يرمياہ 41
41
1هاڻي ستين مهيني ۾ هيئن ٿيو، تہ اسماعيل بن نتنياہ بن اليسمع، جو شاهي نسل جو هو، ۽ بادشاهہ جي مکيہ عهديدارن مان هڪڙو هو، سو ڏهن ماڻهن سميت جدلياہ بن اخيقام وٽ مصفاہ ۾ آيو؛ ۽ اُتي هنن مصفاہ ۾ گڏجي ماني کاڌي. 2تڏهن اسماعيل بن نتنياہ ۽ جيڪي ڏهہ ماڻهو ساڻس هئا، تن اُتي جدلياہ بن اخيقام، بن سافن، جنهن کي بابل جي بادشاهہ انهي ملڪ تي حاڪم مقرر ڪيو هو، تنهن کي ترار سان ڌڪ هنيون ۽ ڪُٺائونس، 3اسماعيل انهن سڀني يهودين کي بہ ڪُٺو جي انهيءَ سان، يعني جدلياہ سان مصفاہ ۾ هئا، ۽ انهن ڪسدين کي بہ، يعني جيڪي جنگي مرد اُتي هئا. 4۽ جڏهن هن جدلياہ کي ماريو، ۽ ڪنهن ماڻهوءَ کي انهيءَ جي خبر نہ پئي، تڏهن انهي جي ٻئي ڏينهن هيئن ٿيو، تہ 5ڪي ماڻهو يعني اسي ڄڻا، سڪم ۽ سيلا ۾ سامريہ مان آيا، جن جون ڏاڙهيون ڪوڙيل هيون، ۽ ڪپڙا ڦاٽل هئا، ۽ جن پاڻ کي وڍ وڌا هئا، ۽ نذرانا ۽ لوبان سندن هٿ ۾ هئا، انهي لاءِ تہ اُهي خداوند جي گهر ۾ آڻين. 6۽ اسماعيل بن نتنياہ مصفاہ مان نڪري انهن کي گڏجڻ لاءِ ويو ۽ ويندي سڄو رستو رئندو ويو: ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو انهن کي گڏيو تڏهن چيائين، تہ هلو تہ جدلياہ بن اخيقام وٽ هلون. 7۽ هيئن ٿيو جو جڏهن هو شهر جي وچ ۾ آيا تڏهن اسماعيل بن نتنياہ ۽ جيڪي ماڻهو هن سان هئا تن انهن کي ڪهي هڪڙي کڏ ۾ اُڇلائي ڇڏيو. 8پر انهن ۾ ڏهہ ماڻهو هئا جن اسماعيل کي چيو تہ اسان کي نہ مار: ڇالاءِ جو اسان وٽ ٻنيءَ ۾ ڪڻڪ جا، ۽ جوَن جا، ۽ تيل جا، ۽ ماکيءَ جا وڏا انداز لڪل آهن، تنهن ڪري هو باز آيو ۽ هنن کي سندن ڀائرن سان گڏ قتل نہ ڪيائين. 9هاڻي اُها کڏ جنهن ۾ اسماعيل اُنهن ماڻهن جا لاش اُڇلايا هئا جن کي جدلياہ سان گڏ ڪُٺو هئائين، (يعني اُها ساڳي کڏ جا آسا بادشاهہ اسرائيل جي بادشاهہ بعشا جي ڊپ کان کوٽائي هئي،) تنهن کي اسماعيل بن نتنياہ انهن ڪُٺلن جي لاشن سان ڀري ڇڏيو. 10تنهن کان پوءِ مصفاہ ۾ جيڪي ماڻهو بچيا هئا، يعني بادشاهہ جون ڌيئون ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو مصفاہ ۾ بچيا هئا، ۽ جي پهري وارن جي سردار نبوزرادان جدلياہ بن اخيقام جي حوالي ڪيا هئا، تن کي اسماعيل قيد ڪري وٺي ويو: اسماعيل بن نتنياہ انهن کي قيد ڪري وٺي ويو، ۽ بني عمون ڏي لنگهي وڃڻ لاءِ روانو ٿيو.
11جڏهن يوحنان بن قريحہ ۽ جيڪي لشڪرن جا سردار ساڻس هئا تن انهي خرابيءَ جو ٻڌو جو اسماعيل بن نتنياہ ڪئي هئي، 12تڏهن هنن سڀيئي ماڻهو گڏ ڪيا ۽ اسماعيل بن نتنياہ سان وڙهڻ لاءِ آيا، ۽ انهي کي جبعون ۾ جتي وڏا تلاءُ آهن، اُتي لڌائون. 13هاڻي هيئن ٿيو تہ اسماعيل سان جيڪي ماڻهو هئا تن سڀني جڏهن يوحنان بن قريحہ ۽ سڀ لشڪرن جا سردار جي ساڻس هئا، تن کي ڏٺو، تڏهن خوش ٿيا. 14پوءِ سڀ ماڻهو، جن کي اسماعيل مصفاہ مان قيد ڪري وٺي ويو هو، سي ور ڏيئي موٽي آيا ۽ يوحنان بن قريحہ وٽ ويا، 15پر اسماعيل بن نتنياہ، اٺن ماڻهن سان يوحنان وٽان ڀڄي بني عمون ڏانهن ويو. 16تڏهن يوحنان بن قريحہ ۽ جيڪي لشڪرن جا سردار ساڻس هئا تن سڀني انهن باقي بچيلن ماڻهن کي ورتو، جن کي جدلياہ بن اخيقام جي قتل ڪرڻ کان پوءِ هن مصفاہ مان اسماعيل بن نتنياہ جي هٿان ڇڏايو هو، يعني جنگي ماڻهو، ۽ زالون، ۽ ٻار، ۽ ناظر، جن کي هن وري جبعون مان آندو هو: 17۽ هو روانا ٿيا ۽ ڪمهام جي سراءِ ۾ وڃي رهيا، جا بيت الحم جي ڀرسان آهي، انهيءَ لاءِ تہ مصر ۾ وڃي داخل ٿين، 18ڇالاءِ جو ڪسدين جي سبب هنن کي ڊپ هو، جو اسماعيل بن نتنياہ، جدلياہ بن اخيقام کي قتل ڪيو هو، جنهن کي بابل جي بادشاهہ انهيءَ زمين تي حاڪم مقرر ڪيو هو.
Currently Selected:
يرمياہ 41: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.