YouVersion Logo
Search Icon

عبرانين 10

10
1ڏسو، شريعت آئندہ ملڻ وارين چڱين شين جو رڳو پاڇو آهي، اها انهن حقيقي شين جي اصلي صورت ناهي. تنهنڪري شريعت مطابق هر سال ساڳيون ئي قربانيون پيش ڪندو رهڻ سان اها شريعت عبادت ڪندڙن کي ڪڏهن بہ خدا وٽ ڪامل نہ ٿي ڪري سگھي. 2جيڪڏهن شريعت ائين ڪري سگھي ها تہ پوءِ اهي قربانيون پيش ڪرڻ بند ٿي وڃن ها. هائو، جيڪڏهن عبادت ڪندڙ هڪ ئي دفعي هميشہ لاءِ پاڪ ٿي وڃن ها، تہ پوءِ اڳتي هنن کي گنهگار هجڻ جو احساس ئي نہ رهي ها. 3پر ان جي بدران اهي قربانيون هر سال ماڻهن کي سندن گناهن جي ياد ڏيارين ٿيون. 4مطلب تہ ائين ٿي نہ ٿو سگھي جو ڏاندن ۽ ٻڪرن جو رت گناهن کي مِٽائي ڇڏي.
5 # زب 40‏:6‏-8 تنهنڪري ئي مسيح دنيا ۾ اچڻ مهل خدا کي چيو تہ
”تو قرباني ۽ نذرانو نہ چاهيو،
پر تو منهنجي لاءِ هڪڙو بدن تيار ڪيو.
6هائو، ساڙڻ وارين قربانين
۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانين کان
تون خوش نہ ٿئين.
7تڏهن مون چيو تہ
’اي خدا! آءٌ آيو آهيان،
انهيءَ لاءِ تہ تنهنجي مرضي پوري ڪريان،‘
جهڙيءَ طرح پاڪ ڪلام ۾ منهنجي باري ۾ لکيل آهي.“
8پهريائين مسيح چيو تہ ”قربانيون، نذرانا، ساڙڻ واريون قربانيون ۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون تو نہ چاهيون، نڪي تون انهن مان خوش ٿئين.“ مسيح ائين چيو جيتوڻيڪ اهي قربانيون شريعت موجب چاڙهيون وڃن ٿيون. 9پوءِ وري چيائين تہ ”آءٌ آيو آهيان، انهيءَ لاءِ تہ تنهنجي مرضي پوري ڪريان.“ اهڙي نموني مسيح اڳئين شرعي انتظام کي رد ڪندي نئون انتظام قائم ڪري ٿو. 10خدا جي انهيءَ مرضيءَ جي نتيجي ۾ اسين عيسيٰ مسيح جي بدن جي هڪڙي ئي دفعي هميشہ لاءِ قربان ٿيڻ جي وسيلي مخصوص ۽ پاڪ ڪيا ويا آهيون.
11 # خر 29‏:38 شريعت موجب هر هڪ ڪاهن روزانو بيهي ديني خدمت ٿو ڪري ۽ هر هر ساڳيون ئي قربانيون ٿو چاڙهي، جيڪي ڪڏهن بہ گناهن کي مِٽائي نہ ٿيون سگھن. 12#زب 110‏:1 پر مسيح هڪڙي ئي قرباني هميشہ جي واسطي چاڙهي گناهن کي مِٽائي ڇڏيو. پوءِ هو ”خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.“ 13انهيءَ وقت کان وٺي هو انتظار ۾ آهي تہ ”سندس دشمنن کي سندس پيرن هيٺان ڪيو وڃي.“ 14سو هن هڪڙي قرباني چاڙهڻ سان انهن کي هميشہ جي لاءِ خدا وٽ ڪامل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي انهيءَ قربانيءَ جي وسيلي مخصوص ۽ پاڪ ڪيا ويا آهن.
15 پاڪ روح بہ انهيءَ باري ۾ اسان کي شاهدي ڏيئي خداوند جو هي فرمان ٻڌائي ٿو تہ
16 # ير 31‏:33 ”جيڪو نئون عهد اچڻ وارن ڏينهن ۾
آءٌ پنهنجي قوم سان ٻڌندس، سو هي آهي تہ
آءٌ پنهنجا قانون سندن دلين ۾ وجھندس،
۽ سندن ذهنن تي اهي نقش ڪندس.“
17 # ير 31‏:34 پاڪ روح خداوند جو وڌيڪ فرمان ٻڌائي ٿو تہ
”هنن جا گناهہ ۽ هنن جون نافرمانيون
آءٌ وري ڪڏهن بہ ياد نہ ڪندس.“
18هاڻي جيئن تہ انهن جي گناهن جي معافي ٿي ويئي آهي، تڏهن سندن گناهن لاءِ قربانيءَ جي ضرورت ئي ناهي رهي.
ثابت قدم رهڻ لاءِ همت‌افزائي ۽ تاڪيد
19تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان کي پورو ڀروسو آهي تہ اسين عيسيٰ جي رت جي وسيلي آسمان واري مقدس ترين جاءِ ۾ داخل ٿي سگھون ٿا. 20عيسيٰ اسان جي لاءِ پردي منجھان هڪ نئون ۽ زندگي ڏيندڙ رستو کولي ڇڏيو آهي ۽ اهو سندس بدن جي قربانيءَ وسيلي آهي. 21هو اسان جو اهڙو عظيم ڪاهن آهي، جيڪو خدا جي گھراڻي جو مختيار آهي. 22#لاو 8‏:30، حز 36‏:25 سو هاڻي جيئن تہ اسان تي مسيح جو رت ڇٽڪاريو ويو آهي، يعني اسان جا ضمير گناهن کان پاڪ ٿيل آهن ۽ اسان جا جسم صاف پاڻيءَ سان ڌوتل آهن، تنهنڪري اچو تہ سچيءَ دل سان ۽ پوري يقين سان خدا کي ويجھا ٿيون. 23اچو تہ جنهن اميد جو اسين اقرار ٿا ڪريون تنهن تي بنا ڪنهن شڪ شبهي جي قائم رهون، ڇاڪاڻ تہ جنهن اسان کي اها اميد ڏني آهي سو سچو آهي. 24اچو تہ اسين پيار ۽ چڱن ڪمن جو هڪٻئي ۾ شوق پيدا ڪرڻ لاءِ ويچار ڪريون. 25اسين پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ ڇڏي نہ ڏيون، جيئن ڪن ماڻهن جي عادت آهي. انهيءَ جي بدران اچو تہ هڪٻئي کي همتائيندا رهون، خاص ڪري ان ڳالهہ کي نظر ۾ رکندي تہ خداوند جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن ويجھو ايندو پيو وڃي.
26ياد رکو، جيڪڏهن اسين سچ جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان پوءِ بہ ڄاڻي‌واڻي گناهہ ڪندا رهون تہ گناهن جي مِٽائڻ لاءِ ڪابہ قرباني اڳتي باقي ناهي رهي. 27#يس 26‏:11 پوءِ رڳو خدا جي عدالت جو خوف ڀريو انتظار ۽ اها ڀڙڪندڙ باهہ باقي رهندي، جيڪا خدا جي دشمنن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي. 28#شر 17‏:6، 19‏:15 جڏهن ڪو ماڻهو موسيٰ جي شريعت کي نہ ٿو مڃي تہ بنا ڪنهن رحم جي ”ٻن يا ٽن ماڻهن جي شاهديءَ تي کيس ماريو ٿو وڃي،“ 29#خر 24‏:8 تڏهن غور ڪريو تہ اهو شخص ڪيڏي نہ وڏي سزا جي لائق ٿيندو، جنهن خدا جي فرزند کي پيرن هيٺ لتاڙيو، عهد جي انهيءَ رت کي ڪين جهڙو سمجھيو جنهن سان کيس مخصوص ۽ پاڪ ڪيو ويو هو ۽ فضل بخشيندڙ روح جي بي‌حرمتي ڪيائين! 30#شر 32‏:35‏،36 هائو، کيس سزا ضرور ملندي، ڇاڪاڻ تہ اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون ٿا جنهن فرمايو آهي تہ ”بدلو وٺڻ منهنجو ڪم آهي، آءٌ ئي سزا ڏيندس.“ وري هي بہ ڄاڻون ٿا تہ ”خداوند پنهنجي قوم جو فيصلو ڪندو.“ 31سو ياد رکو، زندہ خدا جي پڪڙ وڏي خوفناڪ آهي.
32انهن اڳوڻن ڏينهن کي ياد ڪريو، جڏهن سچائيءَ جي روشني حاصل ڪرڻ کان پوءِ اوهان ثابت قدميءَ سان سخت تڪليفن کي منهن ڏنو. 33ڪڏهن تہ اوهين ڦٽ لعنت ۽ ستائجڻ جي ڪري خود سرِعام تماشو بڻيا ۽ ڪڏهن وري اوهان اهڙين حالتن ۾ ڦاٿل ماڻهن جو ساٿ ڏنو. 34جيڪي قيد ۾ هئا، تن سان اوهان همدردي ڪئي ۽ پنهنجي مال ملڪيت جو لٽجي وڃڻ بہ خوشيءَ سان قبول ڪيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان ڄاتو پئي تہ اوهان وٽ انهيءَ کان بهتر ۽ دائمي ملڪيت موجود آهي.
35سو هاڻي اوهين پنهنجي انهيءَ اعتماد کي هٿان وڃڻ نہ ڏيو، جنهن جو اجر عظيم آهي. 36هائو، اوهان کي ثابت قدميءَ سان منهن ڏيڻ گھرجي، انهيءَ لاءِ تہ خدا جي مرضي پوري ڪري اوهين اهو ڪجھہ حاصل ڪريو، جنهن جو خدا پاڻ واعدو ڪيو آهي، جيئن هن پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي تہ
37 # حبق 2‏:3‏-4 ”تمام ٿورو وقت باقي آهي،
جو اچڻ وارو ايندو ۽ دير نہ ڪندو.
38ان وقت جيڪو منهنجو سچار ماڻهو هوندو،
سو ايمان جي وسيلي جيئرو رهندو،
پر جيڪڏهن ڪو پوئتي هٽندو،
تہ آءٌ هن کان خوش نہ ٿيندس.“
39سو اسين پوئتي هٽڻ وارن مان نہ آهيون جو ناس ٿيون، پر اسين انهن مان آهيون جيڪي ايمان رکي پاڻ کي بچائين ٿا.

Currently Selected:

عبرانين 10: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in