يرمياہ 33
33
1وري ٻيو ڀيرو بہ جڏهن اڃا هو پهري وارن جي ايوان ۾ بند هو تڏهن خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ 2خداوند، جو خلقي ٿو، ۽ قائم ڪرڻ لاءِ بنائي ٿو، ۽ جنهن جو نالو خداوند آهي، سو هيئن ٿو فرمائي، تہ 3مون کي سڏ ڪر تہ آءٌ توکي جواب ڏيان، ۽ وڏيون ۽ ڳجهيون شيون ڏيکاريان، جي تون نٿو ڄاڻين. 4ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا هن شهر جي گهرن بابت، ۽ يهوداہ جي بادشاهن جي گهرن بابت، جي گهيري ۽ ترار کان بچاءُ جي لاءِ ڀڃي ڇڏيا ويا هئا، هيئن ٿو فرمائي، تہ 5هو ڪسدين سان وڙهڻ لاءِ آيا آهن پر فقط پاڻ پنهنجن ماڻهن جي لاشن سان ڀرجي ويندا، جن کي مون پنهنجي غصي ۽ ڪاوڙ ۾ ماريو آهي، ۽ جن جي سموري شرارت ڪري مون هن شهر کان پنهنجو منهن لڪايو آهي. 6ڏس، آءٌ انهي جي لاءِ شفا ۽ علاج آڻيندس، ۽ انهن کي تندرستي بخشيندس؛ ۽ آءٌ هنن تي گهڻي سلامتي ۽ سچائي ظاهر ڪندس. 7۽ آءٌ يهوداہ جي قيدين ۽ اسرائيل جي قيدين کي موٽائي آڻيندس ۽ انهن کي اڏيندس، جيئن اُهي شروع ۾ هئا. 8۽ آءٌ هنن کي سندن سموري بدڪاريءَ کان پاڪ ڪندس، جنهن جي ڪري هنن منهنجو گناهہ ڪيو آهي؛ ۽ آءٌ سندن سڀ گناهہ معاف ڪندس جن سان هنن منهنجي حڪم عدولي ڪئي آهي. 9۽ هي شهر منهنجي لاءِ زمين جي سڀني قومن جي اڳيان خوشيءَ جو نالو، ۽ تعريف، ۽ فخر جو باعث ٿيندو، ۽ جيڪا چڱائي آءٌ هنن سان ڪندس، سا سڀ اُهي قومون ٻڌنديون، ۽ جيڪا چڱائي ۽ جيڪا خير سلامتي آءٌ ان جي لاءِ موجود ڪندس، سا ڏسي هو ڊڄنديون ۽ ڏڪنديون. 10خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هي هنڌ، جنهن جي نسبت ۾ اوهين چئو ٿا تہ اهو ويران آهي، ۽ منجهس ماڻهو يا جانور ڪونهي، يعني يهوداہ جي شهرن ۾، ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ جي ويران آهن، ۽ جنهن ۾ نڪو ماڻهو آهي ۽ نڪو جانور، 11اُٿي خوشيءَ جو آواز ۽ سرهائيءَ جو آواز، گهوٽ جو آواز ۽ ڪنوار جو آواز، وري بہ ٻڌڻ ۾ ايندو: ۽ انهن جو آواز، جي چون ٿا تہ لشڪرن جي خداوند جي شڪر گذاري ڪريو، ڇالاءِ جو خداوند چڱو آهي، جو هن جو رحم هميشہ تائين جٽاءُ ڪندڙ آهي: ۽ انهن جو آواز جي شڪرگذاريءَ جون قربانيون خداوند جي گهر ۾ ٿا آڻين. ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهي ملڪ جي قيدين کي اڳي وانگي موٽائي آڻيندس. 12لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هي هنڌ، جو ويران آهي ۽ منجهس ڪوبہ ماڻهو ۽ جانور ڪونهي، اُتي ۽ اُن جي سڀني شهرن ۾ وري بہ ڌنارن جي رهڻ جي جاءِ ٿيندي، جي پنهنجن ڌڻن کي اُتي سمهاريندا. 13ڪوهستان جي شهرن ۾، ۽ نشيب واري زمين ۾، ۽ ڏکڻ جي شهرن ۾، ۽ بنيمين جي زمين ۽ يروشلم جي آس پاس وارين جاين ۾، ۽ يهوداہ جي شهر ۾، خداوند ٿو فرمائي، تہ ڳڻڻ واري جي هٿن هيٺان وري ڌڻ لنگهندا.
14ڏس، خداوند ٿو فرمائي تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ اها چڱي ڳالهہ پوري ڪندس، جا مون اسرائيل جي گهراڻي ۽ يهوداہ جي گهراڻي جي نسبت ۾ ڪئي آهي. 15انهن ڏينهن ۾، ۽ انهيءَ وقت آءٌ دائود جي لاءِ سچائيءَ جي هڪڙي شاخ ڦٽائيندس؛ ۽ اُهو انهي ملڪ ۾ عدالت ۽ سچائي جا ڪم ڪندو. 16انهن ڏينهن ۾ يهوداہ بچي ويندو ۽ يروشلم سلامتيءَ سان رهندو؛ ۽ جنهن نالي سان هوءَ سڏبي سو هي آهي: خداوند اسان جي راستبازي آهي. 17ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل جي گهراڻي جي تخت تي ويهڻ لاءِ دائود وٽ ڪنهن بہ ماڻهو جي کوٽ نہ ٿيندي؛ 18نڪا ڪاهنن يعني لاوين کي، سوختني قربانين چاڙهڻ لاءِ، ۽ نذرانن ساڙڻ لاءِ، ۽ هميشہ قرباني ڪرڻ لاءِ منهنجي اڳيان ڪنهن ماڻهوءَ جي کوٽ ٿيندي. 19۽ خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ 20خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن اوهين منهنجو اُهو عهد جو مون ڏينهن سان ۽ رات سان ڪيو آهي ڀڃي سگهندا، جنهن ڪري ڏينهن ۽ رات پنهنجي پوري وقت تي نہ ٿين؛ 21تہ تڏهن جيڪو عهد اقرار مون پنهنجي ٻانهي دائود سان ڪيو آهي سو بہ ڀڃي سگهبو، تہ هن کي سندس تخت تي ويهي بادشاهي ڪرڻ لاءِ پٽ نہ ٿئي؛ ۽ اهو عهد اقرار بہ جو مون پنهنجن خدمتگارن لاوين، يعني ڪاهنن سان ڪيو آهي. 22جيئن آسمان جو لشڪر شمار ڪري سگهڻ جو ناهي، نڪي سمنڊ جي واري ماپي سگهڻ جي آهي؛ تيئن آءٌ پنهنجي ٻانهي دائود جي اولاد کي، ۽ پنهنجن خدمتگارن لاوين کي وڌائيندس. 23۽ خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ 24جيڪي هن قوم ڳالهايو آهي تنهن تي تو ويچار نہ ڪيو ڇا، جو چون ٿا تہ جن ٻن فرقن کي خداوند پسند ڪيو، تن کي هن رد ڪري اُڇلائي ڇڏيو آهي؟ انهي طرح هو منهنجي قوم کي ڌڪارين ٿا، انهي لاءِ تہ اُهي سندن اڳيان وري ڪڏهن بہ قوم ٿي نہ رهن. 25خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن ڏينهن ۽ رات وارو منهنجو عهد اقرار نہ بيهندو، جيڪڏهن مون آسمان ۽ زمين جا قانون مقرر نہ ڪيا آهن؛ 26تڏهن آءٌ يعقوب جو، ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جو اولاد بہ رد ڪري ڇڏيندس، تہ انهن مان ڪنهن کي بہ نہ وٺان تہ ابرهام، اسحاق ۽ يعقوب جي نسل تي حڪم هلائين: بلڪ آءٌ هنن جا قيدي موٽائيندس، ۽ هنن تي رحم ڪندس.
Currently Selected:
يرمياہ 33: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.