Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 38

38
1۽ سفطياہ بن متان، ۽ جدلياہ بن فشحور، ۽ يوڪل بن سلمياہ، ۽ فشحور بن ملڪياہ، اُهي ڳالهيون ٻڌيون جي يرمياہ سڀني ماڻهن کي ٻڌايون، ۽ چيائين تہ 2خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪو هن شهر ۾ رهندو سو ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندو: پر جيڪو نڪري ڪسدين ڏي ويندو سو جيئرو رهندو، ۽ انهي جي حياتي سندس لاءِ غنيمت ٿيندي ۽ اُهو جيئرو رهندو. 3خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هي شهر ضرور بابل جي بادشاهہ جي لشڪر جي هٿ ۾ ڏنو ويندو، ۽ اُهو هن کي وٺندو. 4تڏهن اميرن بادشاهہ کي چيو تہ اسين توکي منٿ ٿا ڪريون تہ هن ماڻهوءَ کي ماري ڇڏڻ گهرجي؛ ڇالاءِ جو جيڪي جنگي ماڻهو هن شهر ۾ بچيا آهن تن جا، ۽ باقي سڄي قوم جا هٿ، اهڙين ڳالهين ٻڌائڻ سان هو ضعيف ٿو ڪري: هن ڪري جو هي ماڻهو هن قوم جي خير خواهي نہ پر نقصان ٿو ڳولهي. 5۽ صدقياہ بادشاهہ چيو تہ ڏس، هو اوهان جي هٿ ۾ آهي: ڇالاءِ جو بادشاهہ اهڙو ناهي جو اوهان جي برخلاف ڪجهہ ڪري سگهي. 6تڏهن هنن يرمياہ کي کڻي ملڪياہ شهزادي جي بهري ۾ وڌو، جو پهري وارن جي ايوان ۾ هو: ۽ يرمياهہ کي رسن سان انهي ۾ هيٺ لاهي وڌائون: ۽ انهي بهري ۾ پاڻي ڪونہ هو پر گپ هئي: ۽ يرمياہ گپ ۾ گپي ويو. 7هاڻي عبد ملڪ ڪوشي، جو بادشاهہ جي گهر ۾ ناظر هو، تنهن جڏهن ٻڌو تہ يرمياہ کي بهري ۾ وڌو اٿن: انهيءَ وقت بادشاهہ بنيمين جي دروازي ۾ ويٺو هو؛ 8تڏهن عبد ملڪ بادشاهہ جي گهر مان نڪري وڃي بادشاهہ کي چيو، تہ 9اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، هنن ماڻهن جيڪي يرمياہ نبيءَ سان ڪيو آهي سو بڇڙو آهي، جو هن کي بهري ۾ کڻي وڌو اٿن؛ ۽ جتي هو آهي اُتي هو ضرور بک کان مري ويندو: ڇالاءِ جو شهر ۾ وڌيڪ ماني ڪانهي. 10تڏهن بادشاهہ عبد ملڪ ڪوشيءَ کي حڪم ڏيئي چيو تہ هتان پاڻ سان ٽيهہ ماڻهو وٺي وڃ، ۽ يرمياہ نبيءَ کي مرڻ کان اڳي ٻاهر ڪڍ، 11اُن موجب عبد ملڪ پاڻ سان ماڻهو وٺي بادشاهہ جي گهر خزاني جي جاءِ جي هيٺان ويو، ۽ اُتان هن پراڻا ڦاٽل ڪپڙا، ۽ پراڻيون ڳريل اڳڙيون ڪڍيون، ۽ اُهي رسن سان هيٺ لاهي يرمياہ کي ڏنيون. 12۽ عبدملڪ ڪوشيءَ يرمياہ کي چيو تہ هاڻي اهي پراڻا ردي ڪپڙا ۽ ڳريل اڳڙيون رسن جي هيٺان پنهنجن بغلن ۾ رک، ۽ يرمياہ ائين ئي ڪيو. 13انهي طرح هنن رسن سان يرمياہ کي مٿي ڪيو، ۽ بهري مان ڪڍي ٻاهر آندائونس: ۽ يرمياہ پهري وارن جي ايوان ۾ رهيو.
14تڏهن صدقياہ بادشاهہ ماڻهو موڪلي يرمياہ نبيءَ کي خداوند جي گهر ۾ جيڪو ٽيون لنگهہ آهي. تنهن ۾ پاڻ وٽ گهرايو: ۽ بادشاهہ يرمياہ کي چيو تہ آءٌ توکان هڪڙي ڳالهہ پڇندس؛ مون کان ڪي بہ ڪين لڪائج. 15تڏهن يرمياہ صدقياہ کي چيو تہ جيڪڏهن آءٌ توکي کولي ٻڌائيندس تہ تون مون کي ضرور ماري تہ نہ وجهندين؟ ۽ جيڪڏهن آءٌ توکي صلاح ڏيندس تہ تون منهنجي نہ ٻڌندين. 16تڏهن صدقياہ بادشاهہ يرمياہ وٽ ڳجهيءَ طرح قسم کڻي چيو، تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، جنهن اسان جو هيءُ ساهہ جوڙيو آهي، تہ آءٌ توکي نہ ماريندس نڪي توکي انهن ماڻهن جي هٿ ۾ ڏيندس جي تنهنجي ساهہ جا ڳولائو آهن. 17تڏهن يرمياہ صدقياہ کي چيو تہ خداوند، لشڪرن جو خدا، ۽ اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن تون بابل جي بادشاهہ جي اميرن ڏي نڪري ويندين تہ پوءِ تنهنجي جان بچندي، ۽ هي شهر باهہ سان ساڙيو نہ ويندو؛ ۽ تون جيئرو رهندين ۽ تنهنجو گهراڻو بہ: 18پر جي تون بابل جي بادشاهہ جي اميرن ڏي نڪري نہ ويندين، تہ هي شهر ڪسدين جي هٿ ۾ ڏنو ويندو ۽ اُهي هن کي باهہ سان ساڙيندا ۽ تون انهن جي هٿان ڀڄي نہ نڪرندين. 19۽ صدقياہ بادشاهہ يرمياہ کي چيو تہ جي يهودي وڃي ڪسدين سان گڏيا آهن تن کان آءٌ ڊڄان ٿو تہ متان هو مون کي انهن جي حوالي ڪن ۽ هو مون تي کل ٺٺولي ڪن. 20پر يرمياہ چيو تہ هو توکي انهن جي حوالي نہ ڪندا، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ تون خداوند جو اهو حڪم مڃ جو آءٌ توکي ٻڌايان ٿو: جو انهي مان تنهنجو ڀلو ٿيندو، ۽ تنهنجي جان بچندي. 21پر جي تون نڪري وڃڻ کان انڪار ڪندين تہ خداوند مون کي هيءُ ڪلام ڏيکاريو آهي تہ: 22ڏس، جيڪي زالون يهوداہ جي بادشاهہ جي گهر ۾ رهجي ويون آهن سي بابل جي بادشاهہ جي اميرن وٽ کڻي ويندا، ۽ اُهي زالون چونديون تہ تنهنجن گهاٽن دوستن توکي ٺڳيو آهي ۽ اُهي توتي غالب پيا آهن: هاڻي جڏهن تنهنجا پير گپ ۾ گپي ويا آهن تڏهن هو پٺ تي ڦري هليا ويا آهن. 23پوءِ تنهنجون هو سڀ زالون ۽ تنهنجا ٻار ڪسدين وٽ وٺي ايندا: ۽ تون هنن جي هٿان بچي نہ نڪرندين پر بابل جي بادشاهہ جي هٿ چڙهندين، ۽ تون هن شهر کي باهہ سان ساڙائيندين. 24تڏهن صدقياہ يرمياہ کي چيو تہ هي ڳالهيون ٻئي ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي متان ٻڌائين، تہ تون مري نہ وڃين. 25پر جي امير ٻڌندا تہ مون توسان ڳالهايو آهي، ۽ اُهي تو وٽ ايندا ۽ توکي چوندا تہ هاڻي جيڪي تو بادشاهہ کي چيو آهي سو اسان کي کولي ٻڌاءِ؛ اسان کان اُهو نہ لڪاءِ، اسين توکي قتل نہ ڪنداسين: ۽ اهو بہ ٻڌاءِ تہ بادشاهہ توکي ڇا چيو: 26تہ پوءِ تون انهن کي چئج تہ مون بادشاهہ جي حضور ۾ عرض پيش ڪيو تہ مون کي موٽائي يونتن جي گهر نہ موڪلي تہ اُتي وڃي مران. 27تڏهن سڀ امير يرمياہ وٽ آيا ۽ پڇيائونس: ۽ هن انهن کي اُهي سڀيئي ڳالهيون ٻڌايون جي بادشاهہ فرمايون هئس. تنهن تي هنن کيس وڌيڪ ڪي ڪين چيو: ڇالاءِ جو ڳالهہ معلوم نہ ٿي. 28انهيءَ طرح يرمياہ پهري وارن جي ايوان ۾ رهندو آيو، جيسين ڪ يروشلم جي وٺجڻ جو ڏينهن اچي پهتو.
۽ جڏهن يروشلم ورتو ويو تڏهن هيئن ٿيو، تہ

Currently Selected:

يرمياہ 38: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 38