۽ خداوند اُها آندي آهي، ۽ جيئن چيو هئائين تيئن ڪيو اٿس: ڇالاءِ جو اوهان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي ۽ سندس حڪم نہ مڃيو آهي، تنهن ڪري هي حالت اوهان تي آئي آهي. ۽ هاڻي ڏس، اڄوڪي ڏينهن آءٌ توکي انهن زنجيرن مان آزاد ٿو ڪريان جي تنهنجن هٿن تي آهن. جيڪڏهن مون سان گڏجي بابل ۾ هلڻ تنهنجي نظر ۾ چڱو هجي تہ هل، ۽ آءٌ تنهنجي چڱي سنڀال ڪندس؛ پر جي مون سان گڏجي بابل ۾ هلڻ تنهنجي نظر ۾ خراب هجي تہ رهجي پئُہ: ڏس، سڄو ملڪ تنهنجي اڳيان آهي؛ جتي توکي وڃڻ چڱو ۽ مناسب نظر اچي اُتي وڃ.