يسعياہ 38
38
1انهن ڏينهن ۾ حزقياہ اهڙو بيمار ٿي پيو جو مرڻ جي ڪنڌيءَ تي اچي پهتو. ۽ آموص جو پٽ يسعياہ نبي وٽس آيو ۽ چيائينس تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تون پنهنجي گهراڻي جو پورو بندوبست ڪر؛ ڇالاءِ جو تون جيئرو ڪين رهندين، پر مري ويندين. 2تڏهن حزقياہ پنهنجو منهن ڀت ڏانهن ڦيرائي خداوند کان دعا گهرڻ لڳو. 3۽ چيائين تہ اي خداوند آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هاڻي ياد ڪر تہ ڪيئن نہ آءٌ تنهنجي حضور ۾ سچائيءَ ۽ سالم دل سان هليو آهيان، ۽ جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱو هو سو ڪيو اٿم. پوءِ حزقياہ زار زار رئڻ لڳو. 4تڏهن خداوند جو ڪلام يسعياہ تي نازل ٿيو، ۽ چيائينس 5تہ وڃي حزقياہ کي چئُہ تہ خداوند تنهنجي پيءُ دائود جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ مون تنهنجي دعا ٻڌي آهي، ۽ تنهنجا لڙڪ ڏٺا اٿم: ڏس، آءٌ تنهنجي عمر پندرهن ورهيہ وڌائيندس. 6۽ آءٌ توکي، ۽ هن شهر کي، اسور جي بادشاهہ جي هٿان ڇڏائيندس: ۽ هن شهر کي بچائيندس. 7۽ جيڪا هيءَ ڳالهہ خداوند فرمائي آهي سا پوري ڪندو تنهنجي خداوند وٽان تو لاءِ هيءَ نشاني ٿيندي: 8ڏس، آءٌ آخز جي ڌوپ گهڙيءَ تي جيڪو سج جو پاڇو هيٺ لهي ويو آهي، تنهن کي ڏهہ درجا پٺتي موٽائيندس. سو ڌوپ گهڙيءَ تي جيڪو سج جو پاڇو هيٺ لهي ويو هو، سو ڏهہ درجا پٺتي موٽي ويو.
9يهوداهہ جو بادشاهہ حزقياہ جڏهن بيمار هو ۽ وري بيماريءَ کان ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو، تڏهن هي لکيائين:
10مون چيو تہ آءٌ پنهنجيءَ حياتي جي اڌ ۾ ئي قبر جي دروازن ۾ داخل ٿيندس: منهنجا باقي رهيل ورهيہ مون کان کسيا ويا آهن. 11مون چيو تہ آءٌ خداوند کي نہ ڏسندس، يعني جيئرن جي زمين ۾ خداوند کي نہ ڏسندس: آءٌ دنيا جي رهاڪن ۽ انسان کي وري نہ ڏسندس.
12منهنجي عمر ڌنار جي تنبوءَ وانگر ڊاهي پري ڪئي وئي آهي: مون ڪوريءَ وانگي پنهنجي حياتي ويڙهي ڇڏي آهي؛ ۽ هو مون کي آڏاڻي تان وڍي ڇڏيندو: هڪڙي ڏينهن ۽ رات جي اندر تون مون کي پورو ڪري ڇڏيندين.
13آءٌ صبح تائين ماٺ ڪري ويٺس؛ هو شينهن وانگي منهنجا سڀ هڏ گڏ ڀڃي ٿو وجهي: هڪڙي ڏينهن ۽ رات جي اندر تون مون کي پورو ڪري ڇڏيندين.
14ابابيل يا ڪنگ وانگي مون ٻوليون ڪيون؛ ڳيري وانگيان مون اوساريو: منهنجون اکيون مٿي نهاري نهاري ساڻيون ٿيون ٿين: اي خداوند آءٌ ستايل آهيان، تون منهنجو ضامن ٿيءُ.
15آءٌ ڇا چوان؟ هن مون سان ڳالهايو بہ آهي ۽ پاڻ ائين بہ ڪيو اٿس: آءٌ پنهنجي روح جي ڪَڙائيءَ جي ڪري، پنهنجيءَ عمر جا باقي ورهيہ خبرداريءَ سان گذاريندس.
16اي خداوند، انهن ڳالهين ڪري ماڻهو جيئرا ٿا رهن، ۽ منهنجي روح جي حياتي سموري انهن ۾ آهي: تنهن ڪري تون ئي مون کي چڱو ڀلو ڪر ۽ مون کي جيئرو رک.
17ڏس، منهنجي سلامتيءَ جي لاءِ مون ايتري تڪليف سٺي: پر منهنجي روح سان محبت هئڻ جي ڪري، تو انهيءَ کي خرابيءَ جي کڏ کان ڇڏايو آهي؛ ڇالاءِ جو تو منهنجا سڀ گناهہ پنهنجي پٺيان اُڇلائي ڇڏيا آهن.
18قبر تنهنجي تعريف نٿي ڪري سگهي، نڪي موت تنهنجي واکاڻ ڪري ٿو سگهي: جيڪي قبر ۾ ٿا لهن سي تنهنجي سچائيءَ جي اميد رکي نٿا سگهن.
19جيئرا، هائو جيئرا ئي تنهنجي تعريف ڪندا، جيئن آءٌ اڄ ڪري رهيو آهيان: پيءُ پنهنجي اولاد کي تنهنجي سچائيءَ جي خبر ڏيندو.
20خداوند مون کي بچائڻ لاءِ تيار آهي: تنهن ڪري اسين ساري عمر خداوند جي گهر ۾، تار وارن سازن تي پنهنجا راڳ ڳائينداسين.
21هاڻي يسعياہ چيو هو تہ انجير جي ٽڪي ٺاهي ڦرڙيءَ تي ليپ وانگي ٻڌن تہ هو ڇٽي پوندو.
22حزقياہ ائين بہ چيو هو تہ آءٌ خداوند جي گهر ۾ ويندس انهي جي ڪهڙي نشاني آهي؟
Currently Selected:
يسعياہ 38: SB62
Highlight
Share
Compare
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.