YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 7

7
استيفنس جي تقرير
1تڏهن وڏي سردار ڪاهن استيفنس کان پڇيو تہ ”ڇا اهو سچ آهي؟“ 2#پيد 12‏:1 تنهن تي استيفنس جواب ڏنو تہ ”اي ڀائرو ۽ بزرگؤ! منهنجي ٻڌو. خداءِ‌ذوالجلال اسان جي وڏي ابراهيم تي ان وقت ظاهر ٿيو، جڏهن حاران شهر ۾ رهڻ کان اڳ هو #7‏:2 مسوپتاميہ ان دور ۾ هي علائقو موجودہ شام ۽ عراق ملڪن جي ڪن حصن تي مشتمل هو.مسوپتاميہ ۾ رهندو هو. 3خدا کيس چيو تہ ’پنهنجا مٽ مائٽ ۽ وطن ڇڏي انهيءَ ملڪ ڏانهن وڃ جيڪو آءٌ تو کي ڏيکاريندس.‘ 4#پيد 11‏:31، 12‏:4 تنهنڪري هو ڪسدين جي ملڪ کي ڇڏي وڃي حاران ۾ رهڻ لڳو. جڏهن سندس پيءُ مري ويو تڏهن خدا کيس هن ملڪ ۾ وٺي آيو، جتي اڄ تائين اوهين رهندا ٿا اچو. 5#پيد 12‏:7، 13‏:15، 15‏:18، 17‏:8 خدا ابراهيم کي #7‏:5 هن ملڪ ۾ هن مان مراد فلستين علائقو آهي. اهو سڄو علائقو ابراهيم جي دور ۾ ڪنعان سڏيو ويندو هو. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”فلستين علائقو.“ هن ملڪ ۾ زمين جو هڪ ٽڪرو بہ ميراث طور نہ ڏنو، بلڪ هڪ انچ بہ نہ. پر خدا ساڻس واعدو ڪيو تہ ’اهو ملڪ تو کي ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي ڏيندس تہ جيئن تنهنجي ملڪيت ٿئي،‘ جيتوڻيڪ کيس ڪوبہ اولاد ڪونہ هو. 6#پيد 15‏:13‏-14 خدا وڌيڪ چيس تہ ’تنهنجو اولاد هڪڙي ڌارئي ملڪ ۾ وڃي پرديسي ٿي رهندو، جتي اهي چار سؤ سالن تائين غلاميءَ ۾ گذاريندا ۽ انهن سان ماڻهو خراب هلت هلندا.‘ 7#خر 3‏:12 خدا هيئن بہ چيس تہ ’جنهن قوم جي غلاميءَ ۾ هو رهندا، تنهن جي خلاف آءٌ فتويٰ جاري ڪندس. تنهن کان پوءِ هو اتان نڪري اچي هن ئي هنڌ منهنجي عبادت ڪندا.‘ 8#پيد 17‏:10‏-14، 21‏:2‏-4، 25‏:26، 29‏:31‏–35‏:18 پوءِ خدا ابراهيم لاءِ طهر کي انهيءَ عهد جي نشانيءَ طور مقرر ڪيو. تنهنڪري ابراهيم پنهنجي پٽ اسحاق جو سندس ڄمڻ کان اٺين ڏينهن تي طهر ڪرايو. اسحاق مان يعقوب ۽ يعقوب مان ٻارهن پٽ پيدا ٿيا، جيڪي ٻارهن قبيلن جا وڏا ٿيا، تن سڀني جو بہ طهر ڪرايو ويو.
9 # پيد 37‏:11‏،28، 39‏:2‏،21 سڀيئي ڀائر پنهنجي هڪ ڀاءُ يوسف تي ساڙ کائڻ لڳا ۽ کيس انهن ماڻهن وٽ وڪيائون، جيڪي هن کي غلام ڪري مصر ڏانهن وٺي ويا. پر خدا هن ساڻ هو 10#پيد 41‏:39‏-41 ۽ کيس سڀني مصيبتن مان سلامتيءَ سان پار ڪيائين. خدا کيس ڏاهپ سان گڏ فرعون يعني مصر جي بادشاهہ جو راضپو پڻ بخشيو، ايتري قدر جو فرعون يوسف کي مصر ملڪ توڙي پنهنجي پوري محلات جو حاڪم بڻائي ڇڏيو. 11#پيد 42‏:1‏-2 تنهن کان پوءِ پوري مصر ۽ ڪنعان ۾ اچي ڏڪار پيو، جنهن ڪري ڏاڍي مصيبت پيدا ٿي. اسان جي وڏن کي ڪوبہ کاڌو ملي نہ ٿي سگھيو. 12پر جڏهن يعقوب ٻڌو تہ مصر ۾ اناج آهي تڏهن هن پنهنجي پٽن يعني اسان جي وڏن کي پهريون دفعو اوڏانهن موڪليو. 13#پيد 45‏:1‏،16 ٻئي دفعي يوسف پنهنجي ڀائرن کي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي. تڏهن فرعون کي بہ يوسف جي ڪٽنب جي خبر پئجي ويئي. 14#پيد 45‏:9‏-10‏،17‏-18، 46‏:27 پوءِ يوسف پنهنجي پيءُ يعقوب ۽ پنهنجي سڄي ڪٽنب کي پاڻ وٽ گھرايو. اهي جملي پنجهتر ڄڻا هئا. 15#پيد 46‏:1‏-7، 49‏:33 پوءِ يعقوب مصر ڏانهن ويو، جتي هو ۽ اسان جا وڏا مري ويا. 16#پيد 23‏:3‏-16، 33‏:19، 50‏:7‏-13، يش 24‏:32 انهن جا لاش کڻي وڃي شڪم جي انهيءَ قبرستان ۾ دفن ڪيائون، جيڪو ابراهيم شڪم ۾ حمور جي پٽن کان خريد ڪيو هو.
17 # خر 1‏:7‏-8 سو جڏهن ابراهيم سان خدا جي ڪيل واعدي جو مدو پورو ٿيڻ تي آيو ۽ مصر ۾ اسان جي ماڻهن جو تعداد گھڻو وڌندو ٿي ويو 18تڏهن هڪڙو ٻيو #7‏:18 فرعون مصر جي بادشاهن کي فرعون سڏيو ويندو هو.فرعون مصر ۾ حڪومت ڪرڻ لڳو، جيڪو يوسف کي نہ سڃاڻيندو هو. 19#خر 1‏:10‏-11‏،22 فرعون اسان جي قوم سان چالاڪي ڪري اسان جي ابن ڏاڏن سان تمام گھڻا ظلم ڪيا. هن کين ان ڳالهہ تي مجبور ڪيو تہ هو پنهنجن ٻارڙن کي گھر کان ٻاهر ڇڏي ڏين، تہ جيئن اهي مري وڃن. 20#خر 2‏:2 انهيءَ ئي وقت موسيٰ ڄائو، جيڪو ڏاڍو سهڻو هو. هو ٽي مهينا ماءُ پيءُ جي گھر ۾ پليو. 21#خر 2‏:3‏-10 پوءِ جڏهن ماءُ پيءُ کي اهو ٻار گھر کان ٻاهر ڇڏڻو پيو تہ فرعون جي ڌيءَ کيس کڻي ورتو ۽ پنهنجو پٽ ڪري پاليائينس. 22هن کي مصرين جي سڄي حڪمت جو علم سيکاريو ويو ۽ کيس ڳالهائڻ توڙي ڪم ڪرڻ ۾ وڏي قابليت حاصل ٿي.
23 # خر 2‏:11‏-15 جڏهن موسيٰ چاليهن سالن جو ٿيو تہ هن ارادو ڪيو تہ ’آءٌ وڃي پنهنجي بني اسرائيل قوم وارن کي ڏسان.‘ 24هن وڃي ڏٺو تہ بني اسرائيل جي هڪڙي ماڻهوءَ سان ڪو مصري ظلم پيو ڪري. تنهنڪري موسيٰ انهيءَ جي مدد ڪرڻ ويو ۽ سندس بدلو وٺندي انهيءَ مصريءَ کي ماري وڌائين. 25موسيٰ سوچيو هو تہ ’منهنجي قوم وارا سمجھندا تہ خدا منهنجي وسيلي کين ظلم کان ڇڏائيندو،‘ پر هنن نہ سمجھيو. 26ٻئي ڏينهن هن بني اسرائيل جي ٻن ماڻهن کي پاڻ ۾ وڙهندي ڏٺو ۽ انهن ۾ ٺاهہ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي چيائين تہ ’اوهين پاڻ ۾ ڀائر آهيو، سو ڇو ٿا هڪٻئي سان وڙهو؟‘ 27پر جيڪو ظلم ڪري رهيو هو تنهن موسيٰ کي ڌِڪو ڏنو ۽ چيائينس تہ ’ڪنهن تو کي اسان تي حاڪم ۽ جج مقرر ڪيو آهي؟ 28تون مون کي بہ ماريندين ڇا، جيئن تو ڪالهہ هڪ مصريءَ کي ماريو هو؟‘ 29#خر 18‏:3‏-4 اهو ٻڌي موسيٰ وٺي ڀڳو ۽ مديان جي ملڪ ۾ وڃي اجنبي ٿي رهيو، جتي کيس ٻہ پٽ ڄاوا.
30 # خر 3‏:1‏-10 چاليهہ سال گذرڻ کان پوءِ سينا جبل جي ويجھو بيابان ۾ ٻرندڙ ٻوڙي مان هڪڙي ملائڪ هن کي ڏيکاري ڏني. 31موسيٰ هي عجيب نظارو ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو ۽ جڏهن چڱيءَ طرح ڏسڻ لاءِ هو ان جي ويجھو ويو، تڏهن هن خداوند جو آواز ٻڌو تہ 32’آءٌ تنهنجي ابن ڏاڏن جو خدا، يعني ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جو خدا آهيان.‘ تنهن تي موسيٰ ڏڪي ويو ۽ ان کي ڏسڻ جي همت نہ ٿيس. 33خداوند هن کي وڌيڪ چيو تہ ’پنهنجي جتي لاهہ، ڇاڪاڻ تہ جنهن جاءِ تي تون بيٺو آهين سا هڪ پاڪ زمين آهي. 34بيشڪ مون پنهنجي قوم سان مصر ۾ ظلم ٿيندي ڏٺو آهي، مون انهن جي دانهن ٻڌي آهي ۽ کين بچائڻ لاءِ لهي آيو آهيان. هاڻي اچ تہ آءٌ تو کي مصر ڏانهن موڪليان.‘
35 # خر 2‏:14 اهو ئي موسيٰ جنهن کي بني اسرائيل قبول نہ ڪيو، بلڪ چيائونس تہ ’ڪنهن تو کي اسان تي حاڪم ۽ جج مقرر ڪيو آهي؟‘ تنهن کي ئي خدا حاڪم ۽ بچائيندڙ بڻائي انهيءَ ملائڪ جي وسيلي موڪليو، جنهن هن کي ٻرندڙ ٻوڙي ۾ ڏيکاري ڏني هئي. 36#خر 7‏:3، 14‏:21، ڳا 14‏:33 هي اهو ئي شخص آهي جنهن کين اتان ڪڍيو ۽ مصر ۾، ڳاڙهي سمنڊ وٽ ۽ چاليهن سالن تائين بيابان ۾ عجب جهڙا ڪم ۽ معجزا ڏيکاريندو رهيو. 37#شر 18‏:15‏،18 هي اهو ئي موسيٰ آهي جنهن بني اسرائيل کي چيو تہ ’خدا اوهان لاءِ اوهان مان ئي مون جهڙو هڪڙو نبي موڪليندو.‘ 38#خر 19‏:1‏–20‏:17، شر 5‏:1‏-33 هي اهو ئي آهي، جنهن بيابان ۾ سڄي بني اسرائيل کي آڻي گڏ ڪيو. اتي هو اسان جي ابن ڏاڏن ۽ انهيءَ ملائڪ جو وچ وارو بڻيو، جنهن ساڻس سينا جبل تي ڳالهايو هو. هي اهو ئي آهي جنهن کي زندگي ڏيندڙ ڪلام مليو، انهيءَ لاءِ تہ اهو اسان تائين پهچائي.
39پر اسان جي ابن ڏاڏن هن جي چئي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. انهن کيس ڌڪاري ڇڏيو ۽ سندن دلين مصر ڏانهن لاڙو رکيو. 40#خر 32‏:1 انهن #7‏:40 هارون هارون موسيٰ جو وڏو ڀاءُ هو جنهن کي سردار ڪاهن بہ مقرر ڪيو ويو هو.هارون کي چيو تہ ’اسان لاءِ اهڙا ديوتا ٺاهہ، جيڪي اسان جي اڳيان اڳيان هلن، ڇو تہ جنهن موسيٰ اسان کي مصر مان ڪڍي آندو هو تنهن جي خبر ئي نہ آهي تہ ساڻس ڇا ٿيو.‘ 41#خر 32‏:2‏-6 انهن ئي ڏينهن ۾ هنن هڪڙو بت ٺاهيو، جيڪو گابي جي شڪل جهڙو هو ۽ انهيءَ بت تي قرباني ڏنائون. هو پنهنجن هٿن سان ٺهيل بت کي ڏسي خوشيون ڪرڻ لڳا. 42#عا 5‏:25‏-27 تنهن تي خدا انهن کان منهن موڙيو ۽ کين ڇڏي ڏنائين تہ وڃي آسمان جي لشڪر جي پوڄا ڪن، جيئن نبين جي هڪ لکت ۾ خدا فرمائي ٿو تہ
’اي بني اسرائيل وارؤ! ڇا اوهان منهنجي لاءِ
بيابان ۾ چاليهن سالن تائين
جانور ڪهي قربانيون ڏنيون؟
ڪڏهن بہ نہ.
43پر اوهان مولڪ ديوتا جو خيمو،
۽ رفان ديوتا جي ستاري جي مورتي پاڻ سان کنيو پئي وتيا،
جيڪي اوهان پوڄا ڪرڻ لاءِ ٺاهيا هئا.
هاڻي آءٌ اوهان کي بابل کان بہ پري ڪڍي ڇڏيندس.‘
44 # خر 25‏:9‏،40 اسان جي ابن ڏاڏن وٽ بيابان ۾ خدا سان ملاقات وارو خيمو هو. اهو ائين ئي ٺاهيو ويو هو جيئن خدا موسيٰ کي ٻڌايو هو، يعني اهڙي نموني جو جهڙيءَ طرح موسيٰ کي ڏيکاريو ويو هو. 45#يش 3‏:14‏-17 اهو خيمو اسان جي ابن ڏاڏن کي سندن وڏن کان مليو هو ۽ اهي ان خيمي کي #7‏:45 يشوع موسيٰ جي وفات کان پوءِ يشوع بني اسرائيل جي اڳواڻي ڪئي.يشوع جي اڳواڻيءَ ۾ پاڻ سان کڻي آيا هئا جڏهن هنن انهن #7‏:45 قومن جي ملڪ يعني ڪنعان.قومن جي ملڪ تي وڃي قبضو ڪيو، جن کي خدا سندن اڳيان ڀڄائي ڪڍيو. اهو مقدس خيمو وٽن دائود جي زماني تائين رهيو. 46#2.سم 7‏:1‏-16، 1.توا 17‏:1‏-14 دائود خدا وٽ قبول پيو هو ۽ هن عرض ڪيو هئس تہ يعقوب جي خدا لاءِ کيس گھر اڏڻ جي اجازت ملي. 47#1.با 6‏:1‏-38، 2.توا 3‏:1‏-17 پر خدا جي گھر جي اڏاوت دائود جي پٽ سليمان جي هٿان ئي ٿي.
48‏-49 # يس 66‏:1‏ تنهن هوندي بہ خدا تعاليٰ هٿن سان جوڙيل گھرن ۾ نہ ٿو رهي، جيئن هو نبيءَ جي معرفت فرمائي ٿو تہ
’آسمان منهنجو تخت آهي
۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي.
سو اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گھر اڏيندا،
يا منهنجي آرام جي جاءِ ڪٿي ٺاهيندا؟
50 # يس 66‏:2‏ اهي سڀ شيون ڇا منهنجيون ئي ٺاهيل نہ آهن؟‘“
51 # يس 63‏:10 استيفنس کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ضدي آهيو، اوهان جون دليون ڪيڏيون نہ ڦِريل آهن ۽ خدا جو پيغام ٻڌڻ لاءِ اوهان جا ڪن ٻوڙا آهن. جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا هئا، تيئن ئي اوهين بہ هميشہ پاڪ روح جي مخالفت ڪندا آهيو. 52اهو ڪهڙو نبي هو جنهن کي اوهان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ هنن انهن کي بہ مارايو، جن انهيءَ سچار بندي جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني ۽ هاڻي اوهان پاڻ انهيءَ سان دغابازي ڪري کيس مارايو آهي. 53اوهين اهي آهيو جن کي ملائڪن جي معرفت شريعت ملي، پر اوهان ان تي عمل نہ ڪيو.“
استيفنس کي سنگسار ڪرڻ
54جيئن ئي ڪائونسل جي ماڻهن استيفنس جون اهي ڳالهيون ٻڌيون تہ اهي دل ۾ سڙي ويا ۽ ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجا ڏند ڪرٽڻ لڳا. 55پر استيفنس پاڪ روح سان ڀرجي آسمان ڏانهن نهاريو تہ خدا جو جلوو نظر آيس ۽ عيسيٰ کي خدا جي ساڄي پاسي بيٺل ڏٺائين. 56تڏهن هن چيو تہ ”ڏسو، مون کي آسمان کُليل نظر ٿو اچي ۽ ابنِ آدم خدا جي ساڄي پاسي بيٺو آهي.“ 57پر هنن وٺي زور سان واڪا ڪيا، پنهنجا ڪن کڻي بند ڪيائون ۽ گڏجي استيفنس تي حملو ڪيائون. 58هو کيس شهر مان ٻاهر ڪڍي سنگسار ڪرڻ لڳا. استيفنس مٿان شاهدي ڏيندڙن پنهنجا ڪپڙا لاهي سائول نالي هڪڙي نوجوان وٽ رکيا. 59پوءِ جيئن انهن استيفنس تي پٿر پئي وسايا تہ هن پڪاريندي چيو تہ ”اي خداوند عيسيٰ! منهنجو روح قبول ڪر.“ 60پوءِ هن گوڏا کوڙي وڏي آواز سان چيو تہ ”اي خداوند عيسيٰ! هنن جي هن گناهہ کي نہ ليکجانءِ.“ ايترو چئي هن دم ڏنو.

Currently Selected:

رسولن جا ڪم 7: SB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in