خداوند خدا فرمائي ٿو تہ
”آءٌ ڪنهن ڏينهن ڊگھي ديال جي وڻ
جي مٿاهين چوٽيءَ مان هڪ ٽاري وڍي کڻندس.
هائو، انهيءَ وڻ جي چوٽيءَ وارين ننڍين ٽارين مان
آءٌ هڪڙي سنهڙي ٽاري وڍي انهيءَ جبل تي پوکيندس،
جيڪو بني اسرائيل جي ملڪ جو مٿاهون ۽ بلند جبل آهي.
اها ٽاري شاخون ڪڍندي ۽ ڦر جھليندي
۽ ديال جو هڪ عاليشان وڻ ٿي پوندي.
انهيءَ ۾ هر قسم جا پکي اچي رهندا
۽ ان جي ٽارين جي ڇانوَ ۾ پناهہ وٺندا.