يرمياہ 39
39
1(يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي نائين ورهيہ جي ڏينهن مهيني ۾ بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر ۽ سندس سڄو لشڪر يروشلم تي ڪاهي آيو ۽ اچي انهي کي گهيرو ڪيائون؛ 2۽ صدقياہ جي يارهين ورهيہ ۾، چوٿين مهيني جي نائين تاريخ، شهر جي ڀت هڪڙي هنڌان ڀڃي وڌائون:) 3بابل جي بادشاهہ جا سڀ امير اندر لنگهي آيا ۽ وچين دروازي ۾ ويهي رهيا، يعني نير گل سراضر سمگرنبو، سرسڪيم، رب سريس، نيرگل سراضر، رب مجہ، ۽ ٻيا سڀ بابل جي بادشاهہ جا باقي امير. 4۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ ۽ سڀني جنگي ماڻهن انهن کي ڏٺو تڏهن اُٿي ڀڳا ۽ رات جي وقت، بادشاهہ جي باغ واري رستي کان، ٻن ڀتين جي وچ واري در مان ٻاهر نڪري شهر ڇڏي هليا ويا: ۽ هو عرباہ جو رستو ڏئي نڪري ويو. 5پر ڪسدين جو لشڪر هنن جي پٺيان پيو ۽ يريحو جي ميدان ۾ صدقياہ کي وڃي پهتو: ۽ جڏهن هنن پڪڙيس تڏهن حمات جي ملڪ ۾ ربلاہ منجهہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر وٽ هن کي وٺي آيا، ۽ هن مٿس فتويٰ جاري ڪئي. 6تڏهن بابل جي بادشاهہ ربلاہ ۾ صدقياہ جي پٽن کي سندس اکين آڏو قتل ڪيو: ۽ بابل جي بادشاهہ يهوداہ جا سڀ امير بہ ماريا. 7تنهن کان سواءِ هن صدقياہ جون اکيون بہ ڪڍي ڇڏيون ۽ زنجيرن ۾ ٻڌايائينس انهيءَ لاءِ تہ بابل ڏي وٺي وڃيس. 8۽ ڪسدين بادشاهہ جو گهر ۽ ماڻهن جا گهر باهہ سان ساڙيا ۽ يروشلم جون ڀتيون ڀڃي ڇڏيون. 9انهي کان پوءِ پهري وارن جو سردار نبوزرادان، شهر ۾ جيڪي ماڻهو بچيا هئا، ۽ جيڪي ڀڄي اچي ساڻس گڏيا هئا، ۽ باقي رهيلن ماڻهن مان جيڪي بچيا هئا، تن کي قيد ڪري بابل ڏي وٺي ويو. 10پر پهري وارن جي سردار نبوزرادان، غريب ماڻهن مان جن کي يهوداہ ۾ ڪي بہ ڪين هو تن کي ڇڏي ڏنو، ۽ ساڳئي وقت ۾ هنن کي ڊاک جا منهہ ۽ ٻنيون بہ ڏنائين. 11هاڻي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر يرمياہ جي نسبت ۾ پهري وارن جي سردار نبوزرادان کي حڪم ڏنو، تہ 12هن کي وٺي وڃي سندس چڱي سنڀال ڪر ۽ ڪو ايذاءُ نہ رسائينس؛ پر جيئن هو توکي چوي تيئن هن سان ڪج. 13تڏهن پهري وارن جي سردار نبوزرادان ۽ نبوشزبان، رب سريس، ۽ نير گل سراضر، رب مجہ ۽ بابل جي بادشاهہ جي سڀني مکيہ عملدارن، ماڻهو موڪلي، 14يرمياہ کي پهري وارن جي ايوان مان گهرائي، جدلياہ بن اخيقام، بن سافن، جي حوالي ڪيو، ۽ حڪم ڪيائونس تہ انهي کي گهر وٺي وڃي: انهيءَ طرح هو قوم منجهہ رهڻ لڳو.
15هاڻي جڏهن اڃا يرمياہ پهري وارن جي ايوان ۾ بند هو تڏهن خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ 16وڃي عبد ملڪ ڪوشيءَ کي چئُہ، تہ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ پنهنجون ڳالهيون هن شهر تي خرابيءَ جي لاءِ آڻيندس، نہ چڱائي جي لاءِ؛ ۽ اُهي انهي ڏينهن تنهنجي اڳيان پوريون ٿينديون. 17پر انهي ڏينهن، خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ توکي ڇڏائيندس: ۽ جن ماڻهن کان تون ڊڄين ٿو انهن جي هٿن ۾ نہ ڏنو ويندين. 18ڇالاءِ جو يقيناً آءٌ توکي بچائيندس ۽ تون ترار سان ماريو نہ ويندين، پر تنهنجي حياتي تنهنجي لاءِ غنيمت ٿيندي: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ تو مون تي ڀروسو رکيو آهي.
Currently Selected:
يرمياہ 39: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.