YouVersion Logo
Search Icon

مرقس 5

5
1۽ هو سمنڊ جي پرئين ڀر گراسينين جي ملڪ ۾ لنگهي آيا. 2۽ اڃا ٻيڙيءَ تان مس لٿو، تہ يڪدم هڪڙو ماڻهو جنهن ۾ ڀوت هو سو قبرستان مان نڪري اچي گڏيس. 3هو رهندو ئي قبرستان ۾ هو، ۽ کيس زنجيرن سان بہ ڪو ٻَڌي نٿي سگهيو؛ 4ڇالاءِ جو هن کي گهڻائي ڀيرا نيئرن ۽ زنجيرن سان ٻَڌو هئائون، تہ بہ هن زنجير ڇني، ۽ نيئر پرزا پرزا ڪري ڇڏيا هئا: ۽ ڪوبہ ماڻهو کيس قابو ڪري نٿي سگهيو. 5۽ هو هميشہ رات ڏينهن قبرن ۽ ٽڪرن ۾ پيو رڙيون ڪندو هو، ۽ پاڻ کي پهڻن سان ڦٽيندو هو. 6جڏهن هن يسوع کي پري کان ڏٺو، تڏهن ڊوڙي وڃي سجدو ڪيائينس؛ 7۽ وڏي سڏ رڙ ڪري چيائين، تہ اي يسوع، خدا تعاليٰ جا فرزند، منهنجو توسان ڪهڙو واسطو؟ خدا جي واسطي مون کي عذاب نہ ڏي. 8ڇالاءِ جو هن چيو هوس، تہ اي ڀوت، هن ماڻهوءَ مان نڪري اچ. 9پوءِ پڇيائينس تہ تنهنجو نالو ڇا آهي؟ هن چيس تہ منهنجو نالو لشڪر آهي؛ ڇالاءِ جو اسين گهڻا آهيون. 10۽ هن منٿ ڪري چيس، تہ اسان کي هن ملڪ مان تڙي نہ ڪڍ. 11۽ اُتي جبل جي پاسي ۾ سوئرن جو هڪڙو وڏو ڌڻ پئي چريو، 12۽ هو کيس منٿ ڪري چوڻ لڳا تہ اسان کي سوئرن ۾ گهڙڻ جي موڪل ڏي. 13تنهن تي هن کين موڪل ڏني، ۽ اُهي ڀوت نڪري سوئرن ۾ وڃي پيا، ۽ اُهو ڌڻ، جو شمار ۾ اٽڪل ٻہ هزار هو، سو اُڀ ڪپريءَ تان ڌوڪيندو وڃي سمنڊ ۾ پيو، ۽ پاڻيءَ ۾ غوطا کائي مئو. 14۽ جن انهن کي ويٺي چاريو، سي اُٿي ڀڳا ۽ وڃي شهر ۽ ٻهراڙيءَ ۾ اُها خبر ٻڌايائون. تنهن تي ماڻهو اُهو حال ڏسڻ لاءِ نڪري آيا. 15۽ اچي ڏسن تہ اُهو ڀوتاريل ماڻهو، يعني جنهن ۾ ڀوتن جو لشڪر هو، سو يسوع وٽ ڪپڙا پهري، پوري هوش ۾ ويٺو آهي، تڏهن ڊپ وٺي وين. 16۽ جن اُهو رنگ ڏٺو هو، تن انهي ڀوتاريل ماڻهوءَ جي حقيقت ۽ سوئرن جي ڳالهہ هنن کي ڪري ٻڌائي. 17تنهن تي هو عرض ڪرڻ لڳس تہ اسان جي حدن مان نڪري هليو وڃ. 18پوءِ جڏهن ٻيڙيءَ تي ٿي چڙهيو، تڏهن جنهن ماڻهوءَ ۾ ڀوت هئا، تنهن عرض ڪيس تہ مون کي پاڻ وٽ رهڻ ڏي. 19پر هن موڪل نہ ڏنس، ۽ چيائينس تہ پنهنجي گهر وڃي پنهنجن عزيزن کي ٻڌاءِ تہ خداوند توسان ڪهڙي نہ ڀلائي ڪئي آهي، ۽ توتي ڪيترو نہ رحم ڪيو اٿس. 20پوءِ هو هليو ويو، ۽ دڪاپلس ۾ وڃي پڌرو ڪرڻ لڳو تہ يسوع مون سان ڪهڙي نہ ڀلائي ڪئي: ۽ سڀ ماڻهو عجب ۾ پئجي ويا.
21۽ جڏهن يسوع ٻيڙيءَ ۾ چڙهي وري پار آيو، تڏهن ماڻهن جو وڏو ميڙاڪو وٽس اچي گڏ ٿيو، ۽ هو سمنڊ جي ڪنڌيءَ تي هو. 22۽ عبادتخاني جي سردارن مان هڪڙو يائرس نالي آيو؛ ۽ کيس ڏسي پيرين پيس، 23۽ ڏاڍي نيزاري ڪري چوڻ لڳس تہ منهنجي ننڍي نياڻي مرڻ تي آهي: ڀلائي ڪري هلي هٿ گهمائينس تہ چڱي ڀلي ٿئي ۽ بچي پوي. 24تنهن تي هو ساڻس گڏجي ويو، ۽ هڪڙو وڏو ميڙاڪو سندس پٺيان اُٿي هليو، ۽ ماڻهو مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا.
25۽ هڪڙي زال جنهن کي ٻارهن ورهين کان رت وهندو هو، 26۽ ڪيترن ئي طبيبن جي هٿان گهڻيون تڪليفون سَٺيون هئائين، ۽ جيڪي وٽس هو، سو سڀ خرچي کپائي رهي هئي، ۽ فائدو تہ ڪونہ رسيو هوس پر اُٽلندو وڌيڪ بيمار ٿيندي ويئي، 27سا يسوع بابت ڳالهيون ٻڌي گوڙ ۾ پٺيانئس آئي، ۽ اچي سندس ڪپڙي کي هٿ لاتائين. 28ڇالاءِ جو هن چيو ٿي تہ جي آئون رڳو سندس ڪپڙن کي کڻي هٿ لائينديس، تہ چڱي ڀلي ٿي پونديس. 29۽ يڪدم رت وهڻ بند ٿي ويس، ۽ پاڻ ۾ سمجهيائين تہ هاڻ آئون انهي آزار کان ڇُٽي آهيان. 30۽ يڪدم يسوع اندر ۾ ڄاتو تہ مون مان قدرت نڪتي آهي. تڏهن گوڙ ۾ ڦري چيائين تہ ڪنهن منهنجن ڪپڙن کي هٿ لاتو؟ 31۽ سندس شاگردن چيس تہ تون ڏسين ٿو تہ ماڻهو توتي ڳاهٽ پيا ٿين، پوءِ بہ چوين ٿو تہ ڪنهن مون کي هٿ لاتو؟ 32هن هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، تہ ڏسان تہ ڪنهن اهو ڪم ڪيو آهي. 33پر زال کي خبر هئي تہ ساڻس ڇا ٿيو آهي، سا ڊڄندي ۽ ڏڪندي اچي پيرين پيس، ۽ سموري ڳالهہ ڪري ٻڌايائينس. 34تنهن تي هن چيس تہ ڌيءَ، تنهنجي ايمان توکي ڇُٽايو آهي، سلامت هلي وڃ ۽ انهي آزار کان ڇُٽيئن.
35اڃا هن ڳالهايو ئي پئي، تہ عبادتخاني جي سردار جي گهر مان ڪن ماڻهن اچي چيو تہ تنهنجي نياڻي مري ويئي: 36هاڻي اُستاد کي وڌيڪ تڪليف ڇو ٿو ڏين؟ پر يسوع انهي چوڻ تي ڪوبہ ڌيان نہ ڏئي عبادتخاني جي سردار کي چيو تہ ڊڄ نہ، رڳو ايمان رک. 37۽ هن پطرس، ۽ يعقوب، ۽ يعقوب جي ڀاءُ يوحنا کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ پنهنجي پٺيان اچڻ نہ ڏنو. 38۽ هو عبادتخاني جي سردار جي گهر آيا، تہ ڇا ڏسي تہ گوڙ لڳو پيو آهي، ۽ ڏاڍو پيا روئن پِٽين. 39پوءِ جڏهن اندر آيو تڏهن چيائين تہ اوهين هُل ڇو ٿا ڪريو، ۽ ڇو پيا روئو؟ ڇوڪري مئي ڪانهي، پر سُتي پيئي آهي. 40تنهن تي هو مٿس کِلڻ لڳا. پر هن سڀني کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، ۽ رڳو ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ ۽ پنهنجن ساٿين کي پاڻ سان ڪري، اندر گهڙي انهي هنڌ ويو، جتي اُها ڇوڪري پيئي هئي. 41۽ ڇوڪريءَ کي هٿ کان وٺي چوڻ لڳو، تہ ”تليتا قُومي؛“ جنهن جو ترجمو آهي، اي نينگر، آئون توکي چوان ٿو تہ اُٿ. 42۽ يڪدم ڇوڪري اُٿي کڙي ٿي ۽ هلڻ لڳي؛ ڇالاءِ جو هوءَ ٻارهن ورهين جي هئي، ۽ هنن کي حد کان وڌيڪ حيراني لڳي ويئي. 43پوءِ هن انهن کي سخت تاڪيد ڪئي تہ هن ڳالهہ جي ڪنهن کي بہ خبر نہ پوي: ۽ چيائين تہ ڪجهہ کائڻ لاءِ ڏيوس.

Currently Selected:

مرقس 5: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy