Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 40

40
1جڏهن پهري وارن جي سردار نبوزرادان يرمياہ کي زنجيرن سان ٻڌل، يروشلم ۽ يهوداہ جي سڀني قيدين سان قيد ڪري بابل ڏي وٺي ٿي ويو، تڏهن هن رامہ ۾ هن کي ڇڏي ڏنو، ۽ تنهن کان پوءِ خداوند وٽان يرمياہ تي هي ڪلام نازل ٿيو. 2۽ پهري وارن جي سردار يرمياہ کي ڪڍي چيو تہ خداوند تنهنجي خدا هيءَ خرابي هن شهر تي پڌري ڪئي: 3۽ خداوند اُها آندي آهي، ۽ جيئن چيو هئائين تيئن ڪيو اٿس: ڇالاءِ جو اوهان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي ۽ سندس حڪم نہ مڃيو آهي، تنهن ڪري هي حالت اوهان تي آئي آهي. 4۽ هاڻي ڏس، اڄوڪي ڏينهن آءٌ توکي انهن زنجيرن مان آزاد ٿو ڪريان جي تنهنجن هٿن تي آهن. جيڪڏهن مون سان گڏجي بابل ۾ هلڻ تنهنجي نظر ۾ چڱو هجي تہ هل، ۽ آءٌ تنهنجي چڱي سنڀال ڪندس؛ پر جي مون سان گڏجي بابل ۾ هلڻ تنهنجي نظر ۾ خراب هجي تہ رهجي پئُہ: ڏس، سڄو ملڪ تنهنجي اڳيان آهي؛ جتي توکي وڃڻ چڱو ۽ مناسب نظر اچي اُتي وڃ. 5هاڻي جڏهن اڃا هو موٽي نہ ويو هو، تڏهن هن چيس تہ موٽي جدلياہ بن اخيقام، بن سافن، ڏي وڃ، جنهن کي بابل جي بادشاهہ يهوداہ جي شهرن تي حاڪم مقرر ڪيو آهي، ۽ اُنهي سان گڏ قوم منجهہ رهہ: يا ٻيو جتي بہ توکي مناسب نظر اچي اُتي وڃ. پوءِ پهري وارن جي سردارن هنن کي کاڌو ۽ انعام ڏيئي روانو ڪري ڇڏيو. 6تڏهن يرمياہ جدلياہ بن اخيقام ڏي مصفاہ ۾ ويو، ۽ اُنهيءَ ملڪ ۾ جيڪي ماڻهو باقي بچيل هئا تن منجهہ رهڻ لڳو.
7هاڻي جڏهن لشڪرن جا سردار جي ميدان ۾ هئا، تن ۽ سندن ماڻهن ٻڌو تہ بابل جي بادشاهہ جدلياہ بن اخيقام کي انهيءَ ملڪ جو حاڪم ڪيو آهي، ۽ انهي کي سڀ مرد، ۽ زالون، ۽ ٻار، ۽ ملڪ جا تمام غريب ماڻهو، ۽ جيڪي قيدي ٿي بابل ڏي نہ موڪليا ويا هئا، سي سڀ حوالي ڪري ڏنا اٿس؛ 8تڏهن اُهي مصفاہ ۾ جدلياہ وٽ آيا، يعني اسماعيل بن نتنياہ، ۽ قريحہ جا پٽ يوحنان ۽ يونتن، ۽ سراياہ بن تنحومت، ۽ عيفي نطوفاتيءَ جا پٽ، ۽ يزنياہ بن معڪاتي، اُهي ۽ سندن ماڻهو. 9۽ جدلياہ بن اخيقام، بن سافن، قسم کڻي اُنهن کي ۽ انهن جي ماڻهن کي چيو، تہ ڪسدين جي نوڪري ڪرڻ کان نہ ڊڄو: انهيءَ ملڪ ۾ رهو ۽ بابل جي بادشاهہ جي خدمت چاڪري ڪريو، تہ اوهان جو ڀلو ٿيندو. 10باقي آءٌ، سو ڏسو، مصفاہ ۾ رهندس، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي ڪسدي اسان وٽ ايندا انهن جي اڳيان بيهان: پر اوهين شراب، ۽ گرميءَ جا ميوا، ۽ تيل گڏ ڪريو، ۽ اُهي پنهنجن ٿانوَن ۾ وجهو، ۽ جي شهر اوهان ورتا آهن تن ۾ رهو. 11ساڳيءَ طرح سڀيئي يهودي جي موآب ۽ بني عمون منجهہ، ۽ ادوم ۽ ٻين سڀني ملڪن ۾ هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ بابل جي بادشاهہ يهوداہ جي ڪن ماڻهن کي ڇڏي ويو آهي، ۽ انهن تي جدلياہ بن اخيقام، بن سافن کي حاڪم مقرر ڪيو اٿس؛ 12تڏهن سڀ يهودي جتي جتي هڪالجي ويا هئا اُتان موٽي يهوداہ جي ملڪ ۾ جدلياہ وٽ مصفاہ ۾ آيا، ۽ شراب، ۽ گرميءَ وارا ميوا بي انداز گڏ ڪرڻ لڳا.
13تنهن کان سواءِ يوحنان بن قريحہ ۽ جيڪي لشڪر ميدانن ۾ هئا تن جا سڀ سردار جدلياہ وٽ مصفاہ ۾ آيا، 14۽ انهي کي چيائون تہ توکي خبر آهي يا نہ، تہ بني عمون جي بادشاهہ بعليس، اسماعيل بن نتنياہ کي تنهنجي جان وٺڻ لاءِ موڪليو آهي؟ پر جدلياہ بن اخيقام کي انهن جي ڳالهہ تي اعتبار ڪونہ آيو. 15تڏهن يوحنان بن قريحہ، مصفاہ ۾ جدلياہ کي لڪائي چيو تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان ۽ اسماعيل بن نتنياہ کي قتل ڪريان، ۽ ڪنهن ماڻهو کي انهي جي خبر نہ پوندي: ڇو هو تنهنجو ساهہ وٺي، جنهن ڪري سڀ يهودي جي تو وٽ گڏ ٿيا آهن، سي ٽڙي پکڙي وڃن ۽ يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو ناس ٿي وڃن؟ 16پر جدلياہ بن اخيقام، يوحنان بن قريحہ کي چيو تہ تون اهو ڪم متان ڪرين: ڇالاءِ جو تون اسماعيل جي بابت ڪوڙ ٿو ڳالهائين.

Currently Selected:

يرمياہ 40: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 40