YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 8

8
1‏-2پوءِ ڪن ديندار ماڻهن استيفنس کي دفنايو ۽ انهيءَ لاءِ ڏاڍو سوڳ ڪيائون. سائول هن جي قتل تي راضي هو.
سائول جو ڪليسيا کي ستائڻ
انهيءَ ڏينهن کان وٺي يروشلم ۾ ڪليسيا کي ڏاڍو ستايو ويو. رسولن کان سواءِ سڀيئي ايمان وارا يهوديہ ۽ سامريہ جي علائقن ۾ ٽڙي پکڙي ويا.
3 # رس 22‏:4‏-5، 26‏:9‏-11 سائول ڪليسيا کي تباهہ ڪندو رهيو ۽ گھر گھر ۾ گھڙي ايمان وارن مردن توڙي عورتن کي گهلي جيل ۾ وجھرائيندو رهيو.
سامريہ ۾ خوشخبريءَ جي منادي
4جيڪي ايمان وارا ٽڙي پکڙي ويا هئا، سي جتي بہ ويا اتي انهن مسيح بابت خدا جي پيغام جي تبليغ ڪئي. 5خدمتگار فلپس سامريہ شهر ۾ ويو ۽ اتي ماڻهن ۾ مسيح جي منادي ڪرڻ لڳو. 6جڏهن ماڻهن فلپس جي تبليغ ٻڌي ۽ اهي معجزا ڏٺا جيڪي هن ڪيا، تڏهن سڀيئي گڏجي سندس ڳالهيون دل سان ٻڌڻ لڳا. 7ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت وڏي واڪي نڪرندا پئي ويا ۽ ڪيترائي اڌرنگي ۽ منڊا ماڻهو چڱا ڀلا ٿي ويا. 8تنهنڪري انهيءَ شهر ۾ ڏاڍيون خوشيون ٿيڻ لڳيون.
9انهيءَ شهر ۾ شمعون نالي هڪ ماڻهو رهندو هو، جنهن ڪجھہ عرصي تائين سامريہ جي ماڻهن کي پنهنجي جادوگريءَ سان حيرت ۾ وجھي ڇڏيو هو. هو دعويٰ ڪندو هو تہ ”آءٌ هڪ وڏي هستي آهيان.“ 10شهر جا ننڍا توڙي وڏا کيس مڃيندا هئا ۽ انهيءَ ماڻهوءَ کي خدا جي عظيم قدرت ڪري چوندا هئا. 11هو کيس ان ڪري مڃيندا هئا جو هن گھڻي عرصي تائين انهن کي پنهنجي جادوگريءَ جي وسيلي موهي ڇڏيو هو. 12پر جڏهن فلپس خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ ۽ عيسيٰ مسيح جي نالي جي منادي ڪئي تہ انهن مردن ۽ عورتن ايمان آندو ۽ بپتسما ورتائون. 13شمعون پاڻ بہ ايمان آندو ۽ بپتسما وٺي فلپس سان گڏ رهڻ لڳو. هو وڏا وڏا معجزا ۽ ڪرامتون ٿيندي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو.
14هوڏانهن يروشلم ۾ رسولن جڏهن ٻڌو تہ سامريہ جي ماڻهن مسيح بابت خدا جو پيغام قبول ڪيو آهي، تڏهن پاڻ مان يوحنا ۽ پطرس کي انهن ڏانهن موڪليائون. 15اهي جڏهن اتي پهتا تہ انهن سامرين لاءِ دعا گھريائون تہ کين پاڪ روح ملي، 16ڇاڪاڻ تہ انهن مان اڃا ڪنهن تي بہ پاڪ روح نازل نہ ٿيو هو. انهن کي رڳو خداوند عيسيٰ جي نالي تي بپتسما ڏني ويئي هئي. 17پوءِ پطرس ۽ يوحنا انهن تي پنهنجا هٿ رکيا تہ کين پاڪ روح ملي ويو.
18شمعون جڏهن ڏٺو تہ رسولن جي هٿن رکڻ سان پاڪ روح ٿو ملي، تڏهن يوحنا ۽ پطرس کي پئسا آڇيندي 19چيائين تہ ”مون کي بہ اها اختياري ڏيو تہ جنهن تي پنهنجا هٿ رکان تہ ان کي پاڪ روح ملي.“ 20تنهن تي پطرس جواب ڏنس تہ ”شل تون ۽ تنهنجا پئسا ٻئي دوزخ ۾ پئو، جو تون سمجھين ٿو تہ خدا جي بخشش پئسن سان ملي سگھي ٿي. 21هن ڪم ۾ تنهنجو اسان سان ڪوبہ واسطو يا حصو نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي دل اڃا خدا ڏانهن صاف نہ ٿي آهي. 22تنهنڪري پنهنجي انهيءَ بڇڙائيءَ تي توبهہ ڪر ۽ خداوند کان دعا گھر تہ شل تو کي تنهنجي دل جي انهيءَ بڇڙي خيال جي معافي ملي. 23مون کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو تہ تون ڪو ڏاڍو ساڙ ۾ سڙيل ۽ بڇڙائيءَ جي ڦندي ۾ ڦاٿل آهين.“ 24تنهن تي پطرس ۽ يوحنا کي شمعون چيو تہ ”اوهين منهنجي لاءِ خداوند کان دعا گھرو تہ جيڪي ڳالهيون اوهان چيون آهن تن مان ڪابہ مون سان نہ ٿئي.“
25مسيح بابت خدا جي پيغام ٻڌائڻ ۽ پنهنجي شاهدي ڏيڻ کان پوءِ پطرس ۽ يوحنا يروشلم ڏانهن روانا ٿيا. واٽ تي هنن سامريہ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ انهيءَ خوشخبريءَ جي منادي ڪئي.
فلپس ۽ حبش جو آفيسر
26 خداوند جي هڪڙي ملائڪ فلپس کي چيو تہ ”اُٿ، ڏکڻ طرف ان رستي سان وڃ، جيڪو يروشلم کان غزہ ڏانهن بيابان مان وڃي ٿو.“ 27سو فلپس اٿي روانو ٿيو تہ رستي ۾ کيس #8‏:27 حبش انهيءَ زماني ۾ هي ملڪ موجودہ سوڊان ۽ ايٿوپيا ملڪن ۾ واقع هو.حبش جو هڪڙو ماڻهو مليو، جيڪو #8‏:27 خواجہ‌سرا بادشاهن جي محلاتن ۾ مقرر عملدار جيڪي نامرد يا کدڙا هوندا هئا.خواجہ‌سرا هو. هي ماڻهو حبش جي راڻيءَ جي سڄي خزاني جو وزير هو ۽ يروشلم ۾ خدا جي عبادت ڪرڻ لاءِ ويو هو. 28هو گھوڙي گاڏيءَ ۾ پنهنجي وطن ڏانهن موٽي رهيو هو ۽ رستي سان يسعياہ نبيءَ جو ڪتاب پڙهندو پئي ويو. 29پاڪ روح فلپس کي چيو تہ ”ويجھو وڃي انهيءَ گاڏيءَ سان گڏج.“ 30تڏهن فلپس ڊوڙي اوڏانهن ويو ۽ انهيءَ ماڻهوءَ کي يسعياہ نبيءَ جو ڪتاب پڙهندي ٻڌائين. فلپس کانئس پڇيو تہ ”جيڪي اوهين پڙهو ٿا، سو سمجھو بہ ٿا يا نہ؟“ 31تنهن تي هن وراڻيس تہ ”جيستائين ڪو مون کي نہ سمجھائيندو تيستائين آءٌ ڪيئن سمجھندس؟“ پوءِ هن فلپس کي عرض ڪيو تہ ”اچي مون سان گڏ ويهو.“ 32#يس 53‏:7‏-8 پاڪ ڪلام جو جيڪو حصو انهيءَ پڙهيو پئي سو هي هو تہ
”هو هڪڙي رڍ وانگر آهي،
جنهن کي ڪهڻ لاءِ وٺي ويا،
۽ جهڙيءَ طرح ڪو گھيٽڙو
پنهنجي اُنَ ڪترڻ واري جي اڳيان
گونگو ٿي بيهندو آهي،
تهڙيءَ طرح هن بہ ٻڙڪ نہ ڪڇي.
33ساڻس جٺ ڪيائون ۽ سندس انصاف ڪين ٿيو.
پوءِ ڪهڙي پيڙهي هوندس جنهن جو احوال بيان ڪيو ويندو؟
ڇاڪاڻ تہ کيس جيئرن جي جهان مان ڪڍيو ويو.“
34حبش جي آفيسر فلپس کي چيو تہ ”مهرباني ڪري ٻڌايو تہ هيءُ نبي ڪنهن بابت ٿو چوي؟ هو پنهنجي بابت ٿو چوي يا ڪنهن ٻئي بابت؟“ 35تڏهن فلپس پاڪ ڪلام کي انهيءَ هنڌ کان شروع ڪري کيس عيسيٰ بابت خوشخبري ٻڌائڻ لڳو. 36‏-37اهي اڳتي هلندي هلندي هڪڙي اهڙي جاءِ تي اچي پهتا جتي پاڻي هو. تنهن تي آفيسر چيو تہ ”ڏسو، هي پاڻي بہ موجود آهي تہ پوءِ مون کي بپتسما وٺڻ کان ڪهڙي جھل آهي؟“#8‏:36‏-37 ڪن مسودن ۾ هي جملا بہ شامل آهن: فلپس چيس تہ ”جيڪڏهن اوهين سچيءَ دل سان ايمان ٿا آڻيو تہ پوءِ ڀلي بپتسما وٺو.“ هن وراڻيو تہ ”آءٌ ايمان آڻيان ٿو تہ عيسيٰ مسيح خدا جو فرزند آهي.“ 38سو آفيسر گاڏيءَ کي بيهارڻ جو حڪم ڏنو. هو ۽ فلپس ٻئي هيٺ پاڻيءَ ۾ لٿا ۽ فلپس کيس بپتسما ڏني. 39‏-40جڏهن اهي پاڻيءَ مان ٻاهر نڪتا تہ خداوند جو پاڪ روح فلپس کي کڻي ويو ۽ هو اشدود شهر ۾ وڃي نڪتو. آفيسر وري کيس ڏسي نہ سگھيو، پر خوش خوش پنهنجو رستو وٺي هليو ويو. فلپس اشدود کان قيصريہ شهر ۾ پهچڻ تائين واٽ تي سڀني شهرن ۾ خوشخبري ٻڌائيندو ويو.

Currently Selected:

رسولن جا ڪم 8: SB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in