Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 34

34
1جڏهن بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر ۽ سندس سڄو لشڪر، ۽ جيڪي زمين جون بادشاهتون سندس حڪم هيٺ هيون، ۽ باقي سڀ قومون يروشلم سان ۽ اُن جي سڀني شهرن سان وڙهيون، تڏهن خداوند جو ڪلام يرمياہ نبيءَ تي نازل ٿيو، تہ 2خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ وڃي يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي چئو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ هي شهر بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيندس، ۽ اهو انهي کي باهہ سان ساڙيندو: 3۽ تون انهي جي هٿان ڀڄي نہ ويندين، پر ضرور گرفتار ٿيندين، ۽ انهي جي هٿ ۾ ڏنو ويندين؛ ۽ تنهنجون اکيون بابل جي بادشاهہ جون اکيون ڏسنديون، ۽ هو تو سان روبرو ڳالهائيندو ۽ تون بابل ڏي ويندين. 4انهيءَ هوندي بہ، اي صدقياہ، يهوداہ جا بادشاهہ، خداوند جو ڪلام ٻڌ: تنهنجي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تون ترار سان نہ مرندين؛ 5تون امن آرام ۾ مرندين؛ جيئن تنهنجا ابا ڏاڏا، اڳوڻا بادشاهہ، جي تو کان اڳي هئا، تن جي لاءِ خوشبوءِ ساڙيندا هئا، تيئن تنهنجي لاءِ بہ ساڙيندا؛ ۽ تنهنجي لاءِ ماتم ڪندا ۽ چوندا تہ هاءِ ڌڻي! ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون اهو ڪلام ڪري ڇڏيو آهي. 6جڏهن يرمياہ نبي هي سڀ ڳالهيون يروشلم ۾ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي ٻڌايون، 7تڏهن بابل جي بادشاهہ جو لشڪر يروشلم سان ۽ يهوداہ جي باقي رهيل سڀني شهرن سان، يعني لڪيس ۽ عزيقہ سان وڙهيو؛ ڇالاءِ جو يهوداہ جي شهرن مان فقط اِهي ڪوٽن وارا شهر باقي وڃي بچيا هئا.
8بادشاهہ صدقياہ يروشلم جي سڀني ماڻهن سان عهد اقرار ڪري هنن کي آزادي ڏيڻ جو اشتهار ڪيو، تنهن کان پوءِ جيڪو ڪلام خداوند وٽان يرمياہ تي نازل ٿيو، سو هي آهي؛ 9تہ سڀڪو ماڻهو پنهنجي ٻانهي ۽ پنهنجي ٻانهيءَ کي آزاد ڪري ڇڏي؛ پوءِ اهو يهودي مرد يا اُها يهودي زال هجي؛ ڪوبہ انهن کان، يعني پنهنجي عبراني ڀاءُ کان، پنهنجي لاءِ خدمت چاڪري نہ وٺي: 10۽ سڀ امير ۽ سڀ ماڻهو جي انهي عهد اقرار ۾ شامل ٿيا هئا، تن قبول ڪيو تہ سڀڪو ماڻهو پنهنجي ٻانهي ۽ پنهنجيءَ ٻانهيءَ کي آزاد ڪري ڇڏيندو، ۽ اڳتي وري ڪوبہ انهن کان پنهنجي لاءِ خدمت چاڪري نہ وٺندو: ۽ هنن اها ڳالهہ مڃي ۽ انهن کي ڇڏي ڏنائون: 11پر پوءِ هو وري ڦري ويا، ۽ جن ٻانهن ۽ ٻانهين کي آزاد ڪري ڇڏيو هئائون تن کي موٽائي آڻي تابعدار ڪري ٻانها ۽ ٻانهيون ڪيائون. 12تنهن ڪري خداوند جو ڪلام، خداوند وٽان يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ 13خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان، يعني غلاميءَ جي گهر مان ڪڍي آندو، انهي ڏينهن مون انهن سان عهد اقرار ڪري چيو، تہ 14ستن ورهين کان پوءِ اوهان جو ڀاءُ عبراني جو اوهان وٽ وڪڻيو ويو هجي، ۽ جنهن ڇهہ ورهيہ اوهان وٽ خدمت چاڪري ڪئي هجي، تن کي اوهان مان هرڪو آزاد ڪري ڇڏي: پر اوهان جي ابن ڏاڏن منهنجي نہ ٻڌي ۽ نہ ڪن ڏنائون. 15۽ آخر اوهين ڦريا ۽ اهو ڪم ڪيو اٿوَ جو منهنجي نظر ۾ چڱو آهي، ۽ اوهان مان هر ڪنهن پڌريءَ طرح پنهنجي پاڙيسريءَ کي آزاد ڪري ڇڏيو؛ ۽ جيڪو گهر منهنجي نالي سان ٿو سڏجي تنهن ۾ اوهان منهنجي اڳيان عهد اقرار ڪيو: 16پر هاڻي وري ڦري ويا آهيو ۽ منهنجي نالي جي بي ادبي ڪري اوهان مان هر ڪنهن، جنهن پنهنجو ٻانهون ۽ پنهنجي ٻانهي خوشيءَ سان آزادي ڪري ڇڏي هئي، تنهن انهن کي موٽائي آندو؛ ۽ اوهان انهن کي وري آڻي پنهنجو تابعدار ڪري ٻانها ۽ ٻانهيون بنايو. 17تنهن ڪري خداوند، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ جو اوهان منهنجو حڪم نہ ٻڌو آهي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي ڀاءُ کي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي پاڙيسريءَ کي پڌري طرح آزاد ڪري نہ ڇڏيو آهي: ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان کي ترار جي، ۽ مرض جي، ۽ ڏڪار جي آزاديءَ جي خبر ٿو ڏيان؛ ۽ آءٌ اوهان کي زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ هيڏي هوڏي رلائيندس: 18يعني انهن ماڻهن کي جن منهنجو عهد ڀڳو آهي، ۽ جي گابو وڍي ڀاڱا ڪري انهن ڀاڱن جي وچان لنگهيا، ۽ پوءِ بہ جيڪو عهد اقرار انهن منهنجي اڳيان ڪيو تنهنجون ڳالهيون پوريون نہ ڪيائون؛ 19يعني يهوداہ جي اميرن کي، ۽ يروشلم جي اميرن کي، ناظرن، ۽ ڪاهنن، ۽ انهي ملڪ جي ٻين سڀني ماڻهن کي، جي گابي جي ٻن ڀاڱن جي وچان لنگهيا: 20اُنهن کي آءٌ سندن دشمنن، ۽ سندن جان جي ڳوليندڙن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس: ۽ انهن جا مڙهہ هوا جي پکين ۽ زمين جي جانورن جي قوت ٿيندا. 21۽ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ، ۽ سندس اميرن کي آءٌ سندن دشمنن جي، ۽ سندن جان جي ڳوليندڙن ۽ بابل جي بادشاهہ جي لشڪر، جو اوهان وٽان هليو ويو آهي، تنهن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس. 22ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ حڪم ڏئي هنن کي هن شهر ڏي آڻيندس؛ ۽ اُهي انهي سان وڙهندا، ۽ انهي کي وٺندا، ۽ باهہ سان ساڙيندا: ۽ آءٌ يهوداہ جي شهرن کي اهڙو ويران ڪندس جو ڪوبہ منجهن رهڻ وارو ڪونہ هوندو.

Currently Selected:

يرمياہ 34: SB62

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in