9
سائول ۾ تبديلي
(رسولن جا ڪم 22:6-16، 26:12-18)
1هوڏانهن سائول اڃا تائين خداوند عيسيٰ جي پوئلڳن کي ڌمڪائيندي کين قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ٿي رهيو. سو هو وڏي سردار ڪاهن وٽ ويو 2۽ عرض ڪيائينس تہ ”مون کي دمشق شهر جي يهودين جي عبادتخانن لاءِ ڪي اهڙي مضمون جا خط لکي ڏيو تہ جيڪڏهن مون کي عيسيٰ واري رستي تي هلندڙ ڪو مرد توڙي عورت ملي تہ کيس گرفتار ڪري يروشلم ۾ وٺي اچان.“
3سفر ڪندي جڏهن هو دمشق جي ويجھو پهتو، تڏهن اوچتو آسمان مان هڪڙي روشني اچي سندس چوڌاري چمڪڻ لڳي. 4تڏهن هو زمين تي ڪري پيو ۽ هڪڙو آواز ٻڌائين تہ ”سائول! اي سائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟“ 5هن پڇيس تہ ”اي سائين! اوهين ڪير آهيو؟“ آواز آيس تہ ”آءٌ عيسيٰ آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو. 6هاڻي اُٿ ۽ شهر ۾ وڃ، جتي تو کي ٻڌايو ويندو تہ تو کي ڇا ڪرڻ گھرجي.“ 7جيڪي ماڻهو سائول سان گڏ وڃي رهيا هئا، سي وائڙا ٿي بيهي رهيا، ڇاڪاڻ تہ انهن آواز تہ ٻڌو پر کين ڪوبہ ڏسڻ ۾ نہ آيو. 8تڏهن سائول زمين تان اٿيو ۽ جڏهن پنهنجيون اکيون کوليائين تہ کيس ڪجھہ بہ ڏسڻ ۾ نہ ٿي آيو. سو انهن کيس هٿ کان وٺي دمشق ۾ آندو. 9اتي هو ٽن ڏينهن تائين انڌو رهيو ۽ ان عرصي ۾ هن نہ ڪجھہ کاڌو ۽ نہ پيتو.
10دمشق ۾ حننياہ نالي خداوند عيسيٰ جو هڪ پوئلڳ هو، جنهن کي رويا ۾ خداوند عيسيٰ چيو تہ ”حننياہ!“ هن وراڻيو تہ ”حاضر منهنجا خداوند!“ 11خداوند وري هن کي چيو تہ ”اُٿ ۽ سنئين نالي گھٽيءَ ۾ يهوداہ جي گھر وڃي ترسس شهر واري ماڻهوءَ سائول جي پڇا ڪر. ڏس، هو دعا گھري رهيو آهي 12۽ رويا ۾ ڏٺو اٿس تہ حننياہ نالي هڪ ماڻهوءَ اچي سندس مٿان پنهنجا هٿ رکيا آهن تہ جيئن هو وري ڏسڻ جهڙو ٿئي.“ 13پر حننياہ چيس تہ ”اي خداوند! ڪيترن ئي ماڻهن مون کي انهيءَ شخص بابت ٻڌايو آهي تہ هن تو تي ايمان رکندڙن سان يروشلم ۾ ڪيڏيون نہ جٺيون ڪيون آهن. 14هو هتي بہ انهيءَ لاءِ آيو آهي تہ سردار ڪاهنن جي اختياريءَ سان انهن ماڻهن کي گرفتار ڪري جيڪي تنهنجو نالو وٺن ٿا.“ 15خداوند عيسيٰ هن کي چيو تہ ”وڃ، ڇاڪاڻ تہ مون هن کي پنهنجي خدمت واسطي چونڊيو آهي تہ هو منهنجو نالو غير قومن، بادشاهن ۽ بني اسرائيل اڳيان ظاهر ڪري. 16آءٌ پاڻ هن کي ڏيکاريندس تہ منهنجي نالي جي ڪري کيس ڪيتريون نہ تڪليفون سهڻيون پونديون.“
17سو حننياہ ويو ۽ ان گھر ۾ گھڙي سائول تي پنهنجا هٿ رکي چيائينس تہ ”سائول ڀاءُ! خداوند عيسيٰ پاڻ مون کي موڪليو آهي، جنهن تو کي رستي ۾ ڏيکاري ڏني هئي، جڏهن تون هيڏانهن اچي رهيو هئين. هن مون کي انهيءَ لاءِ موڪليو آهي تہ تو کي وري ديد ملي ۽ تون پاڪ روح سان ڀرجي وڃين.“ 18تڏهن هڪدم مڇيءَ جي ڇلر جهڙي ڪا شيءِ سائول جي اکين مان ڪري پيئي ۽ هو وري ڏسڻ وائسڻ لڳو. پوءِ هن اُٿي بپتسما ورتي 19۽ کاڌي کائڻ سان سندس طاقت موٽي آئي.
سائول جو دمشق ۾ تبليغ ڪرڻ
سائول دمشق ۾ ڪيترن ئي ڏينهن تائين ايمان وارن سان گڏ رهيو. 20هو جلد ئي يهودين جي عبادتخانن ۾ وڃي عيسيٰ بابت تبليغ ڪرڻ لڳو تہ هو خدا جو فرزند آهي. 21جن بہ هن جي اها ڳالهہ ٻڌي، سي سڀ حيران ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هي اهو ناهي ڇا، جيڪو يروشلم ۾ عيسيٰ جو نالو وٺندڙن کي ستائيندو هو ۽ هتي بہ انهيءَ ارادي سان آيو هو تہ انهن ماڻهن کي گرفتار ڪري سردار ڪاهنن وٽ وٺي وڃي؟“ 22پر سائول جي تبليغ ڏينهون ڏينهن زور وٺندي ويئي ۽ جيڪي يهودي دمشق ۾ رهندا هئا تن کي منجھائي ڇڏيائين، جو ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ عيسيٰ ئي مسيح آهي.
23 #
2.ڪر 11:32-33
گھڻن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ يهودين گڏجي سازش سِٽي تہ سائول کي قتل ڪجي. 24پر سائول کي سندن انهيءَ سازش جي خبر پئجي ويئي. سو جڏهن اهي رات ڏينهن شهر جي دروازن تي انهيءَ تاڙ ۾ رهڻ لڳا تہ کيس مارين، 25تڏهن سندس شاگردن رات جي وقت هن کي هڪڙي کاري ۾ ويهاري شهر جي ڀت تان لڙڪائي هيٺ لاهي ڇڏيو.
سائول يروشلم ۾
26پوءِ سائول يروشلم ۾ اچي پهتو ۽ اتي جي ايمان وارن ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪيائين. پر اهي سڀيئي کانئس ڊنا ٿي، جو اعتبار ئي نہ ٿي آين تہ هو بہ ڪو ايمان وارو آهي. 27تڏهن برنباس هن کي پاڻ سان گڏ رسولن وٽ وٺي آيو. هن انهن کي ٻڌايو تہ سائول ڪيئن خداوند عيسيٰ کي رستي ۾ ڏٺو ۽ ڪيئن خداوند ساڻس ڳالهايو. هن اهو بہ ٻڌاين تہ سائول دمشق ۾ عيسيٰ جي نالي تي ڪيڏي نہ دليريءَ سان تبليغ ڪئي. 28پوءِ سائول رسولن سان گڏ يروشلم ۾ ايندو ويندو هو ۽ خداوند عيسيٰ جي نالي تي دليريءَ سان تبليغ پيو ڪندو هو. 29هو يوناني ڳالهائيندڙ يهودين سان بہ گفتگو ۽ بحث پيو ڪندو هو، پر اهي کيس مارڻ جا وجھہ پيا ڳوليندا هئا. 30جڏهن ايمان وارن کي اها خبر پيئي تہ هو سائول کي قيصريہ شهر ۾ وٺي ويا ۽ پوءِ کيس سندس اباڻي شهر ترسس ڏانهن موڪلي ڇڏيائون.
31انهن ڳالهين کان پوءِ سڄي يهوديہ، گليل ۽ سامريہ علائقن ۾ ڪليسيا کي امن حاصل ٿيو. اها خداوند جو خوف رکندي ترقي ڪندي ويئي ۽ پاڪ روح جي مدد سان وڌندي ويئي.
پطرس لُدہ ڳوٺ ۽ يافا شهر ۾
32 پطرس هر هنڌ ڦرندو رهيو ۽ هڪڙي ڏينهن هو #9:32 مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل يعني خداوند عيسيٰ مسيح تي ايمان رکندڙ.مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل انهن ماڻهن سان ملڻ ويو، جيڪي لُدہ ۾ رهندا هئا. 33اتي هن اينياس نالي هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي ڏٺو، جيڪو اڌرنگي جي بيماريءَ ۾ ورتل هو ۽ اٺن سالن کان وٺي کٽولي تي پيو هو. 34پطرس هن کي چيو تہ ”اي اينياس! عيسيٰ مسيح تو کي ڇٽائي چڱو ڀلو ٿو ڪري. سو اُٿ ۽ پنهنجو هنڌ ويڙهہ.“ هو هڪدم اُٿي کڙو ٿيو. 35لُدہ ۽ شارون جي سڀني رهاڪن جڏهن کيس چڱو ڀلو ڏٺو تڏهن هنن خداوند عيسيٰ تي ايمان آندو.
36يافا ۾ مسيح تي ايمان رکندڙ هڪڙي عورت رهندي هئي، جنهن جو نالو #9:36 طبيٿا ”طبيٿا“ ارامي ٻوليءَ جو لفظ ۽ ”دورڪاس“ يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جن جي معنيٰ ”هرڻي“ آهي.طبيٿا يعني دورڪاس هو. هوءَ گھڻا ئي نيڪ ڪم ۽ خير خيراتون ڪندي هئي. 37انهن ڏينهن ۾ هوءَ بيمار ٿي پيئي ۽ مري ويئي. هن جي لاش کي غسل ڏيئي ماڙيءَ تي هڪڙي ڪوٺيءَ ۾ رکيائون. 38جيئن تہ لُدہ ڳوٺ يافا شهر جي ويجھو هو، تنهنڪري لُدہ جي ايمان وارن کي خبر پئجي ويئي تہ پطرس يافا ۾ آهي. پوءِ ٻہ ماڻهو هن ڏانهن موڪلي منٿ ڪيائونس تہ ”اسان وٽ جلدي هليا اچو.“ 39تڏهن پطرس اُٿي انهن سان گڏ روانو ٿيو ۽ جڏهن هو اتي پهتو تہ اهي کيس ماڙيءَ تي وٺي ويا. سڀيئي رنونزالون روئندي پطرس جي ڀرسان اچي بيٺيون ۽ کيس پنهنجا اهي پهراڻ ۽ ڪپڙا ڏيکارڻ لڳيون، جيڪي دورڪاس ساڻن گڏ گذاريندي ٺاهيا هئا. 40پطرس انهن سڀني کي ٻاهر موڪليو ۽ پاڻ گوڏن ڀر ويهي دعا گھريائين. پوءِ سندس لاش ڏانهن منهن ڪري چيائين تہ ”اي طبيٿا! اُٿ.“ تنهن تي هن اکيون کوليون ۽ پطرس کي ڏسي اُٿي ويٺي. 41پطرس کيس هٿ کان وٺي اٿاريو ۽ رننزالن سميت مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل سڀني ماڻهن کي سڏي جيئري جاڳندي طبيٿا سندن حوالي ڪيائين. 42هيءَ ڳالهہ سڄي يافا ۾ مشهور ٿي ويئي ۽ ڪيترن ئي خداوند عيسيٰ تي ايمان آندو. 43پوءِ پطرس ڪيترائي ڏينهن يافا ۾ شمعون نالي هڪ ماڻهوءَ وٽ رهيل هو، جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ هو.