18
جيڪو گناهہ ڪندو سو ئي لوڙيندو
1 خداوند مون حزقيايل کي بني اسرائيل لاءِ هي پيغام ڏنو تہ 2#ير 31:29 ”اي بني اسرائيل! اوهين پنهنجي ملڪ تي آيل مصيبت بابت اها پراڻي چوڻي ڇو استعمال پيا ڪريو تہ ’کٽا انگور کاڌا ابن ڏاڏن، ڏند کٽا ٿي پيا وري سندن اولاد جا‘؟ 3پر هاڻي آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ اها چوڻي اڳتي وري اوهان ۾ ٻڌڻ ۾ نہ ايندي. 4ياد رکو، اوهان جون سڀ جانيون منهنجيون آهن، جهڙي والدين جي جان تهڙي اولاد جي جان. جيڪا جان گناهہ ڪندي سا ئي موت جي سزا لوڙيندي.
5فرض ڪريو تہ اوهان مان ڪو ماڻهو سچار هجي ۽ هميشہ انصاف ۽ سچائيءَ وارا ڪم ڪندو هجي. 6#لاو 18:19،20 هن ڪڏهن بہ بتن تي قربان ڪيل گوشت نہ کاڌو هجي ۽ نہ وري اوهان بني اسرائيل جي بتن جي پوڄا ڪئي هجائين. هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال جي بيحرمتي نہ ڪئي هجي ۽ نہ وري ڪنهن عورت جي حيض واري وقت ۾ ساڻس ستو هجي. 7#شر 24:10-13 هن ڪنهن تي ظلم نہ ڪيو هجي، بلڪ قرضدار کي سندس گروي رکيل شيءِ بہ موٽائي ڏني هجي. هن ڪنهن کي بہ زور زبردستيءَ سان لٽيو ڦريو نہ هجي، بلڪ بکايلن کي پنهنجي مانيءَ مان ڏنو هجي ۽ اگھاڙن کي ڪپڙا ڍڪايا هجن. 8#لاو 25:36-37 هن ڪڏهن بہ وياج تي پئسا نہ ڏنا هجن. اهو بڇڙائيءَ کان پري رهيو هجي ۽ ماڻهن جي وچ ۾ صحيح انصاف ڪندو هجي. 9#لاو 18:5 اهو منهنجي قاعدن قانونن تي هليو هجي ۽ منهنجي حڪمن تي عمل ڪندي سچائيءَ واري هلت هلندو رهيو هجي. اهو ئي سچار ٻانهو آهي ۽ آءٌ خداوند خدا واعدو ٿو ڪريان تہ اهو مرندو ڪونہ پر جيئرو رهندو.
10پر انهيءَ ماڻهوءَ جو ڪو پٽ جيڪڏهن ڌاڙيل يا خوني هجي ۽ هن انهن گناهن مان سڀيئي گناهہ ڪيا هجن 11جيڪي سندس پيءُ ڪڏهن نہ ڪيا هئا، جيئن تہ بتن آڏو پيش ڪيل قربانيون کائڻ، پنهنجيءَ زال کان سواءِ ٻي ڪنهن عورت سان زنا ڪرڻ، 12مسڪينن ۽ محتاجن تي ظلم ڪرڻ، زور ۽ زبردستيءَ سان ڦر مار ڪرڻ، ماڻهن جون گروي رکيل شيون کين موٽائي نہ ڏيڻ، بتن جي پوڄا ۽ ٻيا ڪراهت جهڙا ڪم ڪرڻ 13۽ وياج تي پئسا ڏيڻ، تہ پوءِ ڇا اهو ماڻهو جيئرو رهي سگھندو؟ نہ، اهو هرگز جيئرو نہ رهندو. هائو، جنهن اهي سڀ ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن، سو ضرور لوڙيندو ۽ اهو پنهنجي خون جو پاڻ ذميوار هوندو.
14پر فرض ڪريو تہ انهيءَ گنهگار شخص کي هڪ اهڙو پٽ پيدا ٿئي ٿو جيڪو پنهنجي پيءُ جي ڪيل سڀني گناهن کي ڏسي بيزار ٿئي ٿو ۽ پيءُ جهڙا ڪم نہ ٿو ڪري. 15هو اوهان بني اسرائيل جي بتن جي پوڄا نہ ٿو ڪري، نہ وري انهن بتن آڏو ڪيل قربانيون کائي ٿو. اهو پنهنجيءَ زال کان سواءِ ٻي ڪنهن بہ عورت سان زنا نہ ٿو ڪري. 16اهو نہ ڪنهن تي ظلم ٿو ڪري ۽ نہ وري ڪنهن کان اوڌر جي بدلي شيون گروي رکي ٿو. اهو ڪنهن کان زور زبردستي ڦرلُٽ نہ ٿو ڪري. اهو بکايلن کي پنهنجي کاڌي مان کارائي ٿو ۽ اگھاڙن کي ڪپڙا ڍڪائي ٿو. 17اهو بڇڙائيءَ کان باز رهي ٿو ۽ وياج نہ ٿو کائي، بلڪ اهو منهنجي حڪمن کي مڃي ٿو ۽ منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ٿو ڪري. اهو پنهنجي پيءُ جي گناهن جي ڪري نہ لوڙيندو ۽ ضرور جيئرو رهندو. 18باقي سندس پيءُ، جنهن بيرحميءَ سان ظلم ڪيا، پنهنجي قوم وارن کي زور زبردستيءَ سان ڦريو ۽ پنهنجي قوم ۾ نيڪوڪار نہ رهيو، سو پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري ضرور لوڙيندو.
19انهيءَ هوندي بہ اوهين پڇو ٿا تہ ’ائين ڪيئن ٿو ٿي سگھي جو اولاد پنهنجي والدين جي گناهن جي سزا نہ لوڙي!‘ انهيءَ جو جواب هي آهي تہ جيڪڏهن اولاد مان ڪو انصاف ۽ سچائيءَ وارا ڪم ڪري ٿو ۽ منهنجي سڀني قاعدن قانونن کي مڃيندي انهن تي عمل ڪري ٿو تہ اهو ضرور جيئرو رهندو ۽ والدين جي ڪري نہ لوڙيندو. 20#شر 24:16 رڳو اهو ئي ماڻهو سزا لوڙيندو جيڪو گناهہ ڪري ٿو. نڪي اولاد والدين جي گناهن جي سزا لوڙيندو ۽ نہ وري والدين اولاد جي گناهن جي. نيڪ ماڻهوءَ کي سندس نيڪيءَ جو اجر ملندو ۽ بدڪار ماڻهوءَ کي سندس ڪيل بڇڙائين جي سزا ملندي.
21پر جيڪڏهن ڪو بدڪار ماڻهو پنهنجي سڀني گناهن کان باز ايندو ۽ توبهہتائب ٿيندو ۽ منهنجي سڀني قاعدن قانونن کي مڃيندي انهن تي انصاف ۽ سچائيءَ سان عمل ڪندو تہ اهو ضرور جيئرو رهندو ۽ لوڙيندو نہ. 22انهيءَ جا سموارا گناهہ معاف ڪيا ويندا ۽ جيڪا نيڪي هو ڪندو تنهن جي ڪري هو جيئرو رهندو. 23ڇا اوهين سمجھو ٿا تہ آءٌ خداوند خدا بدڪارن کي موت جي سزا ڏيندي خوش ٿو ٿيان؟ نہ، هرگز نہ، بلڪ منهنجي خوشي تہ انهيءَ ۾ آهي تہ هو پنهنجي بري راهہ کان باز اچي ۽ جيئرو رهي.
24پر جيڪڏهن ڪو سچار ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري وڃي ٿو ۽ گناهہ ڪري ٿو ۽ اُهي سڀ ڪراهت جهڙا ڪم ڪري ٿو جيڪي بدڪار ماڻهو ڪندا آهن، تڏهن ڇا اهو جيئرو رهندو؟ نہ، هرگز نہ، بلڪ هن جيڪي بہ سچائيءَ جا ڪم ڪيا هوندا سي وساريا ويندا. هو پنهنجي نافرمانيءَ ۽ ڪيل گناهن جي ڪري ضرور لوڙيندو.
25انهيءَ هوندي بہ اوهين شڪايت ٿا ڪريو تہ ’پروردگار جيڪي ڪجھہ اسان سان ڪري ٿو سو درست نہ آهي.‘ پر هاڻي اي بني اسرائيل! اوهين جيڪي منهنجي ڪيل ڪمن کي درست نہ ٿا سمجھو، سي ٻڌو، اوهان جا تہ پنهنجا ئي عمل درست نہ آهن. 26جڏهن ڪو سچار ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري گناهہ ڪرڻ لڳي ٿو، تڏهن هو پنهنجي ڪيل گناهن جي ڪري ئي لوڙيندو. 27وري جڏهن ڪو بدڪار ماڻهو پنهنجي ڪيل بڇڙاين کان توبهہتائب ٿئي ٿو ۽ منهنجي قاعدن قانونن کي مڃيندي انهن تي عمل ڪري ٿو، تڏهن اهو پنهنجي موت جي سزا کان بچي وڃي ٿو. 28جيئن تہ هو سوچي سمجھي پنهنجي سڀني ڪيل گناهن کان توبهہتائب ٿئي ٿو، تنهنڪري هو يقيناً جيئرو رهندو ۽ موت جي سزا نہ لوڙيندو. 29انهيءَ هوندي بہ اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ ’پروردگار جيڪي ڪجھہ اسان سان ڪري ٿو سو درست نہ آهي‘؟ سو اي بني اسرائيل! منهنجو اهو عمل ڪيئن درست ناهي؟ جڏهن تہ اوهان جا پنهنجا عمل ئي غلط آهن.
30هاڻي اي بني اسرائيل! آءٌ خداوند خدا اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آءٌ اوهان مان هر هڪ کي سندس عملن موجب بدلو ڏيندس. تنهنڪري اوهين توبهہتائب ٿيو ۽ پنهنجي گناهن کان باز اچو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي بڇڙائي اوهان جي برباديءَ جو سبب نہ بڻجي. 31جن گناهن ڪرڻ ڪري اوهين گنهگار بڻيا آهيو، تن سڀني کان پاڻ کي پري رکو. اوهين پنهنجي سوچ بدلائي نئين دل ۽ نئون ذهن پيدا ڪريو. اي بني اسرائيل! ڇو اوهين مرڻ ٿا گھرو؟ 32مون خداوند خدا کي ڪنهن جي بہ مرڻ تي خوشي ڪانہ ٿي ٿئي، تنهنڪري پنهنجي گناهن کان توبهہتائب ٿيو تہ جيئن جيئرا رهي سگھو.“