11
ايمان
1ايمان مان مراد آهي انهن شين جي ملڻ جي خاطري، جن جي اميد ڪئي وڃي ٿي، هائو، انهن شين تي يقين، جيڪي ڏسڻ ۾ نہ ٿيون اچن. 2اهو انهن جو ايمان ئي هو جو اڳئين زماني جي ماڻهن خدا جو راضپو حاصل ڪيو.
3 #
پيد 1:1، زب 33:6،9، يو 1:3 ايمان جي ڪري ئي اسين سمجھون ٿا تہ سڀيئي جهان خدا جي حڪم سان بڻيا آهن. ائين نہ آهي تہ جيڪي ڪجھہ نظر اچي ٿو سو ڏسڻ ۾ ايندڙ شين مان بڻيو آهي.
4 #
پيد 4:3-10
ايمان جي ڪري ئي هابيل خدا آڏو قابيل کان وڌيڪ سٺي قرباني پيش ڪئي. انهيءَ جي ڪري خدا سندس نذرانو قبول ڪري ظاهر ڪيو تہ هو سچار هو. جيتوڻيڪ هو مري ويو آهي تہ بہ پنهنجي ايمان جي مثال وسيلي ڄڻ تہ اڃا تائين ڳالهائي پيو.
5 #
پيد 5:21-24
ايمان جي ڪري ئي حنوڪ مٿي آسمان ڏانهن کنيو ويو، تہ جيئن موت کي نہ ڏسي. جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”هن جو ڪوبہ پتو ڪونہ پيو، ڇاڪاڻ تہ خدا مٿي کڻي ورتس.“ اهو هن ڪري ٿيو جو سندس کڄي وڃڻ کان اڳ هن بابت اها شاهدي ڏني ويئي هئي تہ ”هو خدا کي پسند آيو آهي.“ 6ايمان کان سواءِ خدا کي پسند اچڻ ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو خدا ڏانهن اچي ٿو، تنهن لاءِ اهو ايمان رکڻ لازمي آهي تہ خدا موجود آهي ۽ جيڪي چاهہ سان سندس طلبگار ٿين ٿا تن کي اجر ڏئي ٿو.
7 #
پيد 6:13-22
ايمان جي ڪري ئي نوح اهي ڳالهيون مڃيون جيڪي اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون هيون، جن بابت خدا کيس خبردار ڪيو هو. هن خدا جو خوف رکي پنهنجي خاندان کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ هڪڙو ٻيڙو ٺاهيو. اهڙيءَ طرح نوح دنيا کي ڏوهي قرار ڏنو ۽ انهيءَ سچائيءَ جو وارث ٿيو، جيڪا ايمان جي ڪري حاصل ٿئي ٿي.
8 #
پيد 12:1-5
جڏهن ابراهيم کي سڏيو ويو تہ ايمان جي ڪري ئي هو خدا جو حڪم مڃي انهيءَ ملڪ ڏانهن هليو ويو، جيڪو بعد ۾ کيس واعدي ڪيل ميراث طور ملڻو هو. هائو، هو اٿي روانو ٿيو، جيتوڻيڪ هن کي اها خبر نہ هئي تہ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي. 9#پيد 35:27 ايمان جي ڪري ئي خدا جي واعدي ڪيل ملڪ ۾ ابراهيم تنبن ۾ هڪ پرديسيءَ وانگر رهيو. اسحاق ۽ يعقوب جيڪي سندس اولاد هئا ۽ خدا جي ساڳئي واعدي ۾ ساڻس گڏ وارث هئا، سي بہ ابراهيم وانگر تنبن ۾ رهندا هئا. 10ابراهيم انهيءَ شهر جو اميدوار هو، جنهن جو بنياد پڪو ۽ پختو آهي ۽ جنهن جو تخليق ڪندڙ ۽ اڏيندڙ خود خدا آهي.
11 #
پيد 18:11-14، 21:2 ايمان جي ڪري ئي ابراهيم پيءُ ٿيڻ جي لائق ٿيو، جيتوڻيڪ هو تمام پوڙهو هو ۽ سندس زال سارہ بہ سنڍ هئي. ابراهيم واعدي ڪرڻ واري کي سچو ڄاتو. 12#پيد 15:5، 22:17، 32:12 اهڙيءَ طرح هڪڙي اهڙي پوڙهي شخص مان جيڪو ڄڻ مرڻ ڪنڌيءَ تي هو، ”آسمان جي تارن جيترو ۽ سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جي ذرڙن جيترو بيشمار اولاد“ پيدا ٿيو.
13 #
پيد 23:4، 1.توا 29:15، زب 39:12 اهو ايمان ئي هو جنهن تي اهي سڀ مرڻ گھڙيءَ تائين قائم رهيا. جيتوڻيڪ کين ڪجھہ بہ نہ مليو، جنهن جو خدا ساڻن واعدو ڪيو هو، تڏهن بہ پري کان ئي سڀ ڪجھہ ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪيائون. ان سان گڏ هنن اقرار ڪيو تہ ”اسين ڌرتيءَ تي پرديسي ۽ مسافر آهيون.“ 14جيڪي ماڻهو اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن، سي ظاهر ڪندا آهن تہ ”اسان جو وطن ڪو ٻيو آهي، جنهن جا اسين طلبگار آهيون.“ 15ائين چوندي جيڪڏهن هنن جو انهيءَ ملڪ ڏانهن وڃڻ جو خيال هجي ها، جنهن مان نڪري آيا هئا تہ هو اوڏانهن موٽي وڃي ٿي سگھيا. 16پر ان جي بدران هو انهيءَ کان بهتر يعني آسماني وطن جي لاءِ واجھائي رهيا هئا. جيئن تہ خدا، انهن جو خدا سڏجڻ کان شرمائي نہ ٿو، تنهنڪري هن انهن جي لاءِ هڪڙو شهر تيار ڪري ڇڏيو آهي.
17-18 #
پيد 21:12، 22:1-14 ايمان جي ڪري ئي ابراهيم پنهنجي آزمائش وقت اسحاق کي نذراني طور قربان ڪيو. جيتوڻيڪ ابراهيم خدا جا واعدا قبول ڪيا هئا ۽ خدا کيس فرمايو هو تہ ”اسحاق مان ئي تنهنجو نسل جاري ٿيندو،“ تنهن هوندي بہ هو پنهنجي سڪيلڌي پٽ کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. 19انهيءَ جو سبب هي هو جو هن سمجھيو ٿي تہ خدا کي مئلن مان جيئرو ڪرڻ جي بہ قدرت آهي. سو اسحاق جي موت کان بچي وڃڻ جي باوجود ابراهيم کيس مثالي طرح مئلن مان وري حاصل ڪيو.
20 #
پيد 27:27-29،39-40 ايمان جي ڪري ئي اسحاق پنهنجي ٻنهي پٽن يعقوب ۽ عيسوءَ کي ايندڙ وقت جي ڳالهين بابت بہ دعا ڪئي.
21 #
پيد 47:31–48:20
ايمان جي ڪري ئي يعقوب مرڻ مهل پنهنجي پٽ يوسف جي ٻنهي پٽن مان هر هڪ کي دعا ڪئي ۽ پنهنجي لٺ جي چوٽيءَ تي مٿو رکي خدا آڏو سجدو ڪيائين.
22 #
پيد 50:24-25، خر 13:19 ايمان جي ڪري ئي يوسف جڏهن مرڻ کي ويجھو هو، تڏهن هن مصر ملڪ مان بني اسرائيل جي نڪرڻ بابت ٻڌايو ۽ اهو حڪم بہ ڏنو تہ ”منهنجي هڏين کي ساڻ کڻي وڃجو.“
23 #
خر 2:2، 1:22 ايمان جي ڪري ئي موسيٰ جي ماءُ پيءُ سندس ڄمڻ کان پوءِ ٻارڙي جي خوبصورتي ڏسي کيس ٽن مهينن تائين لڪائي رکيو. هو بادشاهہ جي انهيءَ حڪم جي خلافورزيءَ کان ڪين ڊنا تہ نئين ڄاول پٽ کي ماريو وڃي.
24 #
خر 2:10-12
ايمان جي ڪري ئي موسيٰ وڏي ٿيڻ تي مصر جي بادشاهہ جي ڌيءَ جو پٽ سڏائڻ کان انڪار ڪيو. 25انهيءَ جو سبب هي هو تہ ٿوري وقت تائين گناهہ جا مزا ماڻڻ بدران هن خدا جي قوم وارن سان شامل ٿي بري سلوڪ سهڻ کي وڌيڪ پسند ڪيو. 26هن مسيح جي خاطر بيعزت ٿيڻ کي مصر جي خزانن کان وڏي دولت سمجھيو. هن جي نظر ملڻ واري اجر تي هئي.
27 #
خر 2:15
ايمان جي ڪري ئي بادشاهہ جي ڪاوڙ جي پرواهہ نہ ڪندي موسيٰ مصر کي ڇڏي ڏنو. ائين هو ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ خدا کي ڄڻ تہ ڏسي ڪري ثابت قدم رهيو. 28#خر 12:21-30 ايمان جي ڪري ئي هن عيد فصح قائم ڪئي، جڏهن بني اسرائيل کي حڪم ڏنائين تہ اهي قرباني ڪري رت دروازن جي ٻانهين ۽ سردرن تي ڇٽڪارين، انهيءَ لاءِ تہ موت جو ملائڪ بني اسرائيل جي پهريتن پٽن کي هٿ نہ لائي.
29 #
خر 14:21-31
ايمان جي ڪري ئي جڏهن ڳاڙهي سمنڊ مان پاڻي سڪي ويو تہ بني اسرائيل اتان لنگھي ويا. پر جڏهن مصرين انهن جو پيڇو ڪندي ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ اهي ٻڏي مئا.
30 #
يش 6:12-21
ايمان جي ڪري ئي بني اسرائيل جڏهن يريحو شهر جي چوڌاري ست ڏينهن ڦيرا ڏنا تہ شهر جو ڪوٽ ڪري پيو. 31#يش 2:1-21، 6:22-25 ايمان جي ڪري ئي راحب ڪسبياڻي بچي ويئي جڏهن انهيءَ شهر جي نافرمانن کي ماريو ويو، ڇاڪاڻ تہ هن بني اسرائيل قوم جي جاسوسن کي پاڻ وٽ صحيح سلامت رکيو هو.
32 #
ره 6:11–8:32، 4:6–5:31، 13:2–16:31، 11:1–12:7، 1.سم 16:1–1.با 2:11، 1.سم 1:1–25:1 هاڻي وڌيڪ آءٌ ڇا ٻڌايان؟ هينئر ايترو وقت ڪانہ اٿم جو جِدعون، برق، سمسون، افتاح، يا وري دائود، سموئيل ۽ ٻين نبين جو ذڪر ڪريان. 33#دان 6:1-27 ايمان جي ڪري ئي انهن مان ڪن بادشاهتون فتح ڪيون، ڪن انصاف سان نگهباني ڪئي، ڪن اهي برڪتون حاصل ڪيون جن جو خدا ساڻن واعدو ڪيو هو ۽ ڪن شينهَن جا وات بند ڪري ڇڏيا. 34#دان 3:1-30 انهن مان ڪن ڀڙڪندڙ باهہ کي ٿڌو ڪيو ۽ ڪي تلوار جي ڌار کان بہ بچي نڪتا. انهن مان ڪي ڪمزوريءَ مان زورآور ٿيا، ڪي جنگ ۾ طاقتور بڻيا، ڪن ڌارين فوجن کي ڀڄائي ڪڍيو 35#1.با 17:17-24، 2.با 4:25-37 ۽ ڪن عورتن کي سندن مري ويل پيارا وري جيئرا ٿي مليا.
ايمان جي ڪري ئي ڪي ماڻهو ايذاءَ سهندي سهندي مري ويا پر آزادي قبول نہ ڪيائون، انهيءَ لاءِ تہ ٻيهر جيئرا ٿي بهتر زندگي حاصل ڪن. 36#1.با 22:26-27، 2.توا 18:25-26، ير 20:2، 37:15، 38:6 ڪن ماڻهن کي کِل ٺٺوليءَ جو نشانو بڻائي چهبڪ هنيا ويا، ايتري قدر جو کين زنجيرن سان ٻڌي قيد ۾ وڌو ويو. 37#2.توا 24:21 ڪي ماڻهو سنگسار ڪيا ويا، #11:37 ڪي ڪرٽ سان چيريا ويا ڪن قديم مسودن ۾ هي لفظ بہ شامل آهن تہ ”ڪي آزمايا ويا.“ڪي ڪرٽ سان چيريا ويا ۽ ڪي تلوار سان قتل ڪيا ويا. ڪي ماڻهو محتاجيءَ، مظلوميءَ ۽ بدسلوڪيءَ جي حالت ۾ رڍن ۽ ٻڪرين جون کلون پائي 38بيابانن ۽ جبلن ۾ ڀٽڪندا رهيا ۽ غارن ۽ زمين جي چُرن ۾ لڪندا رهيا. هيءَ دنيا انهن جي رهڻ لائق نہ هئي.
39جيتوڻيڪ انهن سڀني کي سندن ايمان جي ڪري خدا جو راضپو حاصل ٿيو، تڏهن بہ کين اهو ڪجھہ نہ مليو جنهن جو خدا واعدو ڪيو هو. 40انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا اڳي ئي هڪ بهتر منصوبو جوڙي ڇڏيو هو جنهن ۾ اسين بہ شامل آهيون. خدا چاهيو ٿي تہ اهي سڀ اسان سان گڏجڻ سان ئي وٽس ڪامل ڪيا وڃن.