يرمياہ 37
37
1۽ صدقياہ بن يوسياہ، جنهن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪد رضر يهوداہ جي ملڪ تي بادشاهہ ڪيو هو، تہ ڪونياہ بن يهويقيم جي جاءِ تي بادشاهي ڪري؛ 2پر نڪي انهيءَ نڪي سندن نوڪرن، نڪي اُنهي ملڪ جي ماڻهن خداوند جون اُهي ڳالهيون مڃيون جي هن يرمياہ نبيءَ جي معرفت ڪيون هيون.
3۽ صدقياہ بادشاهہ، يهوڪل بن سلمياہ، ۽ صفنياہ بن معسياہ ڪاهن کي، يرمياہ نبيءَ ڏي چوائي موڪليو تہ اسان جي لاءِ خداوند اسان جي خدا کان دعا گهر. 4هاڻي يرمياہ ماڻهن ۾ پيو ايندو ويندو هو ڇالاءِ جو هنن قيد ۾ اڃا نہ وڌو هوس. 5۽ فرعون جو لشڪر مصر مان نڪتو هو: ۽ جڏهن يروشلم کي گهيري ڪندڙن ڪسدين انهن جي خبر ٻڌي، تڏهن يروشلم مان ڀڄي نڪتا. 6۽ خداوند جو ڪلام يرمياہ نبيءَ تي نازل ٿيو، تہ 7خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين يهوداہ جي بادشاهہ کي هيئن چئجو، جنهن اوهان کي پڇا ڪرڻ لاءِ مون ڏي موڪليو آهي؛ تہ ڏس، فرعون جو لشڪر جو توکي مدد ڪرڻ لاءِ آيو آهي، سو موٽي پنهنجي ملڪ مصر ڏي ويندو. 8۽ ڪسدي وري ايندا ۽ هن شهر سان وڙهندا؛ ۽ هو انهي کي وٺندا؛ ۽ باهہ سان ساڙيندا. 9خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين هيئن چئي پاڻ کي نہ ٺڳيو تہ ڪسدي ضرور اسان وٽان هليا ويندا: ڇالاءِ جو اُهي هليا نہ ويندا. 10هن ڪري جو جيتوڻيڪ ڪسدين جو لشڪر جو اوهان سان جنگ ٿو ڪري، تنهن کي اوهين کڻي ماريو ها، ۽ انهن ۾ رڳا زخمي ماڻهو وڃي بچن ٿا، تہ بہ اُهي سڀ پنهنجن تنبن ۾ اُٿي هن شهر کي باهہ سان ساڙين ها. 11۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن فرعون جي لشڪرن جي ڊپ کان ڪسدين جو لشڪر يروشلم مان ڀڄي هليو ويو، 12تڏهن يرمياہ يروشلم مان نڪري بنيمين جي زمين ۾ آيو، انهيءَ لاءِ تہ اُتي پنهنجو حصو ماڻهن منجهہ هٿ ڪري. 13۽ جڏهن هو بنيمين جي دروازي تي پهتو تڏهن بهري وارن جو سردار، جنهن جو نالو ارياہ بن سليمان بن حننياہ هو، سو اُتي هو؛ ۽ اُنهيءَ يرمياہ نبيءَ کي گرفتار ڪيو، جو چيائين تہ تون ڪسدين ڏي ڀڳو ٿو وڃين. 14تڏهن يرمياہ چيس تہ اهو ڪوڙ آهي؛ آءٌ ڪسدين ڏي ڀڄي نٿو وڃان؛ پر هن نہ ٻڌس: ۽ ارياہ يرمياہ کي پڪڙي اميرن وٽ وٺي آيو. 15۽ امير يرمياہ تي ڪاوڙيا، ۽ هن کي مار ڏنائون، ۽ يونتن منشيءَ جي گهر ۾ کڻي قيد ڪيائونس؛ ڇالاءِ جو هنن اُهو قيدخانو بنايو هو. 16جڏهن يرمياہ بهري ۽ قيدين جي ڪوٺين ۾ آيو ۽ اُتي گهڻا ڏينهن رهيو؛ 17تڏهن صدقياہ بادشاهہ هن کي ماڻهو موڪلي گهرائي ورتو: ۽ بادشاهہ پنهنجي گهر ۾ ڳجهيءَ طرح هن کان پڇيو تہ خداوند وٽان ڪو ڪلام آيو آهي يا نہ؟ ۽ يرمياہ چيو تہ آيو آهي، هن هيترو بہ چيو تہ تون بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏنو ويندين. 18هيترو بہ وڌيڪ يرمياہ صدقياہ بادشاهہ کي چيو، تہ مون تنهنجو يا تنهنجن نوڪرن جو يا تنهنجي قوم جو ڪهڙو گناهہ ڪيو آهي جو تو مون کي قيد ۾ وڌو آهي؟ 19هاڻي اوهان جا اُهي نبي ڪٿي آهن جن اوهان کي پيشنگوئي ڪري چيو تہ بابل جو بادشاهہ اوهان تي يا هن ملڪ تي ڪاهي نہ ايندو؟ 20۽ هاڻي، اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ ٻڌ: آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو عرض تنهنجي اڳيان قبول پوي؛ تون مون کي موٽائي يونتن منشيءَ جي گهر نہ موڪل، تہ متان آءٌ اُتي مري وڃان. 21تڏهن صدقياہ بادشاهہ حڪم ڏنو ۽ هنن يرمياہ کي پهري وارن جي ايوان ۾ آڻي ويهاريو، ۽ ڏهاڙي نانواين جي گهٽيءَ مان هن کي هڪڙي ماني آڻي ڏيندا هئا، جيسين ڪ شهر ۾ جيڪا ماني هئي سا سڀ کپي ويئي. انهيءَ طرح يرمياہ پهري وارن جي ايوان ۾ رهيو پيو هو.
Currently Selected:
يرمياہ 37: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.