يرمياہ 32
32
1اُهو ڪلام جو يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي ڏهين ورهيہ، جو نبوڪدرضر جو ارڙهون ورهيہ هو، خداوند وٽان يرمياہ تي نازل ٿيو. 2هاڻي انهي وقت بابل جي بادشاهہ جي لشڪر يروشلم کي گهيرو ڪيو هو: ۽ يرمياہ نبي پهري وارن جي ايوان ۾ بند هو، جو يهوداہ جي بادشاهہ جي گهر ۾ آهي. 3ڇالاءِ جو يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ هن کي بند ڪري ڇڏيو هو، جو چيائين تہ ڇو تون نبوت ڪري ٿو چوين، تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هي شهر بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيندس ۽ هو اُنهي کي وٺندو؛ 4۽ يهوداہ جو بادشاهہ صدقياہ ڪسدين جي هٿان بچي نڪري نہ ويندو، پر بابل جي بادشاهہ جي حوالي ڪيو ويندو، ۽ هن سان روبرو ڳالهائيندو، ۽ هنن جون اکيون هڪٻئي کي ڏسنديون؛ 5۽ اهو صدقياہ کي بابل ڏي وٺي ويندو، ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ هو اُتي هوندو جيسين ڪ آءٌ هن جي خبر لهان: جيتوڻيڪ اوهين ڪسدين سان وڙهندا تہ بہ اوهين فتحياب نہ ٿيندا؟
6تڏهن يرمياہ چيو تہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، جنهن چيو تہ 7ڏس تنهنجي چاچي سلوم جو پٽ حنم ايل تو وٽ ايندو، ۽ چوندو تہ منهنجي ٻني، جا عنتوت ۾ آهي، سا پنهنجي لاءِ خريد ڪر. ڇالاءِ جو ان جي لاءِ پئسا ڏئي وري ڇڏائي وٺڻ جو حق تنهنجو آهي. 8تڏهن منهنجي چاچي جو پٽ حنم ايل خداوند جي ڪلام موجب پهري وارن جي ايوان ۾ مون وٽ آيو، ۽ مون کي چيائين تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ جيڪا منهنجي ٻني عنتوت ۾ آهي، ۽ جا بنيمين جي زمين آهي، سا خريد ڪر، ڇالاءِ جو موروثي حق ۽ خريداريءَ جو حق تنهنجو آهي؛ سو اُها پنهنجي لاءِ خريد ڪر. تڏهن مون کي معلوم ٿيو تہ اهو خداوند جو ڪلام هو. 9مون اُها ٻني خريد ڪئي، جا عنتوت ۾ منهنجي چاچي جي پٽ حنم ايل جي هئي، ۽ پئسا توري هن کي ڏنم، جي چانديءَ جا سترهن شيڪل ٿيا. 10۽ مون انهي دستاويز جي هيٺان صحيح ڪئي، ۽ انهيءَ تي مهر هنيم، ۽ شاهد سڏيم، ۽ ساهميءَ ۾ پئسا توري هن کي ڏنم. 11پوءِ مون اهو خريداريءَ جو دستاويز بہ کنيو جو شريعت ۽ دستور موجب مهر ڪيو ويو، ۽ اُهو بہ جو کليل هو: 12۽ اُهو خريداريءَ جو دستاويز مون پنهنجي چاچي جي پٽ حنم ايل جي روبرو، ۽ جن شاهدن خريداريءَ جي دستاويز تي صحيح ڪئي هئي تن جي روبرو، ۽ پهري وارن جي ايوان ۾ جيڪي يهودي ويٺا هئا تن جي روبرو، باروڪ بن نيرياہ بن محسياہ کي ڏئي ڇڏيو. 13۽ مون هنن جي اڳيان باروڪ کي تاڪيد ڪري چيو، تہ 14لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هي ٻئي دستاويز وٺ، هي جو مهر ڪيل آهي ۽ هي دستاويز جو کليل آهي، ۽ انهن کي هڪڙي ٺڪر جي ٿانوَ ۾ وجهہ؛ تہ گهڻن ڏينهن تائين قائم رهن. 15ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ گهر ۽ ٻنيون ۽ ڊاک جا منهہ اڃا بہ وري هن ملڪ ۾ خريد ڪيا ويندا.
16هاڻي باروڪ بن نيرياہ کي خريداريءَ جي دستاويز ڏيڻ کان پوءِ مون خداوند کان دعا گهري ۽ چيم، تہ 17اي خداوند خدا، ڏس، تو پنهنجي وڏي قدرت سان ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان آسمان ۽ زمين ٻئي جوڙيا آهن؛ تنهنجي لاءِ ڪوبہ ڪم مشڪل ناهي: 18تون هزارن کي رحم ڏيکارين ٿو، ۽ ابن ڏاڏن جي گناهن جو بدلو انهن کان پوءِ سندن اولاد کان وٺين ٿو: تنهنجو نالو وڏو قادر خدا، لشڪرن جو خداوند آهي: 19صلاح مصلحت ۾ وڏو ۽ ڪم ڪرڻ ۾ طاقت وارو: جنهن جون اکيون بني آدم جي سڀني رستن تي کليل آهن؛ انهيءَ لاءِ تہ سڀ ڪنهن کي سندس رستن موجب ۽ سندس ڪمن موجب بدلو ڏئي: 20جنهن مصر جي ملڪ ۾ اڄ ڏينهن تائين، اسرائيل منجهہ توڙي ٻين ماڻهن منجهہ نشانيون ۽ عجيب غريب ڳالهيون مقرر ڪيون؛ ۽ پنهنجي لاءِ نالو ڪڍيو، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي؛ 21۽ نشانين ۽ عجيب غريب قدرتن سان، ۽ مضبوط هٿن سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان، ۽ وڏي هيبت سان، پنهنجي قوم اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو؛ 22۽ انهن کي هيءَ زمين ڏني، جنهن جي ڏيڻ لاءِ تو هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو. جنهن زمين ۾ کير ۽ ماکي پئي وهي؛ 23۽ هنن اچي اُها هٿ ڪئي؛ پر هنن تنهنجو حڪم نہ مڃيو، نڪي هو تنهنجي شريعت تي هليا؛ جيڪي حڪم تو هنن کي ڏنا تن مان ڪوبہ هنن بجا نہ آندو: تنهن ڪري تو هيءَ سڀ خرابي هنن تي آندي آهي: 24ڏس، شهر جي وٺڻ لاءِ اُن تائين بند ٻڌجي ويا آهن؛ ۽ شهر ڪسدين جي هٿ ۾ ڏنو ويو آهي، جي انهي سان وڙهن ٿا، ڇالاءِ جو ترار ۽ ڏڪار ۽ مرض اچي پيا آهن: ۽ جيڪي تو چيو آهي سو اچي ظاهر ٿيو آهي؛ ۽ ڏس، تون اُهو ڏسين ٿو. 25۽ اي خداوند خدا، تو مون کي چيو آهي تہ پئسا ڏيئي هي ٻني خريد ڪر ۽ شاهد سڏ؛ جڏهن شهر ڪسدين جي هٿ ۾ ڏنو ويو آهي!
26تڏهن خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ 27ڏس، آءٌ خداوند، سڀني انسانن جو خدا آهيان: منهنجي لاءِ ڪو ڪم مشڪل آهي ڇا؟
28تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هي شهر ڪسدين جي هٿ ۾ ۽ بابل جي بادشاهہ نبوڪد رضر جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيندس ۽ هو وٺندو: 29۽ جيڪي ڪسدي هن شهر سان وڙهن ٿا سي اچي هن شهر کي باهہ ڏيئي ساڙيندا، ۽ اُهي گهر بہ جن جي ڇتين تي هن بعل جي لاءِ لوبان پئي ساڙيو آهي ۽ ٻين معبودن جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون پئي هاريون آهن، جنهن ڪري مون کي ڪاوڙ ڏياري اٿن. 30ڇالاءِ جو بني اسرائيل ۽ بني يهوداہ پنهنجي جوانيءَ کان وٺي اهي ڪم ڪيا آهن جي منهنجي نظر ۾ خراب هئا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ بني اسرائيل پنهنجن هٿن جي ڪم سان مون کي رڳو ڪاوڙ پئي ڏياري آهي. 31جنهن ڏينهن اهو شهر بنايو ويو هو تنهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين منهنجي ڪاوڙ ۽ جوش پيدا ڪرڻ جو سبب پي ٿيو آهي؛ اُنهي لاءِ تہ آءٌ هنن کي پنهنجي منهن تان ٽاري ڇڏيان: 32۽ اهو هن سبب ڪري جو بني اسرائيل ۽ بني يهوداہ، سندن بادشاهن، ۽ سندن اميرن، سندن ڪاهنن، ۽ سندن نبين، ۽ يهوداہ جي ماڻهن ۽ يروشلم جي رهاڪن خرابي ڪري مون کي ڪاوڙ ڏياري آهي. 33۽ هنن منهن ڦيرائي مون ڏي پٺ ڪئي آهي: ۽ جيتوڻيڪ صبح جو سوير اُٿي مون هنن کي تعليم پئي ڏني آهي، تہ بہ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هنن ڌيان ڪونہ ڏنو آهي. 34۽ هنن پنهنجون ڪراهت جهڙيون شيون انهي گهر ۾ رکيون، جو منهنجي نالي سان ٿو سڏجي، انهي لاءِ تہ انهي کي پليت ڪن. 35۽ هنن بعل جا اُهي مٿانهان مڪان جوڙيا، جي هنوم جي واديءَ ۾ آهن، انهي لاءِ تہ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجن ڌيئن کي مولڪ جي لاءِ باهہ مان لنگهائين؛ جنهن جي ڪرڻ لاءِ مون نہ هنن کي حڪم ڏنو، نڪي اها ڳالهہ منهنجي دل ۾ آئي تہ هو اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ڪن، ۽ يهوداہ کان گناهہ ڪرائين.
36۽ تنهن ڪري هاڻي جنهن شهر بابت اوهين چئو ٿا، تہ اُهو ترار، ۽ ڏڪار، ۽ مرض سان بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏنو ويو آهي، تنهن جي بہ نسبت خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ 37ڏس، تہ جن ملڪن ۾ مون هنن کي پنهنجي غصي ۽ پنهنجي ڪاوڙ ۽ پنهنجي غضب ۾ هڪالي ڪڍيو آهي، تن سڀني مان آءٌ هنن کي گڏ ڪندس؛ ۽ آءٌ هنن کي وري بہ هن هنڌ آڻيندس، ۽ هنن کي سلامتيءَ سان رهائيندس: 38۽ هو منهنجي قوم ٿيندا، ۽ آءٌ هنن جو خدا ٿيندس: 39۽ آءٌ هنن کي هڪڙي دل ۽ هڪڙي واٽ ڏيندس، تہ هميشہ مون کان ڊڄندا رهن، تہ کين، ۽ کانئن پوءِ سندن اولاد کي چڱائي رسي: 40۽ آءٌ هنن سان مدامي عهد اقرار ڪندس، ۽ آءٌ هنن سان چڱائي ڪرڻ کان ڪين ڦرندس؛ ۽ آءٌ پنهنجو خوف هنن جي دل ۾ وجهندس تہ هو مون کان پري نہ وڃن. 41هائو هنن سان چڱائيءَ ڪرڻ لاءِ آءٌ هنن تي راضي رهندس، ۽ يقيناً آءٌ پنهنجي سڄيءَ دل ۽ پنهنجي سموري روح سان هنن کي هن زمين تي ڄمائيندس. 42ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيئن مون هي وڏي خرابي هن قوم تي آندي آهي تيئن آءٌ هنن تي جنهن چڱائي جو ساڻن انجام ڪيو اٿم سا سڀ هنن تي آڻيندس. 43۽ هن زمين ۾ ٻنيون خريد ڪيون وينديون جنهن بابت اوهين چئو ٿا تہ اها ويران آهي، ۽ ڪسدين جي حوالي ڪئي وئي آهي، ۽ منجهس ڪوبہ ماڻهو يا جانور ڪونهي. 44ماڻهو پئسن تي ٻنيون خريد ڪندا، ۽ دستاويزن تي صحيح ڪندا، ۽ اُنهن تي مهرون هڻندا ۽ شاهدي ڏيندا؛ جهڙو بنيمين جي زمين ۾، تهڙو يروشلم جي آس پاس ۽ يهوداہ جي شهر ۾: جهڙو ڪوهستان جي شهرن ۾، تهڙو نشيب واري زمين ۽ ڏکڻ جي شهرن ۾: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن جا قيدي موٽائيندس.
Currently Selected:
يرمياہ 32: SB62
Highlight
Copy
Compare
Share
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.