16
يروشلم هڪ بيوفا زال مثل
1 خداوند وري مون کي فرمايو تہ 2”اي حزقيايل، آدم جو اولاد! تون يروشلم جي وسنديءَ کي ٻڌائي ڇڏ تہ انهيءَ ڪهڙا ڪهڙا ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن. 3تون يروشلم کي مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي يروشلم جي وسندي! تنهنجو ڄائي ڄم جو وطن ڪنعان ملڪ آهي. تنهنجو پيءُ #16:3 اموري ۽ حتي بني اسرائيل هنن قومن کي بدڪردار ۽ بتپرست سمجھندا هئا.اموري هو ۽ تنهنجي ماءُ حتي هئي. 4تنهنجي ڄمڻ جو احوال هن طرح آهي جو جنهن ڏينهن تون ڄائي هئينءَ، تنهن ڏينهن ڪنهن بہ تنهنجو ناڙو نہ وڍيو، نڪي ڪنهن تو کي غسل ڪرائي صاف ڪيو. نڪي ڪنهن تنهنجي بدن کي #16:4 لوڻ سان مهٽيو گھڻو ڪري انهيءَ زماني ۾ نئين ڄاول ٻار کي لوڻ ۽ زيتون جي تيل سان مهٽيو ويندو هو.لوڻ سان مهٽيو ۽ نہ وري ڪنهن تو کي ڪپڙي ۾ ويڙهيو. 5ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي تو تي ايترو قياس بہ نہ پيو جو انهن ڪمن مان ڪو هڪڙو ئي تنهنجي لاءِ ڪري ۽ تو لاءِ ڪا شفقت ڏيکاري، بلڪ جنهن ڏينهن تون ڄائي هئينءَ، انهيءَ ڏينهن ئي تنهنجو بدن اهڙو نفرت جهڙو هو جو تو کي کُليل ميدان ۾ کڻي اڇلايو هئائون.
6پوءِ جڏهن آءٌ تو وٽان اچي لنگھيس ۽ تو کي تنهنجي ڄم جي رت ۾ ليٿڙندي ڏٺم، تڏهن جيتوڻيڪ تون ڄم جي رت ۾ ٻڏل هئينءَ تہ بہ تو کي مرڻ نہ ڏنم، بلڪ تو کي چيم تہ ”جيئري رهہ 7۽ جھنگ جي ٻوٽن وانگر وڌندي رهہ.“ سو تون وڌي بالغ ٿينءَ. تنهنجيون ڇاتيون اُڀرڻ لڳيون ۽ تنهنجو بدن ڀرجي ويو. پر پوءِ بہ تون اگھاڙي ۽ ننگي ئي رهينءَ.
8پوءِ وري جڏهن آءٌ تو وٽان لنگھيس تہ تو ڏانهن نهاريم ۽ ڏٺم تہ تنهنجي عمر عشق جي عمر کي اچي پهتي آهي. سو مون پنهنجي چادر تو تي وڌي ۽ تنهنجي اوگھڙ ڍڪيم. هائو، مون خداوند تو سان قسم کڻي عهد اقرار ڪيو ۽ تون منهنجي ٿي وئينءَ. 9پوءِ مون تو کي پاڻيءَ سان وهنجاري تنهنجي بدن تي لڳل رت چڱيءَ طرح ڌوئي صاف ڪئي ۽ تو کي زيتون جو تيل مکيم. 10مون تو کي سهڻي ڀرت وارا ڪپڙا بہ ڍڪايا ۽ عمدي چمڙي جي جتي بہ پارايم، عمدي سڻيءَ جي ڪپڙي جو پٽو تنهنجي مٿي سان ٻڌم ۽ تو کي قيمتي ڪپڙي جي چادر ڍڪايم. 11مون تو کي زيورن سان سينگاريو. تنهنجي هٿن ۾ ڪنگڻ ۽ ڳچيءَ ۾ هار پارايم. 12تنهنجي نڪ ۾ نٿ وڌم ۽ تنهنجي ڪنن ۾ واليون پارايم ۽ تنهنجي مٿي تي هڪڙو سهڻو تاج رکيم. 13اهڙيءَ طرح تو کي سون ۽ چانديءَ سان سينگاريم. تو هميشہ عمدي ۽ قيمتي ڪپڙي جي پوشاڪ پاتي، جنهن تي ڀرت جو ڪم ٿيل هو. تو عمدي ميدي واري ماني، ماکي ۽ زيتون جو تيل پئي کاڌو. تون ڄڻ تہ ڪا شهزادي ٿي پئينءَ جيڪا تمام خوبصورت هجي. 14تنهنجي حسن جي هاڪ ٻين قومن تائين وڃي پهتي. مون خداوند پنهنجي شان وَ شوڪت مان تو کي اهڙو حسنِ ڪامل بخشيو.
15پر تو پنهنجي خوبصورتيءَ جو ناجائز فائدو ورتو ۽ پنهنجي مشهوريءَ جي وسيلي زناڪاري ڪرڻ لڳينءَ. تون پاڻ وٽان لنگھندڙ هر واٽهڙوءَ سان ٿي سمهينءَ ۽ انهيءَ جي ٿي وئينءَ ٿي. 16تو پنهنجي ڪپڙن مان ڪجھہ ڪپڙا پوڄا وارين جاين کي سينگارڻ لاءِ استعمال ڪيا ۽ اتي ڪسبياڻيءَ وانگر تو اهڙي تہ زناڪاري ڪرائي جو اهڙي نہ ڪڏهن ٿي آهي ۽ نہ ٿيندي. 17تو منهنجا ڏنل سون ۽ چانديءَ جا سهڻا زيور ڪڍي انهن مان پنهنجي لاءِ مردن جون مورتيون جوڙايون ۽ انهن سان زناڪاري ڪئي. 18تو پنهنجا ڀرت وارا ڪپڙا ڪڍي انهن مورتين کي ڍڪايا ۽ منهنجو ڏنل زيتون جو تيل ۽ لوبان کڻي وڃي انهن اڳيان رکيو. 19جيڪو کاڌو مون تو کي ڏنو هو، يعني اهو ميدو، زيتون جو تيل ۽ ماکي جيڪي آءٌ تو کي کارائيندو هئس، سي بہ تو خوشبو واري قربانيءَ طور انهن بتن آڏو وڃي رکيا. مون خداوند اهو سڀ ڪجھہ پئي ڏٺو. 20تنهن کان سواءِ تو پنهنجا اهي پٽ ۽ ڌيئر جيڪي تو کي مون مان پيدا ٿيا هئا، سي وٺي وڃي تو انهن بتن آڏو قربان ڪري ڇڏيا تہ جيئن اهي کين کائي ڇڏين. تنهنجيون زناڪاريون ڪي گھٽ هيون ڇا، 21جو تو منهنجي ٻارن کي بہ ڪهي ڇڏيو ۽ کين باهہ ۾ ساڙي بتن آڏو قربان ڪيو؟ 22ڪسبياڻيءَ طور پنهنجي ڪراهت جهڙي زندگي گذارڻ دوران تو ڪڏهن هڪڙو دفعو بہ پنهنجي ننڍپڻ کي ياد نہ ڪيو، جڏهن تون ننگي ۽ اگھاڙي پيئي هئينءَ ۽ ڄم جي رت ۾ پئي ليٿڙينءَ.‘“
يروشلم جي ڪسبياڻيءَ واري زندگي
23 خداوند خدا فرمايو تہ ”ويل آهي تو لاءِ ويل! اي يروشلم جي وسندي! تو نہ رڳو اهي سڀ بڇڙا ڪم ڪيا، 24بلڪ تو هر گھٽيءَ جي چونڪ تي اهڙيون جايون ٺاهيون جتي تون بتن جي پوڄا ڪرين ۽ زناڪاري ڪرين. 25هائو، هر رستي جي چونڪ ۾ تو بتن جي پوڄا لاءِ جاءِ ٺهرائي ۽ پنهنجي خوبصورتيءَ کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيئِہ، جو جيڪو ٿي لنگھيو تنهن جي لاءِ تو ٽنگون ٿي ٽيڙيون ۽ زناڪاريءَ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندي رهينءَ. 26تو پنهنجي مصري يارن سان بہ زناڪاري ڪئي جيڪي تو سان سمهڻ لاءِ هميشہ آتا رهندا هئا. اهڙيءَ طرح تو زناڪاري وڌائي مون کي غصو ڏياريو.
27تنهنڪري ڏس، تو کي سزا ڏيڻ لاءِ مون پنهنجو هٿ تو تي کنيو آهي ۽ پنهنجي برڪتن مان تنهنجو حصو ختم ڪيو اٿم. مون تو کي انهن فلستين جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي تو کان نفرت ٿا ڪن ۽ تنهنجي زناڪاريءَ وارن ڪمن کان بيزار آهن.
28جيئن تہ زناڪاريءَ مان تنهنجو ڍءُ ئي نہ ٿي ٿيو سو تو اشورين سان بہ زناڪاري ڪئي. هائو، تو انهن سان بہ بدڪاري ڪئي پر تڏهن بہ تنهنجو ڍءُ نہ ٿيو. 29تنهن کان سواءِ تو تجارت ڪندڙ بابلين سان بہ پنهنجي زناڪاري وڌائي ڇڏي. تڏهن انهن مان بہ تنهنجو ڍءُ نہ ٿيو.“
30اهو ئي سبب آهي جو خداوند خدا فرمائي ٿو تہ ”تون اهي سڀ ڪم ڪري ٿي ڇڏين جيڪي هڪ بيحيا ڪڃريءَ جا ڪم آهن. تنهنڪري مون کي تو تي سخت ڪاوڙ آهي. 31تو هر گھٽيءَ ۾ اهڙيون جايون جوڙيون آهن، جتي بتن جي پوڄا ۽ زناڪاري ڪئي اٿيئي. پر پوءِ بہ تون انهيءَ ڪڃريءَ جهڙي بہ ناهين جيڪا پنهنجي اجرت وٺي ٿي. 32اي زناڪار عورت! تون پنهنجي مڙس جي بدران ڌارين کي قبول ٿي ڪرين. 33سڀيئي ڪڃريون ماڻهن کان اجرت وٺن ٿيون، پر تون پنهنجي سڀني يارن کي بخششون ۽ رشوتون ڏيئي لالچائين ٿي تہ جيئن اهي هر طرف کان تو وٽ اچي تو سان زنا ڪن. 34سو تون زناڪاريءَ ۾ ٻين عورتن جهڙي ناهين، ڇاڪاڻ تہ زناڪاريءَ لاءِ ڪوبہ ماڻهو پاڻيهي تنهنجي پٺيان لڳي نہ ٿو اچي، بلڪ تون انهن کي خرچي ٿي ڏئين، انهن کان خرچي وٺين نہ ٿي. تنهنڪري تون عجيب قسم جي زناڪار آهين.“
يروشلم لاءِ سزا
35 خداوند فرمائي ٿو تہ ”سو اي ڪڃري، يروشلم جي وسندي! منهنجي ڳالهہ ٻڌ. 36آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ تون پنهنجي آسپاس وارن يارن پٺيان وڃي ڪپڙا لاهي هڪڙي ڪڃريءَ وانگر ساڻن زناڪاري ڪرڻ لاءِ آتي آهين. تو پنهنجي ڪراهت جهڙن بتن جي پوڄا پڻ ڪئي آهي ۽ پنهنجيءَ ئي اولاد کي انهن جي آڏو قربان ڪري سندن رت وهايو اٿيئي. 37ڏس، انهيءَ جي بدلي آءٌ تنهنجا اهي سڀ يار جن تو سان مزا پئي ماڻيا، هائو، اهي سڀ جن کي تو پيار پئي ڪيو آهي ۽ اهي سڀ بہ جن کي تو پئي ڌڪاريو آهي، سي آڻي گڏ ڪندس. آءٌ انهن کي هر طرف کان آڻي تنهنجي خلاف گڏ ڪندس. هنن جي اڳيان آءٌ تنهنجي اوگھڙ ظاهر ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ ڀلي تہ اهي تو کي پوريءَ طرح اگھاڙو ڏسن. 38آءٌ تو تي اهڙي فتويٰ جاري ڪندس، جهڙي ڪنهن زناڪار ۽ خون وهائيندڙ عورت تي جاري ڪئي ويندي آهي. آءٌ پنهنجي غصي ۽ غيرت سببان تو کي موت جي سزا ڏيندس.
39اهو سڀ ڪجھہ تڏهن ٿيندو جڏهن آءٌ تو کي تنهنجي يارن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس. هو تنهنجي زناڪاريءَ وارين جاين ۽ بتن جي پوڄا وارن هنڌن کي ڊاهي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندا. اهي تنهنجا ڪپڙا لاهي کڻي ويندا ۽ تنهنجا سهڻا زيور کسي وٺندا. هائو، هو تو کي خالي هٿئين ۽ بلڪل اگھاڙو ڪري ڇڏي ويندا. 40هو تو تي ماڻهن جا ميڙ آڻي تو کي سنگسار ڪري ماريندا ۽ تنهنجي لاش کي پنهنجي تلوارن سان ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندا. 41هو تنهنجي گھرن کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندا ۽ #16:41 عورتن جا ميڙ يعني ٻيون قومون.عورتن جا ميڙ پنهنجي اکين سان تو کي سزا کائيندي ڏسندا. پوءِ تون زناڪاري ڪري نہ سگھندينءَ ۽ نہ وري اڳتي پنهنجي يارن کي خرچي ڏيئي سگھندينءَ. 42تڏهن ئي منهنجو قهر تو تي ڍرو ٿيندو ۽ منهنجي غيرت ماٺي ٿيندي. ائين آءٌ ماٺ ڪندس ۽ تو تي وڌيڪ ڪاوڙ نہ ڪندس. 43تو اهي ڏينهن وساري ڇڏيا آهن تہ ڪيئن نہ مون تنهنجي پرورش ڪئي جڏهن تون اڃا ننڍپڻ ۾ هئينءَ، پر تو پنهنجي سڀني ڪمن سان مون کي ڪاوڙائي ڇڏيو آهي. تنهنڪري ياد رک، آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ آءٌ بہ تنهنجي چال چلت جي سزا تنهنجي ئي سر تي آڻيندس.“
جهڙي ماءُ تهڙي ڌيءُ
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! ڇا تو پنهنجي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن کان علاوہ زناڪاري پڻ نہ ڪئي آهي؟ 44ماڻهو تو بابت هي پهاڪو ڪم آڻيندا تہ ’جهڙي ماءُ تهڙي ڌيءَ.‘ 45تون سچ پچ پنهنجي انهيءَ ماءُ جي ڌيءَ آهين، جنهن پنهنجي مڙس ۽ پنهنجي اولاد کان نفرت ٿي ڪئي. هائو، تون پنهنجي انهن ڀينرن جي ڀيڻ آهين، جن پنهنجي مڙسن ۽ پنهنجي اولاد کي ڌڪاريو ٿي. ڄڻ تہ تنهنجي ماءُ #16:45 اموري ۽ حتي ڏسو 16:3.حتي هئي ۽ تنهنجو پيءُ اموري هو.
46تنهنجي #16:46 وڏي ڀيڻ سامريہ ۽ ننڍي ڀيڻ سدوم جيتوڻيڪ سدوم شهر سامريہ شهر کان تمام آڳاٽو هو، تہ بہ سامريہ اسرائيل ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ هجڻ ڪري وڌيڪ اهميت وارو هو، تنهنڪري سامريہ کي وڏي ڀيڻ ڪيو ويو آهي.وڏي ڀيڻ سامريہ جي وسندي هئي، جيڪا پنهنجي پسگردائيءَ جي ڳوٺن سميت تنهنجي اتر طرف هئي. تنهنجي ننڍي ڀيڻ سدوم جي وسندي هئي، جيڪا پنهنجي پسگردائيءَ جي ڳوٺن سميت تنهنجي ڏکڻ طرف هئي. 47تون نہ رڳو انهن جي راهہ تي هلي آهين ۽ نہ فقط انهن جهڙا بڇڙا ڪم ڪيا اٿيئي، بلڪ تو تہ پنهنجي سڀني ڪمن ۾ هنن کان بہ وڌيڪ بڇڙائي ڪري کانئن گوءِ کڻي ويئي آهين. 48آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ تنهنجي ڀيڻ سدوم جي وسنديءَ ۽ ان جي ڳوٺن بہ اهڙي بڇڙائي نہ ڪئي هئي جهڙي تو ۽ تنهنجي ڳوٺن ڪئي آهي. 49ڏس، تنهنجي ڀيڻ سدوم جي وسنديءَ ۽ ان جي ڳوٺن جو قصور اهو هو جو کين انهيءَ ڳالهہ جو غرور هو تہ کين کائڻ لاءِ جھجھي خوراڪ ۽ عيش وَ آرام هو، پر هنن مسڪينن ۽ محتاجن جي دستگيري نہ ٿي ڪئي. 50اهي مغرور ۽ هٺيليون هيون ۽ اهڙا ڪم ڪنديون هيون جن کان مون کي نفرت هئي. تنهنڪري مون انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيو، جنهن بابت تون چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿي.
51سامريہ جي وسنديءَ تہ تنهنجي گناهن جي اڌ جيترا بہ گناهہ نہ ڪيا هئا. تون ڪراهت جي ڪمن ڪرڻ ۾ انهن ٻنهي کان گوءِ کڻي ويئي آهين. تنهنجي بڇڙن ڪمن جي ڀيٽ ۾ تنهنجي ٻنهي ڀينرن ڄڻ تہ ڪجھہ ڪيو ئي نہ هو. 52تنهنجي ڀينرن جي گناهن کان تنهنجا گناهہ وڌيڪ ڪراهت جهڙا آهن. سو اهي تو کان گھٽ قصوروار آهن. تنهنڪري تون پنهنجي سزا جي پاڻ ذميوار آهين. سو تون ذليل ۽ خوار خراب ٿيندينءَ، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي بڇڙن ڪمن جي نسبت تنهنجي ڀينرن ڄڻ تہ ڪجھہ ڪيو ئي ڪونہ هو.“
سدوم ۽ سامريہ جي بحالي
53-55خداوند يروشلم کي فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! تنهنجين ڀينرن سدوم ۽ سامريہ جي وسندين ۽ سندن آسپاس وارن ڳوٺن جي اڳوڻي خوشحالي وري بحال ٿيندي. انهيءَ وقت تون ذليل وَ خوار ٿيڻ ڪري پنهنجي ٻنهي ڀينرن جي لاءِ تسليءَ جو باعث بڻبينءَ، ڇاڪاڻ تہ هنن جا گناهہ تو کان گھٽ آهن. تنهن هوندي بہ جڏهن تنهنجي ڀينرن سدوم ۽ سامريہ جي اڳئين خوشحالي وري بحال ٿيندي، تڏهن تون بہ پنهنجي آسپاس وارن ڳوٺن سميت اڳوڻي خوشحاليءَ تي بحال ٿيندينءَ. 56ڇا تون اڳي پنهنجي مغروريءَ وارن ڏينهن ۾ پنهنجي ڀيڻ سدوم جي وسنديءَ جي خواريءَ جو ذڪر ٽوڪ طور نہ ڪندي هئينءَ؟ 57اهو سڀ ڪجھہ تنهنجي بڇڙائي ظاهر ٿيڻ کان اڳ ٿيو. پر هاڻي تون بہ انهيءَ جهڙي ٿي پيئي آهين. تنهنڪري هاڻي تنهنجيون آسپاس واريون سڀ قومون، ادومين ۽ فلستين سميت تو کي ملامت ٿيون ڪن ۽ تو کي ڌڪارين ٿيون. 58سو تو کي پنهنجي بدڪارين ۽ ڪراهت جهڙن ڪمن جي سزا ضرور ملندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
خداوند جو يروشلم سان واعدو
59 #
شر 27:11-26
خداوند خدا فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم جي وسندي! آءٌ تو سان اهڙو ئي هلندس، جنهن جي تون لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تو پنهنجي قسم کي حقير ڄاڻيندي عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي. 60انهيءَ هوندي بہ مون کي پنهنجو اهو عهد ياد آهي، جيڪو مون تنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ تو سان ڪيو هو. آءٌ انهيءَ عهد کي هميشہ تائين قائم رکندس. 61جڏهن تون پنهنجي وڏي ۽ ننڍي ٻنهي ڀينرن سان وري ملندينءَ، تڏهن تون پنهنجي چال چلت کي ياد ڪري شرمسار ٿيندينءَ. آءٌ اهي تو کي ڌيئرون ڪري عطا ڪندس، پر اهو سڀ ڪجھہ منهنجي انهيءَ عهد اقرار جو حصو نہ هوندو. 62آءٌ تو سان پنهنجو عهد اقرار نئين سر قائم ڪندس، تڏهن تون ڄاڻي وٺندينءَ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان. 63آءٌ تنهنجيون ڪيل سڀيئي بدڪاريون معاف ڪري ڇڏيندس. پر تون اهي ياد ڪري پشيمان ٿيندينءَ ۽ شرم وچان وري اڳتي هڪ لفظ بہ نہ ڪڇندينءَ. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“