پاڪ روح فلپس کي چيو تہ ”ويجھو وڃي انهيءَ گاڏيءَ سان گڏج.“ تڏهن فلپس ڊوڙي اوڏانهن ويو ۽ انهيءَ ماڻهوءَ کي يسعياہ نبيءَ جو ڪتاب پڙهندي ٻڌائين. فلپس کانئس پڇيو تہ ”جيڪي اوهين پڙهو ٿا، سو سمجھو بہ ٿا يا نہ؟“ تنهن تي هن وراڻيس تہ ”جيستائين ڪو مون کي نہ سمجھائيندو تيستائين آءٌ ڪيئن سمجھندس؟“ پوءِ هن فلپس کي عرض ڪيو تہ ”اچي مون سان گڏ ويهو.“