YouVersion Logo
Search Icon

متي 8

8
1۽ جڏهن هو جبل تان لهي آيو، تڏهن وڏا ميڙاڪا اچي سندس پٺيان هلڻ لڳا. 2۽ ڏسو، هڪڙو ڪوڙهيو وٽس آيو ۽ کيس سجدو ڪري چوڻ لڳو، تہ اي خداوند، جي تنهنجي مرضي هجي تہ تون مون کي ڇُٽائي پاڪ صاف ڪري ٿو سگهين. 3سو هن پنهنجو هٿ ڊگهيري کيس ڇُهي چيو، تہ منهنجي مرضي آهي تہ تون ڇُٽي پاڪ صاف ٿيءُ. ۽ يڪدم هن جو ڪوڙهہ لهي ويو. 4۽ يسوع چيس، تہ ڏس، متان ڪنهن کي ٻڌايو اٿيئي؛ پر وڃي ڪاهنن کي پاڻ ڏيکار، ۽ اُهو نذرانو جنهن جو موسيٰ حڪم ڪيو آهي، سو وڃي ڏي، تہ سندن لاءِ شاهدي ٿئي.
5۽ جڏهن هو ڪفرناحوم ۾ آيو، تڏهن وٽس هڪڙو صوبيدار آيو، ۽ منٿ ڪري چوڻ لڳس تہ 6اي خداوند، منهنجو نوڪر اڌ رنگ جي بيماري ۾ گهر پيو آهي، ۽ ڏاڍا عذاب پيو سهي. 7تنهن تي هن چيس تہ آئون اچي کيس ڇُٽائيندس. 8پوءِ صوبيدار ورندي ڏيئي چيو تہ اي خداوند، آئون انهيءَ لائق نہ آهيان تہ تون منهنجي پکي هيٺ اچين، پر تون رڳو واتان کڻي ڪلام ڪڍ، تہ منهنجو نوڪر ڇُٽي چڱو ڀلو ٿي پوندو. 9ڇالاءِ جو آئون بہ ٻئي جي هٿ هيٺ آهيان، ۽ خود منهنجي هٿ هيٺ سپاهي آهن: ۽ آئون هڪڙي کي چوان تہ وڃ، تہ وڃي ٿو، ۽ ٻئي کي چوان تہ اچ تہ اچي ٿو. ۽ پنهنجي نوڪر کي چوان تہ هي ڪر تہ ڪري ٿو. 10جڏهن يسوع هي ٻڌو تڏهن عجب لڳس، ۽ جيڪي پٺيان ٿي آيس تن کي چيائين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هيڏو ايمان مون ڪونہ ڏٺو آهي، بلڪ اسرائيل ۾ بہ نہ. 11۽ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ گهڻا اُڀرندي ۽ اُلهندي کان ايندا، ۽ آسمان جي بادشاهت ۾ ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب سان گڏ اچي ويهندا. 12پر جيڪي بادشاهت جا ٻار آهن، تن کي ٻاهرينءَ اونداهيءَ ۾ ڪڍي ڇڏبو. اُتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو. 13پوءِ يسوع صوبيدار کي چيو تہ تون هليو وڃ؛ جيئن تو ايمان آندو آهي، تيئن ئي تو سان ٿئي. ۽ اهو نوڪر اُنهيءَ گهڙيءَ ۾ ڇٽي چڱو ڀلو ٿي پيو.
14۽ جڏهن يسوع پطرس جي گهر آيو، تڏهن ڏٺائين تہ سندس سس تپ جي ڪري بيمار پيئي آهي. 15۽ هن کيس هٿ لاتو، تہ تپ ڇڏي ويس؛ پوءِ هوءَ اُٿي سندس خدمت ڪرڻ لڳي. 16۽ جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن گهڻن ئي کي وٽس وٺي آيا جن ۾ ڀوت هئا، ۽ هن هڪڙي حرف سان اُهي ڀوت ڪڍيا، ۽ جيڪي بيمار هئا تن سڀني کي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيائين: 17انهي لاءِ تہ جيڪي يسعياهہ نبيءَ چيو هو سو پورو ٿئي، تہ ”هن پاڻ اسان جون هيڻايون کنيون، ۽ اسان جون بيماريون سَٺيون.“
18هاڻي جڏهن يسوع پنهنجي چوڌاري وڏا ميڙاڪا ڏٺا، تڏهن حڪم ڏنائين تہ پرينءَ ڀر وڃو. 19۽ هڪڙو فقيهہ آيو ۽ کيس چيائين، تہ اي اُستاد، جيڏانهن تون ويندين، اوڏانهن آئون بہ تنهنجي پٺيان هلندس. 20يسوع هن کي چيو تہ لومڙين کي ڏريون آهن، ۽ آسمان جي پکين کي آکيرا، پر ابنِ آدم کي اُها جاءِ ڪانهي جتي کڻي مٿو رکي. 21۽ سندس شاگردن مان ٻئي هڪڙي چيس، تہ اي خداوند، مون کي موڪل ڏي تہ آئون پهرين وڃي پنهنجي پيءُ کي دفن ڪريان. 22پر يسوع چيس تہ منهنجي پٺيان اچ؛ ڀلي تہ مردا پنهنجن مردن کي دفن ڪن.
23۽ جڏهن هڪڙي ٻيڙيءَ تي چڙهيو، تڏهن سندس شاگرد سندس پٺيان آيا. 24۽ ڏسو، سمنڊ ۾ اچي اهڙو طوفان لڳو جو ٻيڙي لهرن سان ڍڪجي ويئي: پر هو سمهيو پيو هو. 25۽ هنن اچي جاڳائي چيس تہ اي خداوند بچاءِ، اسين چٽ ٿا ٿيون. 26۽ هن کين چيو، تہ اي ڪم اعتقادو، اوهين ڇو ٿا ڊڄو؟ تنهن کانپوءِ هو اُٿيو، ۽ واءُ ۽ سمنڊ کي جهڻڪيائين، تہ ڏاڍي نوائي ٿي ويئي. 27۽ ماڻهن کي عجب لڳي ويو، ۽ چوڻ لڳا تہ هي ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي جو واءُ ۽ سمنڊ بہ سندس حڪم ٿا مڃين؟
28۽ جڏهن هو سمنڊ جي پرينءَ ڀر گدرينين جي ملڪ ۾ آيو، تڏهن اتي ٻہ ڄڻا جن ۾ ڀوت هئا سي قبرستان مان نڪري اچي گڏيس، ۽ اُهي اهڙا تہ ڪَرڙا هئا جو ڪوبہ ماڻهو اُنهيءَ رستي کان لنگهي نٿي سگهيو. 29۽ ڏسو، هو رڙ ڪري چوڻ لڳا تہ اي ابنِ خدا، اسان جو تو سان ڪهڙو واسطو؟ تون وقت کان اڳي اسان کي عذاب ڏيڻ آيو آهين ڇا؟ 30هنن کان پرڀرو گهڻن سوئرن جو هڪڙو ڌڻ پئي چريو. 31۽ ڀوت کيس منٿ ڪري چوڻ لڳا تہ جي تون اسان کي ڪڍين ٿو تہ هنن سوئرن جي ڌڻ ۾ گهڙڻ جي موڪل ڏي. 32۽ هن چين تہ وڃو. پوءِ هو نڪري وڃي سوئرن ۾ پيا: ۽ ڏسو، سڄو ڌڻ اُڀ ڪپريءَ تان ڌوڪيندو وڃي سمنڊ ۾ پيو، ۽ پاڻيءَ ۾ ٻڏي مُئو. 33۽ جن اُنهن کي ويٺي چاريو سي اُٿي ڀڳا، ۽ شهر ۾ وڃي جيڪي ٿي گذريو هو، ۽ جن ۾ ڀوت هئا، تن جو سمورو حال ٻڌايائون. 34۽ ڏسو، سڄو شهر يسوع کي گڏجڻ لاءِ نڪري آيو: ۽ جڏهن هن کي ڏٺائون، تڏهن عرض ڪيائونس تہ اسان جي حدن مان هليو وڃ.

Currently Selected:

متي 8: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy