1
يسعياہ 3:45
Sindhi Bible NT
SB62
آءٌ توکي اوندهہ جا خزانا، ۽ ڳجهين جاين ۾ لڪل دولت ڏيندس، تہ توکي خبر پوي تہ آءٌ اهو خداوند اسرائيل جو خدا آهيان، جو تنهنجو نالو وٺي توکي سڏيان ٿو.
Compare
Explore يسعياہ 45:3
2
يسعياہ 2:45
آءٌ تنهنجي اڳيان هلندس ۽ کڙٻڙيا هنڌ سنوان ڪندس: آءٌ پتل جا در ڀڃي پرزا پرزا ڪندس، ۽ لوهہ جا گز وڍي ڌار ڪندس
Explore يسعياہ 45:2
3
يسعياہ 5:45-6
آءٌ خداوند آهيان، ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ مون کانسواءِ ٻيو خدا ڪونهي: جيتوڻيڪ تون مون کي نٿو سڃاڻين، تڏهن بہ آءٌ تنهنجي ڪمر ٻڌندس: انهي لاءِ تہ اُڀرندي کان اُلهندي تائين اهي ڄاڻن تہ مون کان سواءِ ٻيو ڪونهي: آءٌ خداوند آهيان، ۽ ٻيو ڪو بہ ڪونهي.
Explore يسعياہ 45:5-6
4
يسعياہ 7:45
آءٌ روشنائي جوڙيان ٿو، ۽ اونداهي پيدا ٿو ڪريان؛ آءٌ سلامتي ٿو آڻيان، ۽ مصيبت پيدا ٿو ڪريان؛ آءٌ اهو خداوند آهيان جو اهي سڀ ڪم ٿو ڪريان.
Explore يسعياہ 45:7
5
يسعياہ 22:45
اي زمين جا رهاڪو اوهين سڀ مون ڏانهن نهاريو ۽ نجات حاصل ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ خدا آهيان، ۽ ٻيو ڪو بہ ڪونهي.
Explore يسعياہ 45:22
6
يسعياہ 1:45
خداوند پنهنجي مسح ڪيل خورس بابت فرمائي ٿو، تہ مون هن جو ساڄو هٿ جهليو آهي تہ قومن کي سندس اڳيان مات ڪريان، آءٌ بادشاهن جون چيلهيون ڍريون ڪندس؛ آءٌ هن جي اڳيان در کوليندس، ۽ دروازا بند نہ ٿيندا.
Explore يسعياہ 45:1
7
يسعياہ 23:45
مون پنهنجو قسم کنيو آهي، منهنجي وات مان سچائيءَ سان ڪلام نڪتو آهي، سو وري نہ ڦرندو، تہ سڀڪو گوڏو منهنجي اڳيان جهڪندو، ۽ هرڪا زبان منهنجو قسم کائيندي.
Explore يسعياہ 45:23
8
يسعياہ 4:45
مون پنهنجي بندي يعقوب، ۽ پنهنجي چونڊيل اسرائيل جي خاطر توکي تنهنجو نالو وٺي سڏيو آهي: جيتوڻيڪ تون مون کي نٿو سڃاڻين، تڏهن بہ مون توکي لقب ڏنو آهي.
Explore يسعياہ 45:4
Home
Bible
Plans
Videos