اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، هنن ماڻهن جيڪي يرمياہ نبيءَ سان ڪيو آهي سو بڇڙو آهي، جو هن کي بهري ۾ کڻي وڌو اٿن؛ ۽ جتي هو آهي اُتي هو ضرور بک کان مري ويندو: ڇالاءِ جو شهر ۾ وڌيڪ ماني ڪانهي. تڏهن بادشاهہ عبد ملڪ ڪوشيءَ کي حڪم ڏيئي چيو تہ هتان پاڻ سان ٽيهہ ماڻهو وٺي وڃ، ۽ يرمياہ نبيءَ کي مرڻ کان اڳي ٻاهر ڪڍ،