1
يسعياہ 19:43
Sindhi Bible NT
SB62
ڏسو، آءٌ هڪڙو نئون ڪم ڪندس؛ اهو هينئر ظاهر ٿيندو ڇا؛ اوهين انهي کان ناواقف رهندا؟ بلڪ آءٌ بيابان ۾ رستو ٺاهيندس، ۽ رڻ پٽ ۾ نديون وهائيندس.
Compare
Explore يسعياہ 43:19
2
يسعياہ 2:43
جڏهن تون پاڻيءَ مان لنگهندين تڏهن آءٌ تو سان هوندس؛ ۽ جڏهن ندين مان لنگهندين، تڏهن اهي توتي اُٿلي نہ پونديون: جڏهن تون باهہ مان لنگهندين، تڏهن نہ سڙندين؛ نڪي تو تي مچ ٻرندو.
Explore يسعياہ 43:2
3
يسعياہ 18:43
اوهين اڳوڻيون ڳالهيون ياد نہ ڪريو، نڪي قديم زماني جي ڳالهين تي غور ڪريو
Explore يسعياہ 43:18
4
يسعياہ 1:43
پر هاڻي اي يعقوب، خداوند جنهن توکي پيدا ڪيو آهي، ۽ اسرائيل جنهن توکي جوڙيو آهي، سو هيئن ٿو فرمائي: تہ ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو مون تنهنجو عيوضو ڏنو آهي؛ مون تنهنجو نالو وٺي توکي سڏيو آهي، تون منهنجو آهين.
Explore يسعياہ 43:1
5
يسعياہ 4:43
جيئن ڪ تون منهنجي نظر ۾ قيمتي ۽ معزز آهين، ۽ مون توکي پيار ڪيو آهي؛ تنهن ڪري آءٌ تنهنجي بدلي ۾ ماڻهو ۽ تنهنجيءَ حياتيءَ جي عيوض امتون ڏيندس.
Explore يسعياہ 43:4
6
يسعياہ 3:43
ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، اسرائيل جو پاڪ خدا، تنهنجو نجات ڏيندڙ؛ مون تنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ مصر ڏنو آهي، ۽ ڪوش ۽ سبا تنهنجي لاءِ ڏنا اٿم.
Explore يسعياہ 43:3
7
يسعياہ 5:43
ڊڄ نہ؛ ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان: آءٌ تنهنجو نسل اُڀرندي کان آڻيندس، ۽ اُلهندي کان توکي گڏ ڪندس؛
Explore يسعياہ 43:5
8
يسعياہ 25:43
آءٌ هائو آءٌ، اهو آهيان جو پنهنجي خاطر تنهنجون خطائون مٽائي ٿو ڇڏيان؛ ۽ آءٌ تنهنجا گناهہ ياد نہ ڪندس.
Explore يسعياہ 43:25
9
يسعياہ 10:43
خداوند فرمائي ٿو تہ اوهين منهنجا شاهد آهيو، ۽ منهنجو بندو جنهن کي مون چونڊيو آهي: انهيءَ لاءِ تہ اوهين ڄاڻو ۽ مون تي ايمان آڻيو، ۽ سمجهو تہ آءٌ اهو آهيان: مون کان اڳي ڪوبہ خدا نہ ٿيو آهي، نڪي مون کان پوءِ ٿيڻو آهي.
Explore يسعياہ 43:10
10
يسعياہ 11:43
آءٌ ئي فقط خداوند آهيان؛ ۽ مون کان سواءِ ڪوبہ نجات بخشيندڙ ڪونهي.
Explore يسعياہ 43:11
11
يسعياہ 13:43
هائو، جڏهن کان ڏينهن شروع ٿيو تڏهن کان آءٌ ئي آهيان؛ ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو منهنجي هٿان ڇڏائي سگهي: آءٌ ڪم ڪندس، ۽ ڪير آهي جو روڪيندو؟
Explore يسعياہ 43:13
12
يسعياہ 20:43-21
جهنگلي جانور، گدڙ ۽ اٺ پکي بہ منهنجي عزت ڪندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي اُمت، پنهنجي چونڊيلن کي پيئڻ لاءِ بيابان ۾ پاڻي ۽ رڻ پٽ ۾ نديون ٿو ڏيان. اها اُمت جا مون پنهنجي لاءِ جوڙي، تہ اُهي منهنجي تعريف ڪن.
Explore يسعياہ 43:20-21
13
يسعياہ 6:43-7
آءٌ اُتر کي چوندس تہ ڇڏي ڏي؛ ۽ ڏکڻ کي چوندس تہ رکي نہ ڇڏ؛ منهنجا پٽ پري کان آڻ ۽ منهنجون ڌيئر زمين جي ڇيڙي کان. جيڪو بہ منهنجي نالي سڏجي ٿو، ۽ جنهن کي مون پنهنجي جلال جي لاءِ پيدا ڪيو آهي؛ تنهن کي مون جوڙيو آهي؛ هائو، انهي کي مون بنايو آهي.
Explore يسعياہ 43:6-7
14
يسعياہ 16:43-17
خداوند، جو سمنڊ ۾ رستو ۽ وڏن پاڻين ۾ واٽ ٿو جوڙي، ۽ جيڪو جنگي گاڏين ۽ گهوڙن، لشڪرن ۽ بهادرن کي ڪڍي ٿو اچي، سو هيئن ٿو فرمائي تہ اهي سڀ گڏ سمهندا، اهي نہ اُٿندا؛ اُهي معدوم ٿي ويا آهن، اهي سڻيءَ وانگي اُجهامي ويا آهن.
Explore يسعياہ 43:16-17
15
يسعياہ 15:43
آءٌ خداوند اوهان جو پاڪ خدا، اسرائيل جو خالق ۽ اوهان جو بادشاهہ آهيان.
Explore يسعياہ 43:15
Home
Bible
Plans
Videos