۽ جڏهن اوهين روزو رکو، تڏهن رياڪارن وانگر منهن لٿل نہ ٿيو، ڇالاءِ جو اُهي پنهنجا منهن بدشڪل ڪيو وجهن، انهي لاءِ تہ ماڻهو ڏسن تہ هنن روزو رکيو آهي. آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هنن کي پنهنجو اجر ملي چڪو. پر جڏهن تون روزو رکين، تڏهن پنهنجي مٿي تي تيل مک ۽ پنهنجو منهن ڌوءُ، تہ ماڻهو توکي روزائتو نہ سمجهن پر تنهنجو پيءُ جو ڏسڻ ۾ نٿو اچي، سو توکي ڏسي: ۽ تنهنجو پيءُ جو پوشيدگيءَ ۾ ٿو ڏسي، سو توکي اجر ڏيندو.