YouVersion Logo
Search Icon

يسعياہ 37

37
1۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن حزقياہ بادشاهہ اها خبر ٻڌي، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ کٿو ڍڪي خداوند جي گهر ۾ ويو، 2۽ محلات جي ناظر الياقيم، ۽ شبناہ منشيءَ، ۽ ڪاهنن جي بزرگن کي کٿا ڍڪائي، آموص جي پٽ يسعياہ نبيءَ ڏانهن موڪليائين. 3۽ انهن هن کي چيو تہ حزقياہ هيئن ٿو فرمائي تہ اڄوڪو ڏينهن مصيبت، ۽ ملامت، ۽ نفرت جو ڏينهن آهي؛ ڇالاءِ جو ٻار ڄمڻ تي آهن، پر ڄڻڻ جي طاقت ڪانهي. 4شايد خداوند تنهنجو خدا ربشاقيءَ جون ڳالهيون ٻڌي، جنهن کي سندس مالڪ اسور جي بادشاهہ، جيئري خدا جي گلا ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي، ۽ جيڪي ڳالهيون خداوند تنهنجي خدا ٻڌايون آهن، تن لاءِ هو ملامت ڪري: تنهن ڪري جيڪي باقي بچيا آهن، تن لاءِ تون دعا گهر. 5تڏهن حزقياہ بادشاهہ جا ملازم يسعياہ وٽ آيا. 6۽ يسعياہ انهن کي چيو تہ اوهين پنهنجي مالڪ کي چئجو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي ڳالهيون تو ٻڌيون آهن، ۽ جن سان اسور جي بادشاهہ جي نوڪرن مون لاءِ ڪفر بڪيو آهي، تن کان تون متان ڊڄين. 7ڏس، آءٌ هن ۾ هڪڙو روح وجهندس، ۽ هو هڪڙي افواہ ٻڌي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويندو؛ ۽ آءٌ هن کي سندس ملڪ ۾ ترار سان مارائي ڇڏيندس.
8تڏهن ربشاقي موٽي ويو، ۽ اسور جي بادشاهہ کي لبناہ سان وڙهندو ڏٺائين: ڇالاءِ جو هن ٻڌو هو تہ هو لڪيس مان هليو ويو آهي. 9۽ هن حبش جي بادشاهہ ترهاقہ بابت ٻڌو تہ هو وڙهڻ لاءِ آيو آهي. ۽ جڏهن اها خبر ٻڌائين، تڏهن قاصدن جي هٿان حزقياہ ڏانهن چوائي موڪليائين، تہ 10اوهين يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ کي هيئن چئجو تہ، تنهنجو خدا جنهن تي تنهنجو ڀروسو آهي تنهن کان متان ٺڳجين، جو چوي ٿو تہ يروشلم اسور جي بادشاهہ جي هٿ ۾ نہ ڏنو ويندو. 11ڏس، تو ٻڌو آهي تہ اسور جي بادشاهن سڀني ملڪن کي بلڪل برباد ڪري انهن جو ڪهڙو حال ڪيو آهي: سو تون ڪو ڇڏايو ويندين ڇا؟ 12جن قومن کي منهنجي ابن ڏاڏن برباد ڪيو آهي، يعني جوزان، حاران، رصف، ۽ بني عدن، جي تلسار ۾ هئا، تن کي ڪو انهن جي معبودن ڇڏايو آهي ڇا؟ 13حمات جو بادشاهہ، ۽ ارفاد جو بادشاهہ، سفروائيم شهر جو بادشاهہ، ۽ هينع ۽ عواہ جا بادشاهہ ڪٿي آهن؟ 14۽ حزقياہ قاصدن جي هٿان اُهو خط ورتو ۽ پڙهيائين: ۽ حزقياہ خداوند جي گهر ۾ وڃي، اهو خداوند جي اڳيان کولي رکيو. 15۽ حزقياہ خداوند کان دعا گهري، ۽ چيائين تہ 16اي لشڪرن جا خداوند، اسرائيل جا خدا، تون جو ڪروبين تي ويٺو آهين؛ تون ئي اڪيلو زمين جي سڀني بادشاهن جو خدا آهين؛ تو زمين ۽ آسمان جوڙيا آهن. 17اي خداوند، پنهنجو ڪن ڏيئي ٻڌ، اي خداوند پنهنجون اکيون کولي ڏس، ۽ سنحيرب جون هي سڀيئي ڳالهيون جي هن جيئري خداوند جي ملامت ڪرڻ لاءِ چوائي موڪليون آهن سي ٻڌ. 18اي خداوند، حقيقت ڪري اسور جي بادشاهن سڀني قومن ۽ انهن جي ملڪ کي ويران ڪري ڇڏيو آهي. 19۽ انهن جي معبودن کي باهہ ۾ اُڇلايو اٿن: ڇالاءِ جو اُهي خدا نہ هئا، پر ماڻهن جي هٿ جي ڪاريگري، ۽ ڪاٺ، ۽ پهڻ هئا؛ تنهن ڪري هنن انهن کي برباد ڪري ڇڏيو. 20تنهن ڪري هاڻي اي خداوند اسان جا خدا، تون اسان کي هن جي هٿ کان بچاءِ، تہ زمين جون سڀ بادشاهتون ڄاڻن، تہ رڳو تون ئي اڪيلو خداوند آهين.
21تڏهن آموص جي پٽ يسعياہ، حزقياہ ڏانهن چوائي موڪليو، تہ خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جڏهن تو اسور جي بادشاهہ سنحيرب جي برخلاف دعا گهري آهي، 22تڏهن خداوند انهي جي بابت هيئن ٿو فرمائي: تہ صيون جي ڪنواري ڌيءَ تنهنجي حقارت ڪئي آهي ۽ توتي کل ٺٺولي ڪئي اٿس؛ يروشلم جي ڌيءَ توتي پنهنجو مٿو لوڏيو آهي. 23تو ڪنهن جي ملامت ڪئي آهي، ۽ ڪنهن جي بابت ڪفر بڪيو اٿيئي؟ تو ڪنهن جي برخلاف پنهنجو آواز بلند ڪيو آهي، ۽ پنهنجون اکيون مٿي کنيون اٿيئي؟ اسرائيل جي قدوس جي برخلاف! 24تو پنهنجن نوڪرن جي هٿان خدا جي ملامت ڪئي آهي، ۽ چيو اٿيئي تہ آءٌ پنهنجين گهڻين جنگي گاڏين سان جبلن جي چوٽيءَ تي، لبنان جي تمام اندرين ڀاڱن ۾ آيو آهيان؛ آءٌ هن جا ڊگها ديودار ۽ عمدا صنوبر جا وڻ وڍي ڇڏيندس: ۽ آءٌ هن جي ڏورانهين چوٽيءَ تي ۽ هن جي آباد ٻنيءَ ۾ گهڙندس. 25مون کوٽيو آهي ۽ پاڻي پيتو اٿم، ۽ آءٌ پنهنجن پيرن جي ترين سان مصر جون سڀ نديون سڪائي ڇڏيندس. 26تو ٻڌو نہ آهي ڇا تہ اڳوڻي وقت ۾ مون ڇا ڪيو، ۽ قديم زماني ۾ انهي جي رٿ ڪري ڇڏي اٿم؟ هاڻي مون اها پوري ڪئي آهي، تہ تون ڪوٽ وارن شهرن کي ڦٽائي ويرانيءَ جا ڍڳ ڪرين. 27تنهن ڪري انهن جا رهاڪو ڪمزور ٿيا، اهي ڊڄي ۽ منجهي ويا؛ جهنگ جي گاهہ جهڙا، ۽ ساون ٻوٽن جهڙا، ۽ ڇتين تي بيٺل گاهہ جهڙا، ۽ اُڀرڻ کان اڳي (ڪومايل) پوک جهڙا ٿيا. 28پر مون کي تنهنجي ويهڻ، ۽ تنهنجي اچڻ وڃڻ، ۽ مون تي ڪاوڙجڻ جي خبر آهي. 29تون مون تي ڪاوڙيو آهين، ۽ تنهنجي بي ادبي منهنجن ڪنن تائين پهتي آهي؛ تنهنڪري آءٌ پنهنجو ڪنڍو تنهنجي نڪ ۾ وجهندس، ۽ پنهنجو لغام تنهنجي وات ۾ وجهندس، ۽ جنهن رستي تون آيو آهين تنهن رستي توکي پٺ تي موٽائيندس. 30۽ تو لاءِ هيءَ نشاني ٿيندي، تہ هن سال اوهين اهو کائيندا، جو پاڻيهي اُڀرندو، ۽ ٻئي سال اهو کائيندا جو انهي جي پاڙ مان ڦٽندو، ٽئين سال اوهين پوکجو ۽ لڻجو؛ ڊاک جا منهہ ٺاهجو ۽ انجو ميوو کائجو. 31۽ يهوداہ جي گهراڻي مان جيڪي باقي بچندا سي وري هيٺ پاڙ هڻندا ۽ مٿي ڦر جهليندا. 32ڇالاءِ جو باقي بچيل يروشلم مان ۽ ڇٽي ڀڳل صيون جبل مان ايندا، ۽ خداوند جي غيرت جي وسيلي ائين ٿيندو. 33سو خداوند اسور جي بادشاهہ بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ هو هن شهر ۾ ڪين ايندو، نڪي هن تي تير هڻندو، نڪي ڍال کڻي هنجي اڳيان ايندو، نڪي هن جي سامهون ڪو بند ٻڌندو. 34جنهن رستي کان هو آيو هوندو تنهن ساڳئي رستي کان هو موٽي ويندو، ۽ هن شهر ۾ هو ڪين ايندو، خداوند ائين ٿو فرمائي. 35ڇالاءِ جو آءٌ خود پنهنجي خاطر ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر هن شهر جي حفاظت ڪري هن کي بچائيندس.
36۽ خداوند جي فرشتي اسورين جي لشڪر گاهہ ۾ وڃي هڪ لک پنجاسي هزار ماڻهو ماريا ۽ جڏهن صبح جو سوير ماڻهو اُٿيا، تڏهن ڏسن تہ سڀيئي مئا مڙهہ ٿيا پيا آهن. 37تنهن ڪري اسورين جو بادشاهہ سنحيرب ڪوچ ڪري موٽي ويو، ۽ نينوہ ۾ وڃي رهيو. 38۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن پنهنجي معبود نسروڪ جي مندر ۾ پوڄا پئي ڪئي، تڏهن سندس پٽن ادرملڪ ۽ شراضر کيس ترار سان قتل ڪري ڇڏيو: ۽ پاڻ اراراط جي ملڪ ۾ ڀڄي ويا. پوءِ هن جو پٽ اسرحدون سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.

Currently Selected:

يسعياہ 37: SB62

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in