YouVersion Logo
Search Icon

متي 6

6
1خبردار ٿيو، متان ماڻهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ انهن جي اڳيان چڱا ڪم ڪريو، نہ تہ اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن کان اجر ڪونہ ملندوَ: 2تنهنڪري جڏهن تون خيرات ڪرين، تڏهن پنهنجي اڳيان توتاري نہ وڄاءِ، جهڙيءَ طرح ڪ رياڪار ماڻهو عبادتگاهن ۽ گهٽين ۾ ڪندا آهن، انهي لاءِ تہ ماڻهو سندن تعريف ڪن. آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هنن کي پنهنجو اجر ملي چڪو. 3پر جڏهن تون خيرات ڪرين، تڏهن هيئن ڪر جو جيڪي تنهنجو ساڄو هٿ ڪري، تنهن جي کاٻي کي خبر بہ نہ پوي: 4تہ تنهنجون خيراتون ڳجهيون رهن؛ ۽ تنهنجو پيءُ، جو پوشيدگيءَ ۾ ڏسي ٿو، سو توکي اُنهي جو اجر ڏيندو. 5۽ جڏهن اوهين دعا گهرو، تڏهن رياڪارن جهڙا نہ ٿيو، ڇالاءِ جو اُهي عبادتگاهن ۾ ۽ گهٽين جي ڪنڊن تي بيهي دعا گهرڻ پسند ٿا ڪن، انهي لاءِ تہ ڀلي ماڻهو کين ڏسن، آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هنن کي پنهنجو اجر ملي چڪو. 6پر جڏهن تون دعا گهرين، تڏهن پنهنجي اندرينءَ ڪوٺيءَ ۾ وڃ، ۽ در پوري پنهنجي پيءُ کان دعا گهر، جو ڏسڻ ۾ نٿو اچي، ۽ تنهنجو پيءُ جو پوشيدگيءَ ۾ ڏسي ٿو، سو توکي اجر ڏيندو. 7۽ دعا گهرڻ مهل اجايا لفظ وري وري نہ چئو، جيئن غير قومن وارا ڪندا آهن؛ ڇالاءِ جو هو ڀائين ٿا تہ گهڻي چوڻ ڪري اسان جي ٻُڌڻ ۾ ايندي. 8تنهنڪري انهن جهڙا نہ ٿيو، ڇوتہ جن شين جي اوهان کي ضرورت آهي، تنهن جي اوهان جي پيءُ کي اوهان جي گهرڻ کان اڳيئي خبر آهي. 9تنهنڪري اوهين هن طرح دعا گهرو تہ اي اسان جا بابا، تون جو آسمان ۾ آهين، تنهنجو نالو پاڪ ڪري ڄاڻجي، 10تنهنجي بادشاهي اچي، تنهنجي مرضي جيئن آسمان ۾ پوري ٿيندي آهي، تيئن زمين تي بہ ٿئي. 11اسان جي روز جي ماني اڄ اسان کي ڏي، 12اسان جا قرض اسان کي معاف ڪر، جيئن اسان بہ پنهنجن قرضين کي معاف ڪيو آهي. 13۽ اسان کي آزمائش ۾ نہ آڻ پر بڇڙائيءَ کان بچاءِ، (ڇالاءِ جو بادشاهي، ۽ قدرت، ۽ وڏائي هميشہ تائين تنهنجي ئي آهي، آمين.) 14ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين ماڻهن جا ڏوهہ معاف ڪندا، تہ اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي سو بہ اوهان کي معاف ڪندو. 15پر جيڪڏهن اوهين ماڻهن جا ڏوهہ معاف نہ ڪندا تہ اوهان جو پيءُ بہ اوهان جا ڏوهہ معاف ڪين ڪندو.
16۽ جڏهن اوهين روزو رکو، تڏهن رياڪارن وانگر منهن لٿل نہ ٿيو، ڇالاءِ جو اُهي پنهنجا منهن بدشڪل ڪيو وجهن، انهي لاءِ تہ ماڻهو ڏسن تہ هنن روزو رکيو آهي. آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هنن کي پنهنجو اجر ملي چڪو. 17پر جڏهن تون روزو رکين، تڏهن پنهنجي مٿي تي تيل مک ۽ پنهنجو منهن ڌوءُ، 18تہ ماڻهو توکي روزائتو نہ سمجهن پر تنهنجو پيءُ جو ڏسڻ ۾ نٿو اچي، سو توکي ڏسي: ۽ تنهنجو پيءُ جو پوشيدگيءَ ۾ ٿو ڏسي، سو توکي اجر ڏيندو.
19پنهنجي لاءِ زمين تي مال گڏ نہ ڪريو، جتي ڪينئون ۽ ڪٽ کايو ڇڏي، ۽ جتي چور کاٽ هڻي چورايو وڃن. 20پر پنهنجي لاءِ آسمان ۾ مال گڏ ڪريو، جتي نڪي ڪينئون، نڪي ڪٽ ٿي کائي، ۽ جتي نہ چور کاٽ هڻي چورائين ٿا. 21ڇالاءِ جو جتي تنهنجو مال هوندو، اُتي ئي تنهنجي دل بہ هوندي. 22بدن جو ڏيئو آهي اک، تنهنڪري جيڪڏهن تنهنجي اک ٺيڪ هوندي تہ تنهنجو سڄو بدن روشنيءَ سان ڀريل هوندو. 23پر جي تنهنجي اک بڇڙي هوندي، تہ تنهنجو سڄو بدن اوندهہ سان ڀريل هوندو. تنهنڪري جيڪا روشني تو ۾ آهي، سا جي اوندهہ ٿي پيئي تہ اُها ڪيڏي نہ وڏي اوندهہ چئبي. 24ڪوبہ ماڻهو ٻن مالڪن جي خدمت ڪري ڪين سگهندو، ڇالاءِ جو يا تہ هو هڪڙي سان عداوت ڪندو ۽ ٻئي کي پيار ڪندو، يا تہ وري هڪڙي سان ميل رکندو ۽ ٻئي کي ليکيندو ئي ڪين. اوهين خدا ۽ دولت ٻنهي جي خدمت ڪري ڪين سگهندا. 25تنهنڪري آئون اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان جو فڪر نہ ڪريو، تہ اسين ڇا کائينداسين، يا ڇا پيئنداسين؛ نڪي پنهنجي بُت جو فڪر ڪريو تہ ڇا ڍڪينداسين؛ جان کاڌي کان ۽ بُت ڪپڙن کان وڌيڪ نہ آهي ڇا؟ 26آسمان جا پکي ڏسو، جو اُهي نہ پوکين ۽ نہ لڻن، ۽ نڪي ڪي ڀانڊن ۾ گڏ ڪري رکن ٿا؛ تہ بہ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو هنن کي کارائي ٿو. اوهين هنن کان گهڻو وڌيڪ نہ آهيو ڇا؟ 27اوهان مان ڪير فڪر ڪرڻ سان پنهنجو قد هڪڙو هٿ وڌائي سگهندو؟ 28۽ اوهين ڪپڙن جو فڪر ڇو ٿا ڪريو؟ جهنگ جا گل سوسن جاچي ڏسو، تہ ڪيئن ٿا اُڀرن، اُهي نڪي پورهيو ڪن، نڪي ڪَتين. 29تڏهن بہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خود سليمان پنهنجي سموري شان هوندي بہ اُنهن مان هڪڙي جهڙو پهريل نہ هو. 30پر جيڪڏهن جهنگ جو گاهہ جو اڄ آهي ۽ سڀاڻي کڻي کوري ۾ اُڇلبو، تنهن کي خدا اهڙيءَ طرح ٿو پهرائي، تڏهن اي ڪم اعتقادو، اوهان کي هو اُنهن کان گهڻو وڌيڪ نہ پهرائيندو ڇا؟ 31تنهنڪري اوهين فڪر نہ ڪريو، تہ ڇا کائينداسين يا ڇا پيئنداسين، يا ڇا ڍڪينداسين؟ 32ڇالاءِ جو غير قومن وارا انهن سڀني جا ڳولائو آهن؛ ۽ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، تنهن کي خبر آهي تہ اوهان کي انهن سڀني شين جي گهرج آهي. 33پر اوهين پهرين هن جي بادشاهي ۽ سندس سچائي ڳوليو، ۽ هي سڀ شيون بہ اوهان کي ملنديون. 34تنهنڪري سڀاڻي جو فڪر نہ ڪريو، ڇالاءِ جو سڀاڻو پنهنجي لاءِ پاڻ فڪر ڪندو؛ اڄ جو ڏک اڄ لاءِ ئي بس آهي.

Currently Selected:

متي 6: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy