YouVersion Logo
Search Icon

يسعياہ 45

45
1خداوند پنهنجي مسح ڪيل خورس بابت فرمائي ٿو، تہ مون هن جو ساڄو هٿ جهليو آهي تہ قومن کي سندس اڳيان مات ڪريان، آءٌ بادشاهن جون چيلهيون ڍريون ڪندس؛ آءٌ هن جي اڳيان در کوليندس، ۽ دروازا بند نہ ٿيندا. 2آءٌ تنهنجي اڳيان هلندس ۽ کڙٻڙيا هنڌ سنوان ڪندس: آءٌ پتل جا در ڀڃي پرزا پرزا ڪندس، ۽ لوهہ جا گز وڍي ڌار ڪندس: 3آءٌ توکي اوندهہ جا خزانا، ۽ ڳجهين جاين ۾ لڪل دولت ڏيندس، تہ توکي خبر پوي تہ آءٌ اهو خداوند اسرائيل جو خدا آهيان، جو تنهنجو نالو وٺي توکي سڏيان ٿو. 4مون پنهنجي بندي يعقوب، ۽ پنهنجي چونڊيل اسرائيل جي خاطر توکي تنهنجو نالو وٺي سڏيو آهي: جيتوڻيڪ تون مون کي نٿو سڃاڻين، تڏهن بہ مون توکي لقب ڏنو آهي. 5آءٌ خداوند آهيان، ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ مون کانسواءِ ٻيو خدا ڪونهي: جيتوڻيڪ تون مون کي نٿو سڃاڻين، تڏهن بہ آءٌ تنهنجي ڪمر ٻڌندس: 6انهي لاءِ تہ اُڀرندي کان اُلهندي تائين اهي ڄاڻن تہ مون کان سواءِ ٻيو ڪونهي: آءٌ خداوند آهيان، ۽ ٻيو ڪو بہ ڪونهي. 7آءٌ روشنائي جوڙيان ٿو، ۽ اونداهي پيدا ٿو ڪريان؛ آءٌ سلامتي ٿو آڻيان، ۽ مصيبت پيدا ٿو ڪريان؛ آءٌ اهو خداوند آهيان جو اهي سڀ ڪم ٿو ڪريان.
8اي آسمان، اوهين مٿان هيٺ ڪري پئو، ۽ ڀلي تہ آسمان راستبازي وسائين: ڀلي تہ زمين کلي پوي، ۽ انهي مان نجات ۽ راستبازيءَ جو ڦل گڏجي نڪري؛ مون خداوند انهيءَ کي پيدا ڪيو آهي. 9افسوس آهي انهي تي جو زمين جي ٺڪرن مان هڪڙو ٺڪر آهي ۽ پنهنجي خالق سان تڪرار ٿو ڪري! مٽي ڪنڀر کي چوندي ڇا تہ تون ڇا ٿو جوڙين؟ يا تنهنجي هٿ جو ڪم چوي تہ هن کي هٿ نہ آهن؟ 10افسوس آهي انهي تي جو پيءُ کي چوي ٿو تہ تون ڇا ٿو ڄڻين؟ يا ڪنهن زال کي چوي تہ توکي ڇا جا سور ٿيا آهن؟ 11خداوند اسرائيل جو پاڪ خدا، ۽ ان جو خالق ائين ٿو فرمائي: تہ ايندڙ ڳالهين بابت اوهين مون کان پڇو يعني منهنجن پٽن بابت، ۽ منهنجي هٿ جي ڪمن بابت مون کي حڪم ڏيو. 12مون زمين جوڙي آهي، ۽ انهيءَ تي انسان پيدا ڪيو اٿم: مون، يعني منهنجي هٿن، آسمان کي تاڻيو آهي، ۽ انهي جي سموري لشڪر تي حڪم هلايو اٿم. 13مون هن کي راستبازيءَ سان اُٿاريو آهي، ۽ آءٌ هن جا سڀ رستا سنوان ڪندس: هو منهنجو شهر اڏيندو، هو منهنجن قيدين کي قيمت ۽ عيوضي وٺڻ کان سواءِ مفت آزاد ڪري ڇڏيندو، لشڪرن جو خداوند ائين ٿو فرمائي.
14خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مصر جي دولت، ۽ ڪوش جي تجارت، ۽ سبا جا قداور ماڻهو تو وٽ ايندا، ۽ تنهنجا ٿيندا؛ اهي تنهنجي پٺيان هلندا؛ اهي زنجيرن ۾ ٻڌجي ايندا: ۽ اُهي توکي سجدو ڪندا، ۽ توکي عرض ڪري چوندا تہ يقيناً خدا تو ۾ آهي؛ ٻيو ڪوبہ ڪونهي، ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي. 15اي اسرائيل جا خدا، اي نجات ڏيڻ وارا، سچ پچ تون ئي هڪڙو خدا آهين، جو پوشيدگيءَ ۾ آهين. 16اهي شرمندا ٿيندا، هائو، اهي سڀ پشيمان ٿيندا: جيڪي بتن جوڙڻ وارا آهن، سي سڀ منجهي پوندا. 17پر خداوند اسرائيل کي بچائي هميشہ جي نجات ڏيندو: اوهين ابدي زماني تائين ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا، نڪي پشيمان ٿيندا.
18ڇالاءِ جو خداوند جنهن آسمان پيدا ڪيا، اهو ئي خدا آهي؛ هن زمين جوڙي ۽ تيار ڪئي؛ هن انهيءَ کي قائم ڪيو، هن انهيءَ کي ويران نہ پيدا ڪيو، بلڪ رهڻ جي لاءِ انهي کي جوڙيائين: هو فرمائي ٿو تہ آءٌ خداوند آهيان؛ ٻيو ڪوبہ ڪونهي. 19مون ڳجهہ ڳوهہ ۾، يا زمين جي ڪنهن اونداهي جاءِ ۾ ڪلام نہ ڪيو آهي؛ مون يعقوب جي اولاد کي ڪونہ چيو تہ مون کي اجايو ڳوليو: آءٌ خداوند سچ ٿو ڳالهايان ۽ راستيءَ جون ڳالهيون ظاهر ٿو ڪريان. 20اوهين گڏجي اچو؛ اوهين جي قومن مان بچي نڪتا آهيو سي گڏ ٿي ويجها اچو: جيڪي پنهنجيءَ اُڪريل مورت جو ڪاٺ ٿا کڻن، ۽ انهيءَ معبود کان دعا ٿا گهرن جو بچائي نٿو سگهي، سي بي سمجهہ آهن. 21اوهين ظاهر ڪري ٻڌايو ۽ انهي کي ويجهو آڻيو؛ ڀلي تہ اُهي پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪن: ڪنهن قديم زماني کان اهو ڏيکاريو آهي؟ ڪنهن پراڻي وقت کان اهو ظاهر ڪري ٻڌايو؟ مون خداوند ائين نہ ڪيو آهي ڇا؟ ۽ مون کان سواءِ ٻيو خدا ڪونهي؛ يعني عادل خدا ۽ نجات ڏيندڙ؛ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي. 22اي زمين جا رهاڪو اوهين سڀ مون ڏانهن نهاريو ۽ نجات حاصل ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ خدا آهيان، ۽ ٻيو ڪو بہ ڪونهي. 23مون پنهنجو قسم کنيو آهي، منهنجي وات مان سچائيءَ سان ڪلام نڪتو آهي، سو وري نہ ڦرندو، تہ سڀڪو گوڏو منهنجي اڳيان جهڪندو، ۽ هرڪا زبان منهنجو قسم کائيندي. 24هرڪو مون بابت چوندو تہ رڳو خداوند ۾ راستبازي ۽ طاقت آهي: انهي وٽ ئي ماڻهو ايندا، ۽ جيڪي کانئس ناراض هئا، سي سڀ شرمندا ٿيندا. 25اسرائيل جو سارو نسل انهي ۾ سچو ثابت ٿيندو، ۽ انهي تي فخر ڪندو.

Currently Selected:

يسعياہ 45: SB62

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in