1
عبرانين 25:10
Sindhi Bible FB
SB
اسين پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ ڇڏي نہ ڏيون، جيئن ڪن ماڻهن جي عادت آهي. انهيءَ جي بدران اچو تہ هڪٻئي کي همتائيندا رهون، خاص ڪري ان ڳالهہ کي نظر ۾ رکندي تہ خداوند جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن ويجھو ايندو پيو وڃي.
Compare
Explore عبرانين 10:25
2
عبرانين 24:10
اچو تہ اسين پيار ۽ چڱن ڪمن جو هڪٻئي ۾ شوق پيدا ڪرڻ لاءِ ويچار ڪريون.
Explore عبرانين 10:24
3
عبرانين 23:10
اچو تہ جنهن اميد جو اسين اقرار ٿا ڪريون تنهن تي بنا ڪنهن شڪ شبهي جي قائم رهون، ڇاڪاڻ تہ جنهن اسان کي اها اميد ڏني آهي سو سچو آهي.
Explore عبرانين 10:23
4
عبرانين 36:10
هائو، اوهان کي ثابت قدميءَ سان منهن ڏيڻ گھرجي، انهيءَ لاءِ تہ خدا جي مرضي پوري ڪري اوهين اهو ڪجھہ حاصل ڪريو، جنهن جو خدا پاڻ واعدو ڪيو آهي، جيئن هن پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي تہ
Explore عبرانين 10:36
5
عبرانين 22:10
سو هاڻي جيئن تہ اسان تي مسيح جو رت ڇٽڪاريو ويو آهي، يعني اسان جا ضمير گناهن کان پاڪ ٿيل آهن ۽ اسان جا جسم صاف پاڻيءَ سان ڌوتل آهن، تنهنڪري اچو تہ سچيءَ دل سان ۽ پوري يقين سان خدا کي ويجھا ٿيون.
Explore عبرانين 10:22
6
عبرانين 35:10
سو هاڻي اوهين پنهنجي انهيءَ اعتماد کي هٿان وڃڻ نہ ڏيو، جنهن جو اجر عظيم آهي.
Explore عبرانين 10:35
7
عبرانين 26:10-27
ياد رکو، جيڪڏهن اسين سچ جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان پوءِ بہ ڄاڻيواڻي گناهہ ڪندا رهون تہ گناهن جي مِٽائڻ لاءِ ڪابہ قرباني اڳتي باقي ناهي رهي. پوءِ رڳو خدا جي عدالت جو خوف ڀريو انتظار ۽ اها ڀڙڪندڙ باهہ باقي رهندي، جيڪا خدا جي دشمنن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.
Explore عبرانين 10:26-27