يسعياہ 42
42
1ڏسو منهنجو بندو، جنهن کي آءٌ سنڀاليو اچان؛ منهنجو چونڊيل، جنهن مان منهنجي دل راضي آهي: مون پنهنجو روح انهيءَ تي نازل ڪيو آهي؛ هو قومن ۾ عدالت جاري ڪندو. 2هو رڙ نہ ڪندو، نڪي هل ڪندو، نڪي هن جو آواز گهٽيءَ ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو. 3ڦٿل ڪانو بہ هو ڪين ڀڃندو، ۽ دکيل سڻيءَ کي بہ هو ڪين وسائيندو: هو سچائيءَ سان عدالت جاري ڪندو. 4جيسين ڪ هو زمين تي عدالت قائم نہ ڪندو، تيسين هو نڪي ٿڪبو، نڪي بي همت ٿيندو؛ ۽ ٻيٽ هن جي شريعت جو انتظار ڪندا. 5خداوند خدا جنهن آسمان پيدا ڪيا ۽ انهن کي پکيڙيو آهي؛ جنهن زمين ۽ جيڪي منجهس نڪري ٿو سڀ پري پکيڙي ڇڏيو آهي؛ ۽ جيڪو انسان کي ساهہ، ۽ جيڪي ڌرتيءَ تي هلن چلن ٿا، تن کي روح ٿو ڏئي، سو فرمائي ٿو تہ، 6مون خداوند توکي سچائيءَ سان سڏيو آهي، آءٌ تنهنجو هٿ جهليندس ۽ تنهنجي سنڀال ڪندس، ۽ توکي اُمت جي لاءِ عهد، ۽ قومن جي لاءِ سوجهرو ڪري ڏيندس؛ 7تہ تون انڌن جون اکيون کولين، قيدين کي قيد مان ڪڍين، ۽ جيڪي اونداهيءَ ۾ ويٺا آهن، تن کي قيد خاني مان ڪڍين. 8آءٌ خداوند آهيان؛ اهو منهنجو نالو آهي: آءٌ پنهنجو جلال ڪنهن ٻئي کي ڪين ڏيندس، نڪي پنهنجي تعريف اُڪريل مورتن کي ڏيندس. 9ڏسو، اڳوڻيون ڳالهيون اچي پوريون ٿيون آهن، ۽ آءٌ نيون ڳالهيون ظاهر ٿو ڪريان: اهي پوريون ٿين تنهن کان اڳ ۾ آءٌ اوهان کي انهن جي خبر ٿو ڏيان.
10اوهين جي سمنڊ ڏانهن لهي ٿا وڃو ۽ جيڪي منجهس آهيو، اي ٻيٽ ۽ انهي جا رهاڪو، خداوند جي لاءِ نئون گيت ڳايو، ۽ زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين سندس تعريف ڳايو، 11ڀلي تہ بيابان ۽ ان جا شهر، ۽ قيدار جا آباد ڪيل ڳوٺ پنهنجو آواز مٿي ڪن؛ ڀلي تہ سلع جا رهاڪو ڳائين، ۽ جبلن جي چوٽيءَ تان وڏي سڏ پڪارين. 12ڀلي تہ اهي خداوند جو جلال ظاهر ڪن، ۽ ٻيٽن ۾ هن جي تعريف پڌري ڪن. 13خداوند بهادر مرد وانگي نڪرندو، هو جنگي مرد وانگي غيرت پيدا ڪندو: هو رڙ ڪندو، هائو، هو وڏا سڏ ڪندو: هو پنهنجي دشمن تي غالب ٿيندو. 14آءٌ گهڻو وقت ماٺ ڪري ويٺو آهيان؛ مون صبر ڪري پاڻ کي پئي روڪيو آهي: هاڻي آءٌ سورائتيءَ زال وانگي رڙيون ڪندس؛ آءٌ سهڪندس ۽ اُڀا ساهہ کڻندس. 15آءٌ جبلن ۽ ٽڪرين کي ويران ڪندس، ۽ انهن جو سڀ گاهہ ٻوٽو سڪائي ڇڏيندس؛ آءٌ ندين کي ٻيٽ ڪندس، ۽ ڍنڍن کي سڪائي ڇڏيندس. 16آءٌ انڌن کي انهيءَ رستي کان آڻيندس، جنهن جي انهن کي خبر ڪانهي؛ آءٌ کين انهن واٽن تان هلائيندس جن جي انهن کي سڌ ڪانهي: آءٌ انهن جي اڳيان اوندهہ کي سوجهرو ڪندس، ۽ ڏنگين جاين کي سنئون ڪندس، آءٌ اهي ڪم ڪندس، ۽ آءٌ انهن کي ڇڏي نہ ڏيندس. 17اهي جي اُڪريل مورتن تي ڀروسو ٿا رکن، ۽ جي پلٽيل مورتن کي چون ٿا تہ اوهين خدا آهيو، سي پٺ تي ڦيريا ويندا، ۽ اهي ڏاڍا شرمندا ٿيندا.
18اوهين جي ٻوڙا آهيو سي ٻڌو: اوهين جي انڌا آهيو سي نظر ڪريو تہ ڏسو. 19منهنجي بندي کان سواءِ ٻيو ڪير انڌو آهي؟ يا ڪير اهڙو ٻوڙو آهي، جهڙو منهنجو قاصد جنهن کي آءٌ موڪليان ٿو؟ جنهن جو مون سان صلح آهي تنهن جهڙو انڌو ٻيو ڪير آهي؟ ۽ خداوند جي بندي جهڙو ٻيو ڪير انڌو آهي؟ 20تنهنجي نظر گهڻين شين تي پوي ٿي پر اهي ڏسين نٿو؛ هن جا ڪن کليل آهن، پر هو ٻڌي نٿو. 21خداوند کي اهو پسند آيو تہ پنهنجيءَ راستبازيءَ جي خاطر شريعت جو اقبال وڌائي ۽ انهيءَ کي سرفراز ڪري. 22پر هيءَ اها اُمت آهي جا ڦرجي ۽ لٽجي ويئي آهي: اهي سڀ چرن ۾ ڦاٿل، ۽ قيد خانن ۾ بند ٿيل آهن: اهي شڪار ٿي ويا آهن ۽ ڪوبہ انهن کي نٿو ڇڏائي؛ اهي لٽجي ويا آهن ۽ ڪوبہ نٿو چوي تہ موٽائي ڏيون. 23اوهان مان ڪير آهي جو انهيءَ ڏانهن ڪن ڏيندو؟ جو ايندڙ وقت بابت غور سان ٻڌندو؟ 24ڪنهن يعقوب کي لٽ جي لاءِ ڏنو ۽ اسرائيل کي ڦورن جي حوالي ڪيو؟ خداوند ائين نہ ڪيو ڇا؟ جنهن جو انسان گناهہ ڪيو آهي، ۽ جنهن جي رستن تي انهن هلڻ نہ گهريو، ۽ جنهن جي شريعت جي انهن تابعداري نہ ڪئي. 25تنهن ڪري هن پنهنجيءَ ڪاوڙ جو جوش، ۽ جنگ جو زور انهيءَ تي ليٽائي وڌو؛ جنهن ڪري انهيءَ کي چوڌاري باهہ وڪوڙي وئي، تنهن هوندي بہ انهيءَ کي خبر ڪانہ پئي؛ باهہ ساڙي ڇڏيس تہ بہ هن اها ڳالهہ دل تي نہ رکي.
Currently Selected:
يسعياہ 42: SB62
Highlight
Share
Compare
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.