YouVersion Logo
Search Icon

مرقس 6

6
1پوءِ هو اُتان نڪري پنهنجي وطن آيو، ۽ سندس شاگرد پٺيانئس آيا. 2۽ جڏهن سبت جو ڏينهن آيو، تڏهن هو عبادتگاهہ ۾ تعليم ڏيڻ لڳو: ۽ گهڻا ماڻهو ٻڌي عجب ۾ پئجي ويا، ۽ چوڻ لڳا تہ هن ماڻهوءَ کي اِهي ڳالهيون ڪٿان آيون؟ ۽ اها ڪهڙي دانائي آهي جا هن ماڻهوءَ کي ملي آهي، ۽ سندس هٿان ڪيڏا نہ معجزا ٿا ٿين؟ 3هي اُهو واڍو نہ آهي ڇا، جو مريم جو پٽ، ۽ يعقوب، ۽ يوسيس، ۽ يهوداہ، ۽ شمعون جو ڀاءُ آهي؟ ۽ هن جون ڀينرون هتي اسان وٽ ڪينهن ڇا؟ سو هنن کيس قبول نہ ڪيو. 4۽ يسوع هنن کي چيو تہ ڪنهن بہ نبيءَ جي پنهنجي وطن، ۽ پنهنجن مٽن مائٽن، ۽ پنهنجي گهر کانسواءِ ٻئي هنڌ بي عزتي ڪانہ ٿي ٿئي. 5۽ اُتي هو ڪوبہ معجزو ڪري نہ سگهيو، سواءِ انهي کان تہ ٿورن بيمارن کي هٿ لائي شفا ڏنائين. 6۽ هنن جي بي اعتقاديءَ تي ڏاڍو عجب لڳس. پوءِ هو چوڌاري ڳوٺن ۾ تعليم ڏيندو گهمندو رهيو.
7۽ هن انهن ٻارهن ڄڻن کي پاڻ وٽ سڏيو، ۽ انهن کي ٻہ ٻہ ڪري روانو ڪيائين؛ ۽ کين ڀوتن تي اختياري ڏنائين؛ 8۽ تاڪيد ڪري ڇڏيائين، تہ سفر ۾ لٺ کانسواءِ ٻيو ڪي بہ نہ کڻجو؛ نڪا ماني، نڪا جهولي، نڪو هڙ ۾ پئسو؛ 9پر رڳو چاکڙيون پائجو: ۽ ٻہ ڪوٽ نہ پائجو. 10۽ چيائين تہ جتي ڪنهن گهر ۾ وڃو، تہ جيسين وري اُتان نڪرو تيسين اُتي ئي ٽڪيا پيا هجو. 11۽ جنهن هنڌ جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، ۽ اوهان جي نہ ٻُڌن، تن وٽان رواني ٿيڻ مهل اوهين پنهنجن پيرن جي مٽي اُتي ڇنڊي ڇڏجو، تہ ڀلي مٿن شاهدي ٿئي. 12پوءِ اُهي روانا ٿيا، ۽ منادي ڪرڻ لڳا تہ توبهہ ڪريو. 13۽ ڪيترا ڀوت ڪڍيائون، ۽ گهڻن ئي بيمارن کي تيل مکي چڱو ڀلو ڪيائون.
14۽ هيروديس بادشاهہ اهي ڳالهيون ٻڌيون، ڇالاءِ جو هن جو نالو مشهور ٿي ويو هو، ۽ چوڻ لڳو تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو مئلن مان جي اُٿيو آهي، تنهنڪري هن جي هٿان اِهي معجزا ٿا ٿين. 15پوءِ ٻين چيو، تہ اهو ايلياہ آهي، ۽ ڪن چيو تہ ڪو نبي آهي، يعني نبين مان هڪڙي جهڙو آهي. 16پر جڏهن هيروديس هي ٻڌو، تڏهن چيائين تہ يوحنا، جنهن جي مون سسي لهرائي هئي، سو ئي جي اُٿيو آهي. 17ڇالاءِ تہ هيروديس پاڻ ماڻهو موڪلي يوحنا کي جهلايو هو، ۽ پنهنجي ڀاءُ فلپس جي زال هيرودياس جي خاطر قيدخاني ۾ وڌو هئائينس، جو هن سان پرڻجي ويٺو هو. 18ڇالاءِ جو يوحنا هيروديس کي چيو هو تہ توکي پنهنجي ڀاءُ جي زال کي رکڻ روا نہ آهي. 19۽ هيرودياس جي ساڻس دشمني هئي، ۽ کيس مارائي ڇڏڻ جي مرضي هيس، مگر وس نٿي پڳس؛ 20ڇالاءِ جو هيروديس کي خبر هئي تہ يوحنا پاڪ ۽ راستباز ماڻهو آهي، تنهنڪري کانئس ڊڄندو هو، ۽ کيس صحيح سلامت رکندو هو؛ ۽ جڏهن هن جون ڳالهيون ٻُڌندو هو، تڏهن ڏاڍو مُنجهي پوندو هو، پر ٻُڌندو خوشيءَ سان هوس. 21۽ هڪڙي موقعي تي جڏهن هيروديس پنهنجي جنم جي ڏينهن پنهنجن اميرن ۽ وڏن جنگي سردارن، ۽ گليل جي مکيہ ماڻهن جي ماني ڪئي هئي، 22تڏهن خود هيرودياس جي ڌيءَ اندر آئي، ۽ ناچ ڪري هيروديس ۽ سندس مهمانن کي خوش ڪيائين؛ ۽ بادشاهہ اُنهيءَ ڇوڪريءَ کي چيو، تہ گهُر جيڪي گهُرڻو هجيئي تہ ڏيانءِ. 23۽ قسم کڻي چيائينس تہ اڌ بادشاهت تائين جيڪي بہ گهرندئين سو ڏيندوسانءِ. 24تنهن تي هوءَ ٻاهر نڪري ويئي، ۽ پنهنجي ماءُ کان پڇيائين تہ ڇا گهران؟ هن چيس تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي سسي. 25سو يڪدم هوءَ تڪڙي تڪڙي اندر بادشاهہ وٽ آئي، ۽ عرض ڪري چيائينس تہ منهنجي مرضي آهي، تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي سسي هڪڙيءَ ٿالهيءَ ۾ وجهي هينئر جو هينئر مون کي ڏين. 26تنهن تي بادشاهہ کي ڏاڍو ارمان ٿيو؛ پر پنهنجن قسمن جي ڪري، ۽ مهمانن جي خاطر، هن جو چوڻ موٽائي نہ سگهيو. 27۽ يڪدم بادشاهہ پهري وارن سپاهين مان هڪڙي کي روانو ڪيو، ۽ حڪم ڏنائينس تہ وڃي هن جي سسي لاهي کڻي اچ: ۽ هن وڃي قيدخاني ۾ هن جي سسي لاٿي، 28۽ ٿالهيءَ ۾ رکي کڻي آيو، ۽ انهيءَ ڇوڪريءَ کي ڏنائين؛ ۽ ڇوڪريءَ اُها وٺي پنهنجي ماءُ کي ڏني. 29۽ جڏهن هن جي شاگردن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن آيا ۽ هن جو لاشو کڻي وڃي قبر ۾ رکيائون.
30پوءِ رسول يسوع وٽ وري اچي گڏ ٿيا، ۽ جيڪي ڪم ڪيا هئائون، ۽ جيڪا تعليم ڏني هئائون، تنهن سڀ جو بيان ڪري ٻڌايائون. 31۽ هن چين تہ اوهين پاڻ خلاصا ڪنهن ويران هنڌ تي هلو، ۽ ٿورو آرام ڪريو، ڇالاءِ جو ماڻهن جي گهڻي اچ وڃ لڳي پيئي هئي، ۽ هنن کي ماني کائڻ جيتري بہ فرصت ڪانہ ٿي ملي. 32سو هو ٻيڙيءَ تي چڙهي خلاصا هڪڙي ويران هنڌ ڏانهن علحدگيءَ ۾ ويا. 33پر ماڻهن هنن کي ويندو ڏٺو ۽ گهڻن سڃاڻي ورتن، ۽ اُهي سڀني شهرن مان نڪري گڏجي پيرين پنڌ اوڏانهن ڀڳا، ۽ هنن کان بہ اڳي وڃي اُتي سهڙيا. 34پوءِ هو لهي آيو ۽ ماڻهن جو وڏو ميڙاڪو ڏٺائين، ۽ هن کي مٿن رحم آيو، ڇالاءِ تہ هو نڌڻڪين رڍن وانگر هئا؛ ۽ هو کين گهڻيون ئي ڳالهيون سيکارڻ لڳو. 35۽ جڏهن هاڻ ڏينهن گهڻو گذري ويو هو، تڏهن سندس شاگرد وٽس آيا، ۽ چيائونس تہ هي هنڌ ويران آهي، ۽ ڏينهن بہ گهڻو گذري ويو آهي؛ 36هنن کي موڪل ڏي تہ آس پاس وارن ڳوٺن ۽ گهرن ۾ وڃي پنهنجي لاءِ ڪي ڪجهہ ڳنهي کائين. 37پر هن ورندي ڏيئي چين تہ اوهين کائڻ لاءِ ڏيونِ. تڏهن هنن چيس تہ ڇا اسين ٻن سون دينارن جون مانيون خريد ڪري هنن کي کارايون؟ 38هن پڇين تہ اوهان وٽ ڪيتريون مانيون آهن؟ وڃي ڏسو. جڏهن ڏٺائون تڏهن اچي چيائون تہ پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون. 39۽ هن حڪم ڏيئي چين تہ سڀيئي ٽوليون ٽوليون ٿي سائي گاهہ تي ويهي وڃو. 40سو هو هڪ هڪ سؤ ۽ پنجاهہ پنجاهہ جون قطارون ڪري ويهي ويا. 41پوءِ هن اُهي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کنيون، ۽ آسمان ڏانهن نهاري برڪت گهُريائين، ۽ مانيون ڀڃي شاگردن کي ڏيندو ويو تہ هنن جي اڳيان رکن؛ ۽ ٻہ مڇيون بہ سڀني کي ورهائي ڏنائين. 42۽ اُنهن مڙني کائي ڍءُ ڪيو. 43۽ ٽڪر ٽيرا جيڪي بچيا تن مان ٻارهن کاريون ڀري کنيائون. 44۽ جن اُهي مانيون کاڌيون سي پنج هزار مرد هئا.
45۽ يڪدم هن پنهنجن شاگردن تي زور رکيو تہ اوهين ٻيڙيءَ تي چڙهي مون کان اڳي هن ڀر بيت صيدا ۾ هلو، جيسين آئون خلق کي روانو ڪريان. 46پوءِ جڏهن هنن کان موڪلائي رهيو، تڏهن دعا گهرڻ لاءِ جبل تي ويو. 47۽ جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن ٻيڙي سمنڊ جي وچ ۾ هئي، ۽ پاڻ اڪيلو سُڪيءَ تي هو. 48۽ جڏهن ڏٺائين تہ هو ٻيڙي ڪاهي ڪاهي هلاک ٿيا آهن، ڇالاءِ جو واءُ کين اڻائو هو، تڏهن رات جي چوٿين پهر ڌاري، هو پاڻ سمنڊ تي پنڌ ڪري وٽن آيو، ۽ جيڪر کانئن لنگهي وڃي ها: 49پر هنن کيس سمنڊ تي پنڌ ڪندو ڏسي ڀانئيو تہ ڪو شر آهي؛ سو رڙيون ڪرڻ لڳا: 50ڇالاءِ جو هو سڀيئي کيس ڏسي دهلجي ويا هئا، پر هن يڪدم ساڻن ڳالهايو، ۽ چيائين تہ دلجاءِ ڪريو، آئون آهيان، ڊڄو نہ. 51پوءِ هو وٽن ٻيڙيءَ تي ويو، ۽ واءُ بس ٿي ويو: ۽ هو اندر ۾ ڏاڍا حيران ٿي ويا؛ 52ڇالاءِ جو هنن مانين واري ڳالهہ نہ سمجهي هئي، پر سندن دل سخت ٿي ويئي هئي.
53۽ جڏهن هو پار لنگهيا، تڏهن گنيسرت جي علائقي ۾ اچي لٿا، ۽ ڪناري تي اچي پڳهہ هنيائون. 54۽ جڏهن هو ٻيڙيءَ تان لٿا، تڏهن ماڻهن يڪدم سڃاڻي ورتس. 55۽ انهي ساري علائقي ۾ چوڌاري ڊوڙي ويا، ۽ جتي ٿي ٻڌائون تہ هو آيو آهي، اُتي بيمارن کي کٽولن تي کڻي ٿي آيا. 56۽ ڳوٺن، ۽ شهرن، ۽ ٻهراڙيءَ ۾، جتي ڪٿي هو ويو ٿي، اُتي بيمارن کي بازارن ۾ آڻي ٿي رکيائون، ۽ منٿ ڪري ٿي چيائونس تہ اسان کي رڳو پنهنجي ڪپڙي جي دامن کي هٿ لائڻ ڏي: ۽ جيترن هٿ لاتس، اوترا مڙيئي ڇُٽي چڱا ڀلا ٿي پيا.

Currently Selected:

مرقس 6: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy