12
خدا جي سيکت ۾ اسان جي ڀلائي
1جيئن تہ اسين بيان ڪيل شاهدن جي ايڏي وڏي ڪڪر جي گھيري ۾ آهيون، تنهنڪري اچو تہ اسين بہ هر رڪاوٽ ۽ ڦاسائيندڙ هر گناهہ کي هٽائي ثابت قدميءَ سان انهيءَ ڊوڙ ۾ ڊوڙون جيڪا اسان جي اڳيان آهي. 2اچو تہ هن ڊوڙ ۾ اسين عيسيٰ تي پنهنجيون نظرون رکي ڊوڙندا رهون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي. هن انهيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا سندس نظر آڏو هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جي تڪليف سٺي ۽ خدا جي تخت تي ساڄي پاسي وڃي ويٺو. 3هائو، جنهن هستيءَ گنهگارن جي ايڏي وڏي مخالفت برداشت ڪئي، تنهن تي غور ڪريو. تڏهن اوهين انهيءَ ڊوڙ ۾ ٿڪجي همت هاري نہ ويهندا.
4ڏسو، گناهہ جي خلاف وڙهندي اوهان اڃا تائين اهڙو مقابلو نہ ڪيو آهي جو اوهان جو رت وهايو ويو هجي. 5#ايو 5:17، چوڻ 3:11-12 اوهين انهيءَ همتائيندڙ نصيحت کي وساري ويٺا آهيو، جنهن ۾ اوهان کي ”منهنجا ٻچا“ چئي مخاطب ڪيو ويو آهي تہ
”اي منهنجا ٻچا!
خداوند جي سيکت کي خسيس نہ سمجھہ،
۽ جڏهن هو تو کي تنبيهہ ڪري، تڏهن همت نہ هار.
6ڏس، خداوند جنهن سان محبت ٿو رکي،
تنهن کي سيکت بہ ڏئي ٿو،
۽ جنهن کي پنهنجو ٻار ٿو بڻائي،
تنهن کي سزا بہ ڏئي ٿو.“
7سو اوهين بہ انهيءَ سيکت کي برداشت ڪندا رهو، ڇاڪاڻ تہ خدا اوهان سان ٻچن جهڙي هلت ٿو ڪري. اهو ڪهڙو ٻار آهي جنهن کي سندس پيءُ سيکت نہ ٿو ڏئي؟ 8جيڪڏهن اوهان کي سڀني وانگر سيکت نہ ڏني وڃي، تہ ان جو مطلب اهو ٿئي ها تہ اوهين خدا جا حقيقي ٻار نہ، پر ناجائز اولاد آهيو. 9ڏسو، اسان جا دنياوي پيئر اسان کي سيکت ڏيندا هئا، تہ بہ اسين هنن جي تعظيم ڪندا رهيا آهيون. تہ پوءِ اسين پنهنجي آسماني پيءُ يعني خدا جي ڇو نہ وڌيڪ تابعداري ڪريون تہ جيئن جيئرا رهون؟ 10اسان جا دنياوي پيئر ٿورن ڏينهن جي لاءِ پنهنجي سمجھہ مطابق اسان کي سيکت ڏيندا هئا. پر خدا جيڪا سيکت اسان کي ڏئي ٿو، سا اسان جي ڀلائيءَ جي لاءِ آهي، تہ جيئن اسين سندس پاڪائيءَ ۾ شامل ٿيون. 11ڪابہ سيکت جڏهن ڏني وڃي ٿي، تڏهن خوشيءَ جو نہ، پر ڏک جو سبب ٿي لڳي. پر جيڪي برداشت ڪري پختا ٿي وڃن ٿا، تن کي اها آخر ۾ سچائيءَ ۽ سلامتيءَ واري زندگي بخشي ٿي.
12 #
يس 35:3
تنهنڪري ڍلا هٿ ۽ ڪمزور گوڏا مضبوط ڪريو. 13#چوڻ 4:26 پنهنجي پيرن جا رستا سنوان ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ ڪو منڊو ٿاٻو نہ کائي، بلڪ ڇٽي چڱو ڀلو ٿئي.
خدائي فرمان کان انڪار بابت چتاءُ
14سڀني ماڻهن سان صلح وَ سلامتيءَ سان رهڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ انهيءَ پاڪائيءَ جا طلبگار ٿيو، جنهن کان سواءِ ڪوبہ خداوند کي نہ ڏسندو. 15#شر 29:18 خيال رکو تہ متان اوهان مان ڪو ماڻهو خدا جي فضل کان محروم رهجي وڃي، يا ڪا ڪؤڙي پاڙ ڦُٽي اوهان کي تڪليف ڏئي ۽ انهيءَ جي ڪري گھڻا ئي ماڻهو پليت ٿي پون. 16#پيد 25:29-34 خيال رکو تہ متان ڪو زناڪار يا عيسوءَ وانگر خدا جي ڳالهين کي حقير ڄاڻيندڙ نہ ٿئي، جنهن هڪڙي وقت جي کاڌي جي عيوض پنهنجي پهريتي هجڻ جو حق وڪڻي ڇڏيو. 17#پيد 27:30-40 اوهين ڄاڻو ٿا تہ انهيءَ کان پوءِ جڏهن هن برڪت جو وارث ٿيڻ ٿي گھريو تہ کيس رد ڪيو ويو. هن کي توبهہ ڪرڻ جو موقعو بہ نہ مليو، جيتوڻيڪ هن ڳوڙها ڳاڙيندي انهيءَ برڪت کي حاصل ڪرڻ جي تمام گھڻي ڪوشش ڪئي.
18 #
خر 19:16-22، 20:18-21، شر 4:11-12، 5:22-27 اوهان جي هلت چلت چڱي هئڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اوهين خدا جي حضور ۾ آيا آهيو. ائين نہ آهي جو اوهين زمين تي ڪنهن اهڙي جاءِ وٽ آيا آهيو جتي باهہ پئي ٻري ۽ ڪاراڻ، اونداهي ۽ طوفان آهي، جيئن سينا جبل وٽ بني اسرائيل وارن سان ٿيو. 19انهيءَ جبل تي توتاري جو شور ۽ خدا جي ڳالهائڻ جو اهڙو آواز هو، جنهن جي ٻڌڻ وارن يعني بني اسرائيل منٿ ڪئي تہ ساڻن وڌيڪ نہ ڳالهايو وڃي، 20#خر 19:12-13 ڇاڪاڻ تہ هو اهو آواز برداشت ڪري نہ سگھيا، جنهن ۾ کين اهو حڪم ڏنو ويو هو تہ ”جيڪڏهن ڪو جانور بہ هن جبل کي ڇهي تہ کيس سنگسار ڪيو وڃي.“ 21#شر 9:19 اهو نظارو اهڙو تہ خوفناڪ هو جو موسيٰ چيو تہ ”آءٌ خوف وچان ڏڪي رهيو آهيان.“
22ڏسو، اوهين سينا جبل وٽ اچڻ وارن جيان نہ، پر #12:22 صيئون جبل هن جبل تي اڏيل يروشلم شهر ۾ مقدس هيڪل تعمير ٿيل هئي، جيڪا خدا جي عبادت لاءِ يهودين جي مخصوص جاءِ هئي. جڏهن تہ هتي ان مان مراد زميني نہ، پر آسماني صيئون جبل آهي. صيئون جبل تي زندہ خدا جي شهر وارن جيان خدا جي حضور ۾ آيا آهيو. اتي آسماني يروشلم وٽ جشن ملهائيندڙ بيشمار ملائڪن جي محفل آهي. 23اوهين خدا جي انهن پهريتن يعني چونڊي پاڪ ڪيلن جي جماعت ۾ آيا آهيو، جن جا نالا خدا وٽ آسمان تي لکيل آهن. اوهين سڄي مخلوق جي منصف خدا وٽ آيا آهيو. اوهين خدا آڏو ڪامل ڪيل سچارن جي روحن وٽ آيا آهيو. 24#پيد 4:10، مت 26:28 اوهين نئين عهد جي وچ واري عيسيٰ وٽ ۽ سندس ڇٽڪاريل انهيءَ رت وٽ آيا آهيو، جيڪو هابيل جي وهايل رت وارين ڳالهين کان بهتر ڳالهيون ٿو ڪري.
25 #
خر 20:22
خبردار! انهيءَ هستيءَ جي فرمان جو انڪار نہ ڪجو جيڪو هن وقت ڳالهائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل وارا، جن زمين تي ڏنل سندس فرمان جو انڪار ڪيو هو سي بچي نہ سگھيا. تہ پوءِ آسمان مان آيل سندس فرمان جو جيڪڏهن اسين انڪار ڪنداسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ 26#حجي 2:6 انهيءَ هستيءَ جڏهن سينا جبل تان ڳالهايو هو تہ زمين لڏي ويئي هئي. پر هاڻي هن فرمايو آهي تہ ”هڪڙو دفعو وري بہ آءٌ نہ رڳو زمين کي، بلڪ آسمان کي بہ لوڏي ڇڏيندس.“ 27سو اهي لفظ تہ ”هڪڙو دفعو وري بہ“ اهو ظاهر ٿا ڪن تہ جيڪي شيون لوڏيون وڃن ٿيون، سي خلقيل هئڻ ڪري مِٽجي وينديون، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي شيون نہ ٿيون لڏن سي قائم رهن.
28سو جيئن تہ اسان کي اهڙي بادشاهيءَ ۾ شامل ڪيو ٿو وڃي، جيڪا لڏي وڃڻ واري ناهي، تنهنڪري اچو تہ اسين شڪرگذار ٿيون ۽ اهڙي ادب ۽ خوف سان عبادت ڪريون جو اها خدا کي پسند اچي، 29#شر 4:24 ڇاڪاڻ تہ اسان جو خدا ساڙي رک ڪرڻ واري باهہ آهي.