Bible App logo
Search Icon

حزقي‌ايل 17

17
ٻن عقابن ۽ ول جو مثال
1 خداوند مون کي فرمايو تہ 2”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل کي هڪڙي نصيحت واري ڪهاڻي مثال طور ٻڌاءِ. 3کين مون خداوند خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ
هڪڙو وڏو عقاب،
جنهن کي وڏا پر ۽ ڊگھيون کنڀڙاٽيون هيون،
سو پنهنجي خوبصورت کنڀن سان اڏامندو
لبنان جي جبلن تي آيو،
۽ ديال جي وڻ جي چوٽيءَ واري ٽاري ڀڃي ڇڏيائين.
4اها کڻي هو سوداگرن جي ملڪ ۾ ويو
۽ سندن هڪڙي شهر ۾ آڻي رکيائين.
5پوءِ هن اسرائيل ملڪ مان ٻج بہ کنيو ۽ اهو آڻي
جھجھي پاڻيءَ جي ڪناري واري زرخيز ٻنيءَ ۾ پوکيائين،
تہ جيئن بيد جي وڻ وانگر 6اهو ٻج اڀري.
اهو هڪڙي ننڍي قد واري انگورن جي ول ٿي پيو.
پوءِ انهيءَ ول پنهنجيون شاخون
عقاب ڏانهن وڌايون ۽ هيٺ پاڙ هنيائين.
انهيءَ کي تمام گھڻيون ٽاريون ۽ پنَ هئا.
7اتي ئي هڪڙو ٻيو وڏو عقاب پڻ رهندو هو،
جنهن کي وڏا وڏا پر ۽ گھڻا کنڀ هئا.
هاڻي ڇا ڏسان! تہ انهيءَ انگورن جي ول
پنهنجي ٻاريءَ کي ڇڏي
پنهنجيون پاڙون انهيءَ عقاب ڏانهن ورايون،
۽ پنهنجيون ٽاريون انهيءَ ڏانهن وڌايائين،
انهيءَ اميد سان تہ اهو ان کي وڌيڪ پاڻي مهيا ڪري.
8پر انگورن جي اها ول اڳ ۾ ئي
جھجھي پاڻيءَ جي ڀر واري زرخيز ٻنيءَ ۾ لڳائي ويئي هئي،
تان‌تہ انهيءَ ۾ گھڻيون ٽاريون نڪرن ۽ اها جھجھو ڦر جھلي،
۽ منجھس عمدا انگور پيدا ٿين.
9هاڻي اي حزقي‌ايل! مون کي ٻڌاءِ تہ
ڇا تون سمجھين ٿو تہ اها انگورن جي ول سرسبز رهندي؟
ڇا پهريون عقاب انهيءَ جون پاڙون پٽي
۽ انهيءَ جو ميوو وڍي نہ اڇلائيندو؟
اهو عقاب انهيءَ لاءِ ائين ڪندو
تہ جيئن اها ول ڪومائجي وڃي،
۽ ان جا سڀيئي تازا نڪرندڙ پن سڪي سڙي وڃن.
انهيءَ کي پاڙن کان پٽي ڪڍڻ لاءِ وڏيءَ طاقت
يا گھڻن ماڻهن جي ضرورت نہ پوندي.
10بيشڪ انهيءَ ول کي پوکيو تہ ويو آهي،
پر ڇا اها سرسبز بہ رهندي؟
ڇا جھولو لڳڻ سان ئي اها بلڪل سڪي سڙي نہ ويندي؟
هائو، اها تہ پنهنجي ٻاريءَ ۾ ئي ڪومائجي ويندي.“
ڏنل مثال جي سمجھاڻي
11 خداوند مون کي فرمايو تہ 12#2.با 24‏:15‏-20، 2.توا 36‏:10‏-13 ”اي حزقي‌ايل! هاڻي تون انهيءَ باغي قوم کان پڇ تہ ’ڇا اوهين انهن ڳالهين جي معنيٰ نہ ٿا سمجھو؟‘ هنن کي چئُہ تہ ’ڏسو، بابل جو بادشاهہ يروشلم تي چڙهائي ڪري آيو ۽ اتي جي بادشاهہ ۽ سندس اميرن کي گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ بابل ڏانهن وٺي ويو. 13هن يهوداہ جي بادشاهي گھراڻي جي هڪڙي ماڻهوءَ کي چونڊي ڪڍيو ۽ انهيءَ سان عهد اقرار ڪري کانئس وفاداريءَ جو قسم ورتائين. هو ملڪ جي وڏن اڳواڻن کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويو. 14انهيءَ لاءِ تہ اها بادشاهت حقير ٿي وڃي ۽ وري پنهنجو ڪنڌ مٿي کڻي نہ سگھي، پر ساڻس ڪيل عهد اقرار تي هلندي قائم رهي. 15پر يهوداہ جي بادشاهہ ساڻس بغاوت ڪئي ۽ پنهنجا ايلچي مصر ڏانهن موڪليائين تہ هو کيس گھوڙا ۽ وڏو لشڪر ڏياري موڪلي. ڇا اهو بادشاهہ ڪامياب ٿيندو؟ ڇا هو اهڙا ڪم ڪري بابل جي بادشاهہ کان بچي ويندو؟ ڇا هو عهد اقرار ٽوڙي سزا کان بچي سگھندو؟
16آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ يقيناً جنهن بادشاهہ انهيءَ کي يهوداہ جو بادشاهہ بڻايو ۽ جنهن جي قسم کي هن حقير ڄاتو ۽ سندس عهد اقرار کي هن ٽوڙيو، تنهن جي ملڪ بابل ۾ ئي هو مرندو. 17پر جڏهن بابل وارا يهوداہ جي شهرن تي حملو ڪندي مٽيءَ جا دِڪا ٺاهيندا ۽ مورچا اڏيندا، انهيءَ لاءِ تہ يهوداہ جي ماڻهن کي ماري ڇڏين، تڏهن #17‏:17 فرعون هي مصر ملڪ جي بادشاهن جو لقب هو. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“ فرعون پنهنجي وڏي لشڪر ۽ ماڻهن جي وڏي انبوہ هوندي بہ جنگ ۾ يهوداہ جي مدد ڪري نہ سگھندو. 18جيئن تہ يهوداہ جي بادشاهہ پاڻ قسم کي حقير ڄاتو ۽ عهد اقرار ٽوڙيو، تنهنڪري هو سزا کان بچي ڪين سگھندو.
19تنهنڪري آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ جيئن تہ هن منهنجو نالو وٺي قسم کنيو هو ۽ عهد اقرار ڪيو هئائين. پر هاڻي جڏهن هن اهو قسم ٽوڙي منهنجي نالي کي حقير ڄاتو آهي سو آءٌ هن کي سندس ڪيل ڪم جي سزا ضرور ڏيندس. 20آءٌ پنهنجو ڄار مٿس اڇلائي کيس ڦندي ۾ ڦاسائيندس. آءٌ کيس گهلي بابل ۾ وٺي ايندس ۽ اتي سزا ڏيندومانس، ڇاڪاڻ تہ هن مون سان بي‌وفائي ڪئي. 21هن جا بهترين سپاهي جنگ ۾ مارجي ويندا ۽ باقي بچي ويل چئني طرفن ڏانهن ٽڙي پکڙي ڀڄي ويندا. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ اهو مون خداوند جو ئي فرمان آهي.‘“
بني اسرائيل جي بادشاهت جي بحاليءَ جي اميد
22 خداوند خدا فرمائي ٿو تہ
”آءٌ ڪنهن ڏينهن ڊگھي ديال جي وڻ
جي مٿاهين چوٽيءَ مان هڪ ٽاري وڍي کڻندس.
هائو، انهيءَ وڻ جي چوٽيءَ وارين ننڍين ٽارين مان
آءٌ هڪڙي سنهڙي ٽاري وڍي انهيءَ جبل تي پوکيندس،
23جيڪو بني اسرائيل جي ملڪ جو مٿاهون ۽ بلند جبل آهي.
اها ٽاري شاخون ڪڍندي ۽ ڦر جھليندي
۽ ديال جو هڪ عاليشان وڻ ٿي پوندي.
انهيءَ ۾ هر قسم جا پکي اچي رهندا
۽ ان جي ٽارين جي ڇانوَ ۾ پناهہ وٺندا.
24ٻيلي جا سڀ وڻ ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.
آءٌ ئي آهيان جيڪو بلند وڻن کي هيٺ ڪيرائي ٿو ڇڏيان
۽ ننڍن وڻن کي وڌائي وڏو ٿو ڪريان.
آءٌ ئي آهيان جيڪو سائي وڻ کي سڪائي ٿو ڇڏيان
۽ سڪل وڻ کي سائو ڪري ٿو ڇڏيان.
اهو مون خداوند جو فرمان آهي،
۽ اهو سڀ ڪجھہ آءٌ ئي ڪري ڏيکاريندس.“

Currently Selected:

حزقي‌ايل 17: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in