1
مرقس 31:6
Sindhi Bible
۽ هن چين تہ اوهين پاڻ خلاصا ڪنهن ويران هنڌ تي هلو، ۽ ٿورو آرام ڪريو، ڇالاءِ جو ماڻهن جي گهڻي اچ وڃ لڳي پيئي هئي، ۽ هنن کي ماني کائڻ جيتري بہ فرصت ڪانہ ٿي ملي.
Compare
Explore مرقس 6:31
2
مرقس 4:6
۽ يسوع هنن کي چيو تہ ڪنهن بہ نبيءَ جي پنهنجي وطن، ۽ پنهنجن مٽن مائٽن، ۽ پنهنجي گهر کانسواءِ ٻئي هنڌ بي عزتي ڪانہ ٿي ٿئي.
Explore مرقس 6:4
3
مرقس 34:6
پوءِ هو لهي آيو ۽ ماڻهن جو وڏو ميڙاڪو ڏٺائين، ۽ هن کي مٿن رحم آيو، ڇالاءِ تہ هو نڌڻڪين رڍن وانگر هئا؛ ۽ هو کين گهڻيون ئي ڳالهيون سيکارڻ لڳو.
Explore مرقس 6:34
4
مرقس 5:6-6
۽ اُتي هو ڪوبہ معجزو ڪري نہ سگهيو، سواءِ انهي کان تہ ٿورن بيمارن کي هٿ لائي شفا ڏنائين. ۽ هنن جي بي اعتقاديءَ تي ڏاڍو عجب لڳس. پوءِ هو چوڌاري ڳوٺن ۾ تعليم ڏيندو گهمندو رهيو.
Explore مرقس 6:5-6
5
مرقس 41:6-43
پوءِ هن اُهي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کنيون، ۽ آسمان ڏانهن نهاري برڪت گهُريائين، ۽ مانيون ڀڃي شاگردن کي ڏيندو ويو تہ هنن جي اڳيان رکن؛ ۽ ٻہ مڇيون بہ سڀني کي ورهائي ڏنائين. ۽ اُنهن مڙني کائي ڍءُ ڪيو. ۽ ٽڪر ٽيرا جيڪي بچيا تن مان ٻارهن کاريون ڀري کنيائون.
Explore مرقس 6:41-43
YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy
Home
Bible
Plans
Videos