1
متي 7:7
Sindhi Bible
گهُرو تہ مليوَ؛ ڳوليو تہ لڀيوَ؛ کڙڪايو تہ پَٽجيوَ.
Compare
Explore متي 7:7
2
متي 8:7
ڇالاءِ جو جيڪو گهُري ٿو تنهن کي ملي ٿو، ۽ جيڪو ڳولي ٿو سو لهي ٿو، ۽ جيڪو کڙڪائي ٿو تنهن جي لاءِ پَٽجي ٿو.
Explore متي 7:8
3
متي 24:7
تنهنڪري جيڪو بہ ماڻهو منهنجو هي ڪلام ٻڌي ٿو، ۽ اُنهيءَ تي عمل ٿو ڪري، سو اُنهي ڏاهي ماڻهوءَ جي مثل آهي جنهن پنهنجو گهر ٽڪر تي اڏايو.
Explore متي 7:24
4
متي 12:7
تنهنڪري جيڪي بہ اوهين ڀانئيو تہ ماڻهو اسان سان ڪن، اُوئين اوهين بہ ساڻن ڪريو، ڇالاءِ جو توريت توڙي نبين جو حڪم اهو ئي آهي.
Explore متي 7:12
5
متي 14:7
پر اهو در سوڙهو آهي، ۽ اُهو رستو تنگ آهي، جو زندگيءَ ڏانهن ٿو وڃي، ۽ جن کان اهو لڀي ٿو سي ٿورا آهن.
Explore متي 7:14
6
متي 13:7
اوهين سوڙهي در کان اندر گهڙو: ڇالاءِ جو اُهو در ويڪرو آهي، ۽ اُهو رستو ڪشادو آهي، جو برباديءَ ڏانهن ٿو وڃي، ۽ جيڪي انهيءَ منجهان اندر ٿا وڃن سي گهڻا آهن.
Explore متي 7:13
7
متي 11:7
تنهنڪري اوهين جي بڇڙا آهيو سي جڏهن پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيئي ٿا ڄاڻو، تہ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو جيڪي کانئس گهرن ٿا، تن کي ڪيترو نہ وڌيڪ چڱيون شيون ڏيندو؟
Explore متي 7:11
8
متي 1:7-2
عيب جوئي نہ ڪريو، تہ اوهان جي بہ عيب جوئي نہ ٿئي. ڇالاءِ جو جهڙيءَ طرح اوهين عيب جوئي ڪندا، تهڙيءَ طرح اوهان جي بہ عيب جوئي ٿيندي. ۽ جنهن ماپ سان اوهين مئي ڏيندا، تنهن سان اوهان کي بہ مئي ملندو.
Explore متي 7:1-2
9
متي 26:7
۽ جيڪو بہ ماڻهو منهنجو هي ڪلام ٻڌي ٿو، ۽ اُنهيءَ تي عمل نٿو ڪري، سو اُنهيءَ جاهل ماڻهوءَ جي مثل آهي، جنهن پنهنجو گهر واريءَ تي اڏايو
Explore متي 7:26
10
متي 3:7-4
۽ تنهنجي ڀاءُ جي اک ۾ جو ڪٽر آهي سو تون ڇو ٿو ڏسين، پر جڏهن خود تنهنجي اک ۾ جو شهتير آهي تنهن جو خيال ئي نٿو ڪرين. يا تون ڪيئن پنهنجي ڀاءُ کي چوندين، تہ مون کي تنهنجي اک مان ڪٽر ڪڍڻ ڏي، جڏهن خود تنهنجي اک ۾ شهتير پيو آهي.
Explore متي 7:3-4
11
متي 15:7-16
ڪوڙن نبين کان سنڀالجو، جيڪي رڍن جي ويس ۾ اوهان وٽ اچن ٿا پر اندر ۾ اُهي ڦاڙيندڙ بگهڙ آهن. اُنهن جي ڦلن مان اوهين کين سڃاڻندا. ماڻهو ڪنڊن مان ڊاک يا ڪانڊيرن مان انجير ڇنندا آهن ڇا؟
Explore متي 7:15-16
12
متي 17:7
انهيءَ طرح سڀڪو چڱو وڻ چڱو ڦل ڏئي ٿو، پر خراب وڻ خراب ڦل ٿو ڏئي.
Explore متي 7:17
13
متي 18:7
چڱو وڻ خراب ڦل ڏيئي نٿو سگهي، نڪي خراب وڻ چڱو ڦل ڏيئي ٿو سگهي.
Explore متي 7:18
14
متي 19:7
جيڪو وڻ چڱو ڦل نٿو ڏئي، سو وڍي باهہ ۾ وجهبو آهي.
Explore متي 7:19
YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy
Home
Bible
Plans
Videos