يسعياہ 44
44
1انهي هوندي بہ اي منهنجا بندا يعقوب؛ اي منهنجا چونڊيل اسرائيل، هاڻي ٻڌ: 2جنهن خداوند توکي بنايو، ۽ ماءُ جي پيٽ کان ئي توکي جوڙيو، ۽ جو تنهنجي مدد ڪندو؛ سو هيئن ٿو فرمائي تہ اي منهنجا بندا يعقوب، اي منهنجا چونڊيل يسورون، ڊڄ نہ. 3ڇالاءِ جو آءٌ اُڃايل تي پاڻي هاريندس، ۽ سڪيءَ زمين تي نهرون وهائيندس: آءٌ تنهنجي نسل تي پنهنجو روح، ۽ تنهنجي اولاد تي پنهنجي برڪت نازل ڪندس. 4اهي واهن جي ڪناري، گاهن ۾ لئين وانگر نڪرندا. 5هڪڙو چوندو تہ آءٌ خداوند جو آهيان؛ ٻيو پاڻ کي يعقوب جي نالي سان سڏيندو؛ تہ ٻيو وري پنهنجي هٿ سان لکندو تہ آءٌ خداوند جي لاءِ آهيان، ۽ پاڻ کي اسرائيل جي نالي جو لقب ڏيندو.
6خداوند، اسرائيل جو بادشاهہ، ۽ انهي جو نجات ڏيندڙ، لشڪرن جو خداوند، هيئن ٿو فرمائي: تہ آءٌ اول ۽ آخر آهيان؛ ۽ مون کان سواءِ ٻيو خدا ڪونهي. 7جنهن وقت کان مون قديم اُمت کي مقرر ڪيو، تنهن وقت کان ڪير مون وانگي سڏيندو، ۽ اُنهي جو بيان ڪري مون لاءِ ترتيب وار بيهاريندو؟ جيڪي ڳالهيون ٿيڻيون آهن، ۽ جي هن کان پوءِ ٿينديون سي تہ ڀلا هو ظاهر ڪن. 8اوهين ڊڄو نہ، ۽ نہ ڪو ڊپ ڪريو: مون توکي اڳيئي اهو نہ ٻڌايو، ۽ نہ ڏيکاريو آهي ڇا؟ ۽ اوهين منهنجا شاهد آهيو. مون کان سواءِ ڪو ٻيو خدا آهي ڇا؟ نہ، ڪو بہ ٽڪر ڪونهي؛ مون کي ڪوبہ ڪونہ سُجهي! 9جيڪي اُڪريل مورتون ٿا ٺاهين، سي سڀ بيهودا آهن؛ ۽ انهن جي وڻندڙ شين مان ڪوبہ فائدو ڪونهي: ۽ انهن جا شاهد نڪي ڏسن ٿا، نڪي ڄاڻن ٿا؛ سي ڀلي شرمندا ٿين. 10ڪنهن ڪو اهڙو معبود جوڙيو، يا ڪا اُڪريل مورت پلٽي آهي، جنهن مان ڪو فائدو ٿئي؟ 11ڏس، هن جا سڀ سنگتي شرمندا ٿيندا؛ ۽ ڪاريگر بہ، جي انسان آهن: ڀلي تہ اهي سڀ گڏ ٿي بيهن، اهي ڊڄندا ۽ گڏجي شرمندا ٿيندا. 12لوهار ڪهاڙو ٺاهي ٿو، ۽ اَڱرن تي ڪم ڪري ٿو، ۽ مترڪن سان انهي کي جوڙي، ۽ پنهنجن زور ڀرين ٻانهن سان انهي کي گهڙي ٿو: هائو، هو بکائجي ٿو، ۽ ڪمزور ٿو ٿئي؛ هو پاڻي نٿو پيئي، ۽ ساڻو ٿو ٿئي. 13واڍو ڏور ڇڪي ٿو ۽ انهيءَ سان نشان ٿو ڪري؛ هو رندن سان انهيءَ کي صاف ٿو ڪري، ۽ پرڪارن سان انهي جا نشان ظاهر ٿو ڪري، ۽ انسان جي صورت موجب، انسان جي سهڻي شڪل بنائي ٿو تہ گهر ۾ رکي. 14هو پنهنجي لاءِ ديودار وڍي ٿو، ۽ شمشاد ۽ شاهہ بلوط جا وڻ کڻي ٿو، ۽ ٻيلي جي وڻن مان هڪڙو مضبوط وڻ پنهنجي لاءِ پسند ڪري ٿو: هو صنوبر جو وڻ لڳائي ٿو، ۽ مينهن انهي کي زور وٺائي وڏو ڪري ٿو، 15پوءِ اهو باهہ ٻارڻ لاءِ ماڻهوءَ کي ڪم اچي ٿو؛ هو انهي مان ڪجهہ ٻاري پاڻ کي گرم ڪري ٿو؛ بلڪ هو انهي کي ٻاري ماني پچائي ٿو: هو انهي مان هڪڙو معبود ٺاهي ٿو، ۽ انهي جي عبادت ڪري ٿو؛ هو انهي مان هڪڙي اُڪريل مورت ٺاهي انهي جي اڳيان سجدو ڪري ٿو. 16هو انهي جو هڪڙو ٽڪر باهہ ۾ ساڙي ٿو؛ ۽ انهي ٽڪر تي گوشت پچائي کائي ٿو؛ هو ڪباب پچائي ٿو، ۽ کائي ڍءُ ٿو ڪري: هائو، هو پاڻ کي گرم ڪري ٿو، ۽ چوي ٿو تہ واهہ واهہ، آءٌ گرم ٿيو آهيان، مون باهہ ڏٺي آهي: 17پوءِ انهي جي بچيل ٽڪرن مان هو هڪڙو معبود يعني پنهنجي اُڪريل مورت ٺاهي ٿو: هو انهيءَ جي اڳيان جهڪي سجدو ٿو ڪري، ۽ انهيءَ کان دعا ٿو گهري، ۽ چوي ٿو تہ مون کي ڇڏاءِ؛ ڇالاءِ جو تون منهنجو خدا آهين. 18اهي نٿا ڄاڻن نڪي ويچار ڪن ٿا، جو هن انهن جون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن، جنهن ڪري هو ڏسي نٿا سگهن؛ ۽ هن انهن جون دليون سخت ڪيون آهن جنهن ڪري هو سمجهي نٿا سگهن. 19ڪو پنهنجي دل ۾ خيال نٿو ڪري، نہ ڪو ايترو ڄاڻي يا سمجهي ٿو، جو چوي تہ هن جو هڪڙو ٽڪر مون باهہ ۾ ساڙيو، ۽ انهي جي ٽانڊن تي مون ماني بہ پچائي ۽ گوشت بہ ڪباب ڪري کاڌم: ۽ انهي جي بچيل ٽڪر مان آءٌ ڪراهت جهڙي شيءِ جوڙيان ڇا؟ آءٌ هڪڙي وڻ جي بنڊ جي اڳيان سجدو ڪريان ڇا؟ 20هو رک کائي ٿو: ٺڳيل دل هن کي اهڙو گمراهہ ڪيو آهي جو هو پنهنجو روح ڇڏائي نٿو سگهي، ۽ نڪي چوي ٿو تہ منهنجي ساڄي هٿ ۾ ڪوڙ ناهي ڇا؟
21اي يعقوب، اي اسرائيل، اهي ڳالهيون ياد رک؛ ڇالاءِ جو تون منهنجو بندو آهين: مون توکي جوڙيو آهي؛ تون منهنجو بندو آهين: اي اسرائيل آءٌ توکي ڀلجي نہ ويندس. 22مون تنهنجون خطائون گهاٽي ڪڪرن وانگي، ۽ تنهنجا گناهہ بادل وانگي ميساري ڇڏيا آهن: مون ڏانهن ڦر؛ ڇالاءِ جو مون تنهنجو عيوضو ڏنو آهي. 23اي آسمانو ڳايو، ڇالاءِ جو خداوند ائين ڪيو آهي؛ اي پاتال رڙيون ڪر؛ اي جبلو، اي ٻيلا ان جا سڀ وڻو، اوهين ڳائڻ لڳو: ڇو تہ خداوند يعقوب جو عيوضو ڏنو آهي، ۽ اسرائيل ۾ هو پنهنجو جلال ظاهر ڪندو.
24خداوند تنهنجو نجات ڏيندڙ، ۽ جنهن توکي تنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ جوڙيو، سو هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ خداوند آهيان جو سڀ شيون ٿو جوڙيان؛ جو اڪيلو آسمان کي تاڻيان ٿو ۽ زمين کي پري پکيڙي ٿو ڇڏيان: ڪير منهنجو شريڪ آهي؟ 25جو ڪوڙن جا نشان اجايا ٿو ٺهرائي، ۽ فال وجهڻ وارن کي چريو ٿو ڪري، جو سياڻن کي رد ٿو ڪري، ۽ انهن جي علم کي بيوقوفيءَ جهڙو ٿو ڪري. 26جو پنهنجي بندي جو ڪلام ثابت ٿو ڪري، ۽ پنهنجي قاصدن جي مصلحت پوري ٿو ڪري؛ جو يروشلم بابت چوي ٿو تہ اهو آباد ٿيندو؛ ۽ يهوداہ جي شهرن بابت تہ اهي اڏبا، آءٌ هن جا ويران هنڌ آباد ڪندس: 27جو اونهي سمنڊ کي چوي ٿو تہ سڪي وڃ، آءٌ تنهنجون نديون سڪائي ڇڏيندس: 28جو خورس بابت چوي ٿو تہ هو منهنجو ڌنار آهي، ۽ منهنجي سموري مرضي پوري ڪندو: هو يروشلم جي بابت چوي ٿو تہ اهو وري اڏبو؛ ۽ هيڪل کي چوي ٿو تہ تنهنجو بنياد پوندو.
Currently Selected:
يسعياہ 44: SB62
Highlight
Share
Compare
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.