YouVersion Logo
Search Icon

متي 7

7
1عيب جوئي نہ ڪريو، تہ اوهان جي بہ عيب جوئي نہ ٿئي. 2ڇالاءِ جو جهڙيءَ طرح اوهين عيب جوئي ڪندا، تهڙيءَ طرح اوهان جي بہ عيب جوئي ٿيندي. ۽ جنهن ماپ سان اوهين مئي ڏيندا، تنهن سان اوهان کي بہ مئي ملندو. 3۽ تنهنجي ڀاءُ جي اک ۾ جو ڪٽر آهي سو تون ڇو ٿو ڏسين، پر جڏهن خود تنهنجي اک ۾ جو شهتير آهي تنهن جو خيال ئي نٿو ڪرين. 4يا تون ڪيئن پنهنجي ڀاءُ کي چوندين، تہ مون کي تنهنجي اک مان ڪٽر ڪڍڻ ڏي، جڏهن خود تنهنجي اک ۾ شهتير پيو آهي. 5اي رياڪار پهرين تون پنهنجي اک مان شهتير ڪڍ، تہ پوءِ صاف ڏسي پنهنجي ڀاءُ جي اک مان ڪٽر ڪڍي سگهندين.
6جيڪي پاڪ آهي سو ڪتن کي نہ ڏيو، نڪي پنهنجا موتي سوئرن جي اڳيان اُڇلائي وجهو، تہ متان هو اُنهن کي پنهنجن پيرن هيٺ لتاڙين ۽ ڦري اچي اوهان کي ڏارين.
7گهُرو تہ مليوَ؛ ڳوليو تہ لڀيوَ؛ کڙڪايو تہ پَٽجيوَ. 8ڇالاءِ جو جيڪو گهُري ٿو تنهن کي ملي ٿو، ۽ جيڪو ڳولي ٿو سو لهي ٿو، ۽ جيڪو کڙڪائي ٿو تنهن جي لاءِ پَٽجي ٿو. 9يا اوهان ۾ اُهو ڪهڙو ماڻهو آهي جو جيڪڏهن سندس پٽ کانئس ماني گهري تہ پهڻ ڏئيس؟ 10يا جي هن کان مڇي گهري تہ سپ ڏئيس؟ 11تنهنڪري اوهين جي بڇڙا آهيو سي جڏهن پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيئي ٿا ڄاڻو، تہ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو جيڪي کانئس گهرن ٿا، تن کي ڪيترو نہ وڌيڪ چڱيون شيون ڏيندو؟ 12تنهنڪري جيڪي بہ اوهين ڀانئيو تہ ماڻهو اسان سان ڪن، اُوئين اوهين بہ ساڻن ڪريو، ڇالاءِ جو توريت توڙي نبين جو حڪم اهو ئي آهي.
13اوهين سوڙهي در کان اندر گهڙو: ڇالاءِ جو اُهو در ويڪرو آهي، ۽ اُهو رستو ڪشادو آهي، جو برباديءَ ڏانهن ٿو وڃي، ۽ جيڪي انهيءَ منجهان اندر ٿا وڃن سي گهڻا آهن. 14پر اهو در سوڙهو آهي، ۽ اُهو رستو تنگ آهي، جو زندگيءَ ڏانهن ٿو وڃي، ۽ جن کان اهو لڀي ٿو سي ٿورا آهن.
15ڪوڙن نبين کان سنڀالجو، جيڪي رڍن جي ويس ۾ اوهان وٽ اچن ٿا پر اندر ۾ اُهي ڦاڙيندڙ بگهڙ آهن. 16اُنهن جي ڦلن مان اوهين کين سڃاڻندا. ماڻهو ڪنڊن مان ڊاک يا ڪانڊيرن مان انجير ڇنندا آهن ڇا؟ 17انهيءَ طرح سڀڪو چڱو وڻ چڱو ڦل ڏئي ٿو، پر خراب وڻ خراب ڦل ٿو ڏئي. 18چڱو وڻ خراب ڦل ڏيئي نٿو سگهي، نڪي خراب وڻ چڱو ڦل ڏيئي ٿو سگهي. 19جيڪو وڻ چڱو ڦل نٿو ڏئي، سو وڍي باهہ ۾ وجهبو آهي. 20تنهنڪري اوهين سندن ڦلن مان کين سڃاڻندا. 21جيڪو مون کي خداوند، خداوند ڪري ٿو چوي، سو سڀڪو آسمان جي بادشاهت ۾ داخل ڪين ٿيندو، پر منهنجو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، تنهن جي مرضيءَ تي جيڪو هلي ٿو، سو ئي داخل ٿيندو. 22انهي ڏينهن گهڻا مون کي چوندا تہ اي خداوند، اي خداوند، اسان تنهنجي نالي پيشنگوئيون نہ ڪيون ڇا، ۽ اسان تنهنجي نالي ڀوت نہ ڪڍيا ڇا؟ ۽ تنهنجي نالي گهڻا ئي معجزا نہ ڪيا ڇا؟ 23تڏهن آئون کين صاف چوندس تہ مون اوهان کي ڪڏهن بہ نہ سڃاتو: اي بدڪارو، مون وٽان ٽري وڃو. 24تنهنڪري جيڪو بہ ماڻهو منهنجو هي ڪلام ٻڌي ٿو، ۽ اُنهيءَ تي عمل ٿو ڪري، سو اُنهي ڏاهي ماڻهوءَ جي مثل آهي جنهن پنهنجو گهر ٽڪر تي اڏايو. 25پوءِ مينهن اچي پيو، ۽ ليٽون آيون، ۽ واءُ لڳا، ۽ اُنهيءَ گهر تي اچي سٽڪا ڪيائون؛ پر اُهو ڪِريو ئي ڪين: ڇالاءِ جو اُنهي جو بنياد ٽڪر تي هو. 26۽ جيڪو بہ ماڻهو منهنجو هي ڪلام ٻڌي ٿو، ۽ اُنهيءَ تي عمل نٿو ڪري، سو اُنهيءَ جاهل ماڻهوءَ جي مثل آهي، جنهن پنهنجو گهر واريءَ تي اڏايو: 27۽ پوءِ مينهن اچي پيو، ۽ ليٽون آيون، ۽ واءُ لڳا، ۽ اُنهي گهر تي اچي سٽڪا ڪيائون، ۽ اُهو ڪِري پيو ۽ برباد ٿي ويو.
28۽ هيئن ٿيو جو جڏهن يسوع هي ڳالهيون ڪري بس ڪئي، تڏهن خلق هن جي تعليم ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويئي: 29ڇالاءِ جو هن ائين ٿي سيکاريو جيئن ڪو اختيار وارو سيکاري، ۽ نہ سندن فقيهن وانگر.

Currently Selected:

متي 7: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy