YouVersion Logo
Search Icon

مرقس 7

7
1۽ فريسين ۽ فقيهن مان ڪي، جي يروشلم کان آيا هئا سي وٽس اچي گڏ ٿيا. 2۽ هنن ڏٺو هو تہ سندس ڪي شاگرد پليت، يعني اڻ ڌوتلن هٿن سان ماني ٿا کائين. 3ڇالاءِ تہ فريسي ۽ سڀ يهودي پنهنجن وڏن جي روايت موجب، جيسين پنهنجا هٿ چڱيءَ طرح نہ ڌوئن، تيسين ڪين کائيندا آهن. 4۽ جڏهن بازار کان اچن، تڏهن جيسين تڙ نہ ڪن، تيسين ڪين کائيندا آهن، ۽ ٻيون بہ گهڻيون ڳالهيون آهن جي هنن کي قائم رکڻ لاءِ وڏن کان مليل آهن، جيئن تہ پيالن ۽ لوٽن ۽ پتل جي ٿانوَن کي ڌوئڻ. 5سو فريسين ۽ فقيهن کانئس پڇيو تہ تنهنجا شاگرد ڇالاءِ وڏن جي روايتن موجب نٿا هلن، پر پليت هٿن سان ماني ٿا کائين؟ 6هن چيو تہ اوهان رياڪارن بابت يسعياہ نبيءَ ڪهڙي نہ پوري پيشنگوئي ڪري ويو آهي، جو لکيل آهي تہ ”هيءَ اُمت پنهنجن چپن سان مون کي مانُ ٿي ڏئي، پر هنن جي دل مون کان پري آهي. 7هو منهنجي عبادت اجائي ٿا ڪن، جو ماڻهن جا حڪم پنهنجي تعليم ڪيو ٿا سيکارين.“ 8اوهين خدا جي حڪم کي ڇڏي ماڻهن جي روايت کي قائم ٿا رکو. 9اوهين پنهنجن روايتن رکڻ لاءِ خدا جي حڪم کي ڪهڙو نہ رد ٿا ڪريو. 10ڇالاءِ جو موسيٰ فرمايو آهي تہ پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجي پيءُ جي عزت ڪريو، ۽ جيڪو پنهنجي ماءُ پيءُ جي گلا ڪري، سو اُڦٽ ماريو وڃي. 11پر اوهين چئو ٿا تہ جيڪڏهن ڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي چوندو تہ جنهن شيءِ مان توکي منهنجي هٿان فائدو رسي ها سا قربان، يعني خدا جي نذر ٿي چڪي؛ 12تہ اوهين هن کي وري پنهنجي پيءُ يا پنهنجي ماءُ لاءِ ڪي بہ ڪرڻ نٿا ڏيو؛ 13انهي طرح اوهين پنهنجي روايت جا جاري ڪئي اٿوَ، تنهن سان خدا جي ڪلام کي رد ڪري ٿا ڇڏيو: ۽ ٻيا بہ گهڻيئي اهڙا ڪم ٿا ڪريو. 14۽ هن انهيءَ خلق کي وري پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ اوهين سڀ منهنجي ڳالهہ ٻڌو ۽ سمجهو: 15ڪابہ شيءِ ٻاهران ماڻهوءَ ۾ گهڙي هن کي پليت ڪري نٿي سگهي، پر جيڪي شيون ماڻهوءَ جي اندران ٻاهر ٿيون نڪرن، اُهي ئي ماڻهوءَ کي پليت ٿيون ڪن. 16(جنهن کي ڪن آهن سو ڀلي ٻڌي). 17۽ جڏهن هو گوڙ مان نڪري آيو، تڏهن سندس شاگردن انهي مثال بابت کانئس پڇيو. 18تنهن تي هنن کي چيائين، تہ اوهين بہ اهڙا بي سمجهہ آهيو ڇا؟ ايتري بہ خبر نٿي پويوَ تہ جيڪي ٻاهران انسان ۾ داخل ٿئي ٿو، سو هن کي پليت ڪري نٿو سگهي. 19ڇالاءِ جو اُهو هن جي دل ۾ نٿو وڃي، پر هن جي پيٽ ۾ ٿو وڃي، ۽ اُتان جاءِ ضرور مان نڪريو وڃي؟ ائين چوڻ سان هن سڀني کاڌي جي شين کي پاڪ ٺهرايو. 20۽ چيائين تہ جيڪي انسان مان ٻاهر ٿو نڪري، سو ئي انسان کي پليت ٿو ڪري. 21ڇالاءِ جو اندران ماڻهوءَ جي دل مان بڇڙا خيال ٿا نڪرن، يعني حرامڪاريون، 22چوريون، خون، زناڪاريون، لالچون، بڇڙايون، ٺڳي، شهوت پرستي، بدنظري، گلاخوري، مغروري، بيوَقوفي: 23اهي سڀ خراب شيون اندر مان ٿيون نڪرن، ۽ ماڻهوءَ کي پليت ٿيون ڪن.
24پوءِ اُتان اُٿي صور ۽ صيدا جي حدن ڏانهن ويو. ۽ هڪڙي گهر ۾ اندر ويو، ۽ مرضي هيس تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي انهي جي خبر نہ پوي، پر لڪي نہ سگهيو. 25مگر يڪدم هڪڙي زال جنهن جي ننڍڙي ڌيءَ ۾ ڀوت هو سا سندس خبر ٻڌي آئي، ۽ اچي پيرين پيس. 26۽ اُها زال يونانڻ هئي، ۽ سور فينيڪي جي قوم جي هئي. تنهن نيزاري ڪري چيس، تہ منهنجي نياڻيءَ مان ڀوت ڪڍ. 27۽ هن چيس تہ پهريائين ٻارن کي ڍءُ ڪرڻ ڏي: ڇالاءِ جو ائين واجب نہ آهي تہ ٻارن جي ماني ڪتن کي اُڇلائي ڏجي. 28پر هن زال ورندي ڏيئي چيس تہ برابر خداوند: پر ڪتا بہ ميز جي هيٺان ٻارن جي ڪريلن ڀورن مان کائين ٿا. 29۽ هن چيس تہ اها ڳالهہ برابر آهي، انهي ڪري تون وڃ، تنهنجي نياڻيءَ مان ڀوت نڪري ويو. 30سو هوءَ پنهنجي گهر ويئي ۽ ڏٺائين تہ ڇوڪري هنڌ تي پيئي آهي، ۽ ڀوت نڪري ويو اٿس.
31۽ وري هو صور جي حد مان نڪري، صيدا مان لنگهي، دڪاپلس جي حدن جو وچ ڏيئي، گليل جي سمنڊ ڏانهن آيو. 32۽ ماڻهو هڪڙي شخص کي وٽس وٺي آيا، جو ٻوڙو هو، ۽ ڳالهائڻ ۾ بہ اٽڪ هيس؛ ۽ منٿ ڪيائونس تہ هن کي پنهنجو هٿ لاءِ. 33۽ هو انهي کي گوڙ کان پاسيرو وٺي ويو، ۽ پنهنجون آڱريون هن جي ڪنن ۾ وڌائين، ۽ ڦيڻي ڪڍي هن جي زبان کي لاتائين؛ 34۽ آسمان ڏانهن نهاري ٿڌو ساهہ کنيائين، ۽ هن کي چيائين تہ افتح، يعني کُلي پئُہ. 35۽ هن جا ڪن کُلي پيا، ۽ هن جي زبان جي تند ڇڙي پيئي، ۽ هو صاف ڳالهائڻ لڳو. 36پوءِ هن کين تاڪيد ڪئي تہ ڪنهن سان بہ ڳالهہ متان ڪريو: پر جيترو هن وڌيڪ جهلين، اوترو ئي وڌيڪ هنن وڃي اها ڳالهہ پڌري ڪئي. 37۽ هنن کي بيحد عجب لڳو، ۽ چوڻ لڳا تہ هن سڀ جيڪي ڪيو آهي سو چڱو آهي: بلڪ هو ٻوڙن کي ٻڌڻ جي، ۽ گونگن کي ڳالهائڻ جي بہ طاقت ٿو ڏئي.

Currently Selected:

مرقس 7: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy