YouVersion Logo
Search Icon

يسعياہ 43

43
1پر هاڻي اي يعقوب، خداوند جنهن توکي پيدا ڪيو آهي، ۽ اسرائيل جنهن توکي جوڙيو آهي، سو هيئن ٿو فرمائي: تہ ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو مون تنهنجو عيوضو ڏنو آهي؛ مون تنهنجو نالو وٺي توکي سڏيو آهي، تون منهنجو آهين. 2جڏهن تون پاڻيءَ مان لنگهندين تڏهن آءٌ تو سان هوندس؛ ۽ جڏهن ندين مان لنگهندين، تڏهن اهي توتي اُٿلي نہ پونديون: جڏهن تون باهہ مان لنگهندين، تڏهن نہ سڙندين؛ نڪي تو تي مچ ٻرندو. 3ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، اسرائيل جو پاڪ خدا، تنهنجو نجات ڏيندڙ؛ مون تنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ مصر ڏنو آهي، ۽ ڪوش ۽ سبا تنهنجي لاءِ ڏنا اٿم. 4جيئن ڪ تون منهنجي نظر ۾ قيمتي ۽ معزز آهين، ۽ مون توکي پيار ڪيو آهي؛ تنهن ڪري آءٌ تنهنجي بدلي ۾ ماڻهو ۽ تنهنجيءَ حياتيءَ جي عيوض امتون ڏيندس. 5ڊڄ نہ؛ ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان: آءٌ تنهنجو نسل اُڀرندي کان آڻيندس، ۽ اُلهندي کان توکي گڏ ڪندس؛ 6آءٌ اُتر کي چوندس تہ ڇڏي ڏي؛ ۽ ڏکڻ کي چوندس تہ رکي نہ ڇڏ؛ منهنجا پٽ پري کان آڻ ۽ منهنجون ڌيئر زمين جي ڇيڙي کان. 7جيڪو بہ منهنجي نالي سڏجي ٿو، ۽ جنهن کي مون پنهنجي جلال جي لاءِ پيدا ڪيو آهي؛ تنهن کي مون جوڙيو آهي؛ هائو، انهي کي مون بنايو آهي. 8انهن انڌن ماڻهن کي ڪڍي ٻاهر آڻ جن کي اکيون آهن، ۽ انهن ٻوڙن کي جن کي ڪن آهن. 9ڀلي تہ سڀ قومون گڏ ڪيون وڃن، ۽ اُمتون اچي گڏ ٿين: انهن مان ڪير اهو ٻڌائي سگهندو، ۽ اسان کي اڳوڻيون ڳالهيون ڏيکاري سگهندو: ڀلي تہ اهي پنهنجا شاهد آڻين، تہ اهي سچا ثابت ٿين: يا ڀلي تہ اهي ٻڌن، ۽ چون تہ اهو سچ آهي. 10خداوند فرمائي ٿو تہ اوهين منهنجا شاهد آهيو، ۽ منهنجو بندو جنهن کي مون چونڊيو آهي: انهيءَ لاءِ تہ اوهين ڄاڻو ۽ مون تي ايمان آڻيو، ۽ سمجهو تہ آءٌ اهو آهيان: مون کان اڳي ڪوبہ خدا نہ ٿيو آهي، نڪي مون کان پوءِ ٿيڻو آهي. 11آءٌ ئي فقط خداوند آهيان؛ ۽ مون کان سواءِ ڪوبہ نجات بخشيندڙ ڪونهي. 12جڏهن اوهان ۾ ٻيو ڪوبہ ڌاريو معبود ڪونہ هو تڏهن مون بيان ڪيو، مون بچايو ۽ مون ڏيکاريو: تنهن ڪري خداوند فرمائي ٿو تہ اوهين منهنجا شاهد آهيو، ۽ آءٌ خدا آهيان. 13هائو، جڏهن کان ڏينهن شروع ٿيو تڏهن کان آءٌ ئي آهيان؛ ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو منهنجي هٿان ڇڏائي سگهي: آءٌ ڪم ڪندس، ۽ ڪير آهي جو روڪيندو؟
14خداوند اوهان جو نجات ڏيندڙ، اسرائيل جو پاڪ خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ اوهان جي خاطر مون بابل ڏانهن موڪليو آهي، ۽ انهن سڀني کي، يعني ڪسدين کي سندن خوشين جي جهازن تي چاڙهي ڀڄائي آڻيندس. 15آءٌ خداوند اوهان جو پاڪ خدا، اسرائيل جو خالق ۽ اوهان جو بادشاهہ آهيان. 16خداوند، جو سمنڊ ۾ رستو ۽ وڏن پاڻين ۾ واٽ ٿو جوڙي، 17۽ جيڪو جنگي گاڏين ۽ گهوڙن، لشڪرن ۽ بهادرن کي ڪڍي ٿو اچي، سو هيئن ٿو فرمائي تہ اهي سڀ گڏ سمهندا، اهي نہ اُٿندا؛ اُهي معدوم ٿي ويا آهن، اهي سڻيءَ وانگي اُجهامي ويا آهن. 18اوهين اڳوڻيون ڳالهيون ياد نہ ڪريو، نڪي قديم زماني جي ڳالهين تي غور ڪريو: 19ڏسو، آءٌ هڪڙو نئون ڪم ڪندس؛ اهو هينئر ظاهر ٿيندو ڇا؛ اوهين انهي کان ناواقف رهندا؟ بلڪ آءٌ بيابان ۾ رستو ٺاهيندس، ۽ رڻ پٽ ۾ نديون وهائيندس. 20جهنگلي جانور، گدڙ ۽ اٺ پکي بہ منهنجي عزت ڪندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي اُمت، پنهنجي چونڊيلن کي پيئڻ لاءِ بيابان ۾ پاڻي ۽ رڻ پٽ ۾ نديون ٿو ڏيان. 21اها اُمت جا مون پنهنجي لاءِ جوڙي، تہ اُهي منهنجي تعريف ڪن. 22انهي هوندي بہ اي يعقوب، تو مون کي نہ پڪاريو، بلڪ اي اسرائيل تون مون کان بيزار ٿي پيو آهيان. 23تو پنهنجين سوختني قربانين لاءِ ننڍو چوپايو مال منهنجي حضور ۾ نہ آندو آهي؛ نڪي پنهنجين قربانين سان مون کي عزت ڏني اٿيئي. مون توکي نذرانن آڻڻ لاءِ لاچار ڪونہ ڪيو، نڪي لوبان ساڙڻ لاءِ توکي ٿڪايم. 24تو منهنجي لاءِ پئسا خرچي لوبان ڪونہ ورتو، نڪي تو مون کي پنهنجي قربانيءَ جي چرٻيءَ سان ڍءُ ڪرايو: پر تو پنهنجن گناهن جو بار مون تي وڌو، ۽ پنهنجن ڏوهن سان مون کي ٿڪائي ڇڏيو. 25آءٌ هائو آءٌ، اهو آهيان جو پنهنجي خاطر تنهنجون خطائون مٽائي ٿو ڇڏيان؛ ۽ آءٌ تنهنجا گناهہ ياد نہ ڪندس. 26مون کي ياد ڏيار؛ اچو تہ پاڻ ۾ بحث ڪريون: تون پنهنجو مقدمو بيان ڪر تہ تون سچو ثابت ٿين. 27تنهنجي پهرئين پيءُ گناهہ ڪيو، ۽ تفسير ڪندڙن منهنجي برخلاف ڏوهہ ڪيو آهي. 28تنهن ڪري آءٌ پاڪ مڪان جي سردارن کي ناپاڪ ڪندس، ۽ آءٌ يعقوب کي لعنت، ۽ اسرائيل کي ملامت ٺهرائيندس.

Currently Selected:

يسعياہ 43: SB62

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in