1
يرمياہ 3:33
Sindhi Bible NT
SB62
مون کي سڏ ڪر تہ آءٌ توکي جواب ڏيان، ۽ وڏيون ۽ ڳجهيون شيون ڏيکاريان، جي تون نٿو ڄاڻين.
Compare
Explore يرمياہ 33:3
2
يرمياہ 6:33-7
ڏس، آءٌ انهي جي لاءِ شفا ۽ علاج آڻيندس، ۽ انهن کي تندرستي بخشيندس؛ ۽ آءٌ هنن تي گهڻي سلامتي ۽ سچائي ظاهر ڪندس. ۽ آءٌ يهوداہ جي قيدين ۽ اسرائيل جي قيدين کي موٽائي آڻيندس ۽ انهن کي اڏيندس، جيئن اُهي شروع ۾ هئا.
Explore يرمياہ 33:6-7
3
يرمياہ 8:33
۽ آءٌ هنن کي سندن سموري بدڪاريءَ کان پاڪ ڪندس، جنهن جي ڪري هنن منهنجو گناهہ ڪيو آهي؛ ۽ آءٌ سندن سڀ گناهہ معاف ڪندس جن سان هنن منهنجي حڪم عدولي ڪئي آهي.
Explore يرمياہ 33:8