڪاهنن وانگر هو انهيءَ ڳالهہ جو محتاج نہ هجي جو هر روز پهريائين پنهنجي گناهن ۽ پوءِ قوم وارن جي گناهن واسطي قربانيون پيش ڪري، ڇاڪاڻ تہ هن ماڻهن جي گناهن واسطي هڪڙي ئي ڀيري هميشہ لاءِ قرباني پيش ڪئي، جڏهن پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيائين. 28شريعت تہ انهن کي سردار ڪاهن مقرر ڪري ٿي جيڪي ڪمزور انسان آهن، پر اهو قسم، جيڪو شريعت کان پوءِ خدا کنيو، سو سندس فرزند کي هميشہ جي لاءِ ڪامل سردار ڪاهن مقرر ٿو ڪري.