يسعياہ 46
46
1بيل هيٺ جهڪي ٿو، نبو سجدو ٿو ڪري؛ انهن جون مورتون جانورن ۽ ڍورن تي لڏيل آهن: جيڪي شيون اوهين کڻي پئي گهميا، سي ٿڪل جانورن تي لڏيل بوجهو آهن. 2اهي نئڙن ٿا، اهي سڀ گڏ هيٺ جهڪن ٿا؛ اهي بار کان بچائي نہ سگهيا، پر پاڻ قيد ٿي ويا.
3اي يعقوب جا گهراڻا، ۽ اسرائيل جي گهراڻي مان جيڪي بچيا آهيو، سي منهنجي ڳالهہ ٻڌو، مون اوهان کي ماءُ جي پيٽ کان ئي سنڀاليو آهي، اوهان کي ننڍپڻ کان ئي هنج ۾ کنيو اٿم: 4۽ اوهان جي ٻڍاپي تائين آءٌ اهو ئي رهندس، بلڪ اوهان جي اڇن وارن تائين آءٌ اوهان کي کڻندس: مون ئي جوڙيو آهي ۽ آءٌ ئي سنڀاليندس؛ هائو، آءٌ کڻندس ۽ ڇڏائيندس. 5اوهين ڪنهن سان منهنجي مشابهت ڪندا، ڪنهن سان برابري ڪندا، ۽ ڪنهن سان مقابلو ڪندا، تہ اسين هڪ جهڙا ٿيون؟ 6جيڪي ڳوٿريءَ مان سون ڪڍن ٿا ۽ ساهميءَ ۾ چاندي تورين ٿا، اهي سوناري کي ڪم تي رکن ٿا ۽ هو انهي مان هڪڙو معبود جوڙي ٿو؛ پوءِ اُهي هنجي اڳيان جهڪن ٿا ۽ سجدو ڪن ٿا. 7اُهي هن کي ڪلهي تي کڻي سندس جاءِ تي رکن ٿا، ۽ هو بيهي ٿو؛ ۽ هو پنهنجي جاءِ تان نٿو چُري: بلڪ جڏهن ڪو هن کي پڪاريندو تہ بہ هو جواب ڪونہ ڏيندو، نڪي کيس مصيبت کان بچائيندو.
8اي ڏوهي اهو ياد رکو، پنهنجي مڙسي ڏيکاريو، اوهين وري بہ اها ڳالهہ دل تي آڻيو. 9قديم زماني جون اڳوڻيون ڳالهيون ياد ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ خدا آهيان، ۽ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ آءٌ خدا آهيان ۽ مون جهڙو ٻيو ڪونهي؛ 10جو شروع کان پڇاڙيءَ جو احوال ٻڌائي، ۽ قديم زماني ۾ انهن ڳالهين جو بيان ڪري، جي اڃا نہ ٿيون آهن؛ منهنجي مصلحت قائم رهندي، ۽ آءٌ پنهنجا سڀ ارادا پورا ڪندس: 11آءٌ اُڀرندي يعني ڏورانهين ملڪ کان هڪڙو عقاب، يعني اهڙو شخص سڏيندس جو منهنجي مرضي پوري ڪندو؛ هائو، مون ڳالهايو آهي، ۽ آءٌ ائين ئي ڪندس؛ مون ارادو ڪيو آهي، ۽ آءٌ اهو پورو ڪندس. 12اي سخت دل وارو، اوهين جي راستبازي کان پري آهيو سي منهنجي ڳالهہ ٻڌو: 13آءٌ پنهنجي راستبازي ويجهي ٿو آڻيان، اها پري نہ ٿيندي، ۽ منهنجي نجات کي اچڻ ۾ دير ڪانہ لڳندي؛ آءٌ صيون ۾ نجات موڪليندس ۽ اسرائيل کي پنهنجو جلال بخشيندس.
Currently Selected:
يسعياہ 46: SB62
Highlight
Share
Compare
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.