جڏهن ابراهيم کي سڏيو ويو تہ ايمان جي ڪري ئي هو خدا جو حڪم مڃي انهيءَ ملڪ ڏانهن هليو ويو، جيڪو بعد ۾ کيس واعدي ڪيل ميراث طور ملڻو هو. هائو، هو اٿي روانو ٿيو، جيتوڻيڪ هن کي اها خبر نہ هئي تہ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي. ايمان جي ڪري ئي خدا جي واعدي ڪيل ملڪ ۾ ابراهيم تنبن ۾ هڪ پرديسيءَ وانگر رهيو. اسحاق ۽ يعقوب جيڪي سندس اولاد هئا ۽ خدا جي ساڳئي واعدي ۾ ساڻس گڏ وارث هئا، سي بہ ابراهيم وانگر تنبن ۾ رهندا هئا.