YouVersion Logo
Search Icon

متي 5

5
1۽ هو ميڙاڪا ڏسي جبل تي چڙهي ويو: ۽ جڏهن هو ويهي رهيو، تڏهن سندس شاگرد وٽس آيا: 2۽ هو پنهنجو وات کولي هنن کي تعليم ڏيڻ لڳو تہ:
3مبارڪ آهن اُهي جي دل جا غريب آهن، ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت انهن ئي جي آهي. 4مبارڪ آهن اُهي جي غمگين آهن، ڇالاءِ جو اُنهن کي تسلي ملندي. 5مبارڪ آهن اُهي جي حليم آهن، ڇالاءِ جو اُهي زمين جا وارث ٿيندا. 6مبارڪ آهن اُهي جي سچائيءَ جا بکايل ۽ اُڃايل آهن، ڇالاءِ جو اُهي ڍائبا. 7مبارڪ آهن اُهي جي رحم دل آهن، ڇالاءِ جو اُنهن تي رحم ٿيندو. 8مبارڪ آهن اُهي جي دل جا پاڪ آهن، ڇالاءِ جو اُهي خدا کي ڏسندا. 9مبارڪ آهن اُهي جي صلح ٿا ڪرائين، ڇالاءِ جو اُهي خدا جا ٻار سڏبا. 10مبارڪ آهن اُهي جن کي سچائيءَ جي ڪري ستائين ٿا، ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت انهن جي ئي آهي.
11مبارڪ اوهين تڏهن آهيو، جڏهن منهنجي نالي ماڻهو اوهان کي طعنا هڻندا، ۽ ستائيندا، ۽ بي گناهہ اوهان تي هر طرح جي تهمت لڳائيندا. 12خوشي ڪريو ۽ ڏاڍا سرها ٿيو، ڇالاءِ جو اوهان جو اجر آسمان ۾ وڏو آهي: ڇوتہ جيڪي نبي اوهان کان اڳي هئا تن کي بہ انهي طرح ستايو هئائون. 13اوهين زمين جو لوڻ آهيو: پر جيڪڏهن لوڻ جو سواد هليو وڃي تہ هن کي ڇا سان سلوڻو ڪبو؟ انهي کانپوءِ اُهو ڪنهن بہ ڪم جو ڪونہ آهي، پر رڳو هن لائق آهي تہ اُڇلائي ڇڏجي، ۽ ماڻهن جي پيرن هيٺ لتاڙجي. 14اوهين جهان جي روشني آهيو، جو شهر ٽڪر تي بيٺل آهي، سو لڪي نہ سگهندو. 15نڪي ماڻهو ڏيئو ٻاري ٽوئي هيٺ ٿا رکن، پر ڏياٽيءَ تي ٿا رکن، تہ گهر ۾ جيڪي ماڻهو آهن تن کي سوجهرو ڏئي. 16ساڳيءَ طرح اوهان جي روشني بہ ماڻهن اڳيان چمڪي، تہ اهي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي، اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن جي وڏائي ڪن.
17ائين نہ ڀانئيو تہ آئون توريت يا نبين جي لکيت کي منسوخ ڪرڻ لاءِ آيو آهيان. آئون منسوخ ڪرڻ لاءِ نہ، پر پوري ڪرڻ لاءِ آيو آهيان. 18ڇالاءِ جو آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيسين آسمان ۽ زمين ٽري نہ وڃن، تيسين توريت جي سڀني ڳالهين پورين ٿيڻ کان سواءِ، انهن مان ڪنهن بہ طرح هڪڙي زبر يا هڪڙو نقطو بہ ٽري نہ ويندو. 19تنهنڪري جيڪو بہ هنن تمام ننڍن حڪمن مان هڪڙو ڀڃندو، ۽ ماڻهن کي ائين سيکاريندو، سو آسمان جي بادشاهت ۾ سڀني کان ننڍو سڏبو. پر جيڪو انهن تي عمل ڪندو ۽ ائين سيکاريندو، سو ئي آسمان جي بادشاهت ۾ وڏو سڏبو. 20ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪڏهن اوهان جي سچائي فقيهن ۽ فريسين جي سچائيءَ کان وڌيڪ نہ ٿيندي، تہ اوهين ڪنهن بہ طرح آسمان جي بادشاهت ۾ داخل نہ ٿيندا.
21اوهان ٻڌو آهي تہ اڳئين زماني جي ماڻهن کي چيو ويو هو تہ تون خون نہ ڪر، ۽ جيڪو خون ڪندو، سو عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو. 22پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي ڀاءُ سان ڪاوڙجي ٿو، سو عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو؛ ۽ جيڪو پنهنجي ڀاءُ کي چوندو تہ اي ديوانا، سو صدر عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو؛ ۽ جيڪو چوندو تہ اي احمق، سو جهنم جي باهہ جوڳو ٿيندو. 23تنهنڪري جيڪڏهن تون پنهنجو نذرانو قربانگاهہ تي آڻي چاڙهين، ۽ اُتي ياد پويئي تہ منهنجي ڀاءُ جو مون ڏانهن ڪو رنج آهي، 24تہ پنهنجو نذرانو اُتي قربانگاهہ جي اڳيان ڇڏي، پهرين وڃي پنهنجي ڀاءُ سان پرچ، پوءِ اچي پنهنجو نذرانو چاڙهہ. 25جيسين تون پنهنجي مدعيءَ سان گڏ واٽ ۾ آهين، تيسين جلدي ڪري هن سان ٺاهہ ڪري وٺ، متان اُهو مدعي توکي منصف جي حوالي ڪري، ۽ منصف توکي فوجدار جي حوالي ڪري، ۽ تون قيد ۾ وڃي پوين. 26آئون توکي سچ ٿو چوان تہ جيسين تون پائي پائيءَ تي چاڙهي نہ ڏيندين، تيسين ڪنهن بہ پر اُتان نڪرندين ئي ڪين.
27اوهان ٻڌو آهي تہ چيو ويو هو تہ تون زنا نہ ڪر: 28پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو ماڻهو ڪنهن زال ڏانهن بڇڙي نگاهہ سان ٿو نهاري، سو پنهنجي دل ۾ هن سان زنا ڪري چڪو. 29۽ جيڪڏهن تنهنجي ساڄي اک توکي ڀُلائي تہ اُها پٽي ڪڍي پاڻ وٽان اُڇلائي ڇڏ: ڇالاءِ جو تنهنجي لاءِ اهو بهتر آهي تہ تنهنجن عضون مان هڪڙو هليو وڃي، پر تنهنجو سڄو بُت جهنم ۾ نہ پوي. 30۽ جيڪڏهن تنهنجو ساڄو هٿ توکي ڀُلائي تہ اُهو وڍي پاڻ وٽان اُڇلائي ڇڏ، ڇالاءِ جو تنهنجي لاءِ اهو بهتر آهي تہ تنهنجن عضون مان هڪڙو هليو وڃي، پر تنهنجو سڄو بُت جهنم ۾ نہ پوي. 31هيئن بہ چيو ويو هو تہ جيڪو پنهنجي زال کي ڪڍي ڇڏي، سو انهيءَ کي طلاق نامو لکي ڏئي: 32پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي زال کي زنا جي سبب کانسواءِ ڪڍي ٿو ڇڏي، سو هن کي زناڪار ٿو ڪري: ۽ جيڪو انهيءَ نڪتل زال سان پرڻبو، سو بہ زنا ڪندو.
33ٻيو اوهان ٻڌو آهي تہ اڳوڻي زماني جي ماڻهن کي چيو ويو هو، تہ تون ڪوڙو قسم نہ کڻ، پر پنهنجا قسم خداوند جي حضور ۾ پورا ڪر: 34پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ قسم اصل کڻو ئي نہ؛ نڪي آسمان جو قسم کڻو، ڇالاءِ جو اُهو خدا جو تخت آهي؛ 35نڪي زمين جو، ڇالاءِ جو اُها سندس پيرن جي صندلي آهي؛ نڪي يروشلم جو، ڇالاءِ جو اُهو وڏي بادشاهہ جو شهر آهي. 36نڪي تون پنهنجي سر جو قسم کڻ، ڇالاءِ جو تون هڪڙي وار کي اڇو يا ڪارو ڪري نٿو سگهين. 37پر اوهان جي گفتگو ها جي ها؛ نہ جي نہ هئڻ گهرجي: ۽ جيڪي انهن کان وڌيڪ آهي سو بڇڙائيءَ مان آهي.
38اوهان ٻڌو آهي جو چيو ويو هو، تہ اک جي عيوض ۾ اک، ۽ ڏند جي عيوض ۾ ڏند: 39پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو بڇڙو آهي، تنهن جي سامهون نہ ٿيو: پر جيڪو توکي تنهنجي ساڄي ڳل تي چماٽ هڻي، تنهن کي ٻيو بہ ڦيرائي ڏي. 40۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو تو تي عدالت ۾ دعويٰ ڪرڻ گهري، ۽ تنهنجو پهراڻ کڻي وڃي، تہ انهي کي پنهنجو ڪوٽ بہ ڏيئي ڇڏ. 41جيڪو توکي بيگر ۾ هڪڙو ميل وٺي وڃي، تنهن سان ٻہ ميل وڃ. 42جيڪو توکان ڪي گهري، تنهن کي ڏي، ۽ جيڪو توکان اُڌارو وٺڻ گهري، تنهن کان منهن نہ موڙ.
43اوهان ٻڌو آهي تہ چيو ويو هو تہ تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي پيار ڪر، ۽ پنهنجي دشمن سان عداوت رک: 44پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن کي پيار ڪريو، ۽ جيڪي اوهان کي ستائين، تن جي لاءِ دعا گهرو؛ 45تہ اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن جا ٻار ٿيو: ڇالاءِ جو اُهو پنهنجو سج چڱن ۽ مندن تي اُڀرائي ٿو، ۽ سچن ۽ ڪوڙن تي مينهن ٿو وسائي. 46ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين انهن کي پيار ڪندا جي اوهان کي پيار ٿا ڪن، تہ پوءِ اوهان کي ڪهڙو اجر ملندو؟ محصولي ٺيڪيدار بہ ساڳيو ائين نٿا ڪن ڇا؟ 47۽ جيڪڏهن اوهين رڳو پنهنجن ڀائرن کي سلام ڪندا، تہ پوءِ ٻين کان وڌيڪ اوهان ڇا ڪيو؟ غير قومن وارا بہ ساڳيو ائين نٿا ڪن ڇا؟ 48تنهنڪري جيئن اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي سو ڪامل آهي، تيئن اوهين بہ ڪامل ٿيو.

Currently Selected:

متي 5: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy