YouVersion Logo
Search Icon

يسعياہ 39

39
1انهي وقت بابل جي بادشاهہ مرودڪ بلدان بن بلدان، حزقياہ ڏانهن تحفو ۽ ڪي خط موڪليا: ڇالاءِ جو هن ٻڌو هو تہ هو بيمار هو، ۽ هاڻي ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو آهي. 2۽ حزقياہ انهن جي اچڻ ڪري ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ انهن کي پنهنجا خزانا، يعني چاندي، ۽ سون، ۽ مصالحہ ۽ قيمتي تيل، ۽ پنهنجن هٿيارن جو سڄو گهر، ۽ جيڪي بہ سندس خزانن ۾ موجود هو سو سڀ ڏيکاريائين: سندس گهر ۾ اهڙي ڪابہ شيءِ ڪانہ هئي جا حزقياہ هنن کي نہ ڏيکاري. 3تڏهن يسعياہ نبي حزقياہ بادشاهہ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ هنن ماڻهن ڇا چيو، ۽ اهي تو وٽ ڪٿان آيا هئا؟ حزقياہ چيو تہ اهي هڪڙي ڏورانهين ملڪ يعني بابل مان مون وٽ آيا هئا. 4تڏهن هن پڇيو تہ هنن تنهنجي گهر ۾ ڇا ڇا ڏٺو؟ حزقياہ جواب ڏنو تہ جيڪي منهنجي گهر ۾ آهي، سو سڀ هنن ڏٺو آهي: منهنجي خزانن ۾ اهڙي ڪابہ شيءِ ڪانهي، جا مون هنن کي نہ ڏيکاري آهي. 5تڏهن يسعياہ حزقياہ کي چيو تہ لشڪرن جي خداوند جو ڪلام ٻڌ. 6ڏس، اهي ڏينهن اچن ٿا، جڏهن جيڪي تنهنجي گهر ۾ آهي، ۽ جيڪي تنهنجي ابن ڏاڏن اڄ تائين گڏ ڪري رکيو آهي، سو بابل ڏانهن کڄي ويندو: خداوند فرمائي ٿو تہ ڪجهہ بہ ڇڏيو نہ ويندو. 7۽ جيڪي پٽ تو مان پيدا ٿيندا، ۽ جن کي تون ڄڻندين، تن مان بہ ڪيترائي هو پاڻ سان وٺي ويندا؛ ۽ اهي بابل جي بادشاهہ جي محلات ۾ ناظر ٿيندا. 8تنهن تي حزقياہ يسعياہ کي چيو تہ خداوند جو ڪلام جيڪو تو ٻڌايو آهي سو چڱو آهي. هن وڌيڪ هي بہ چيو تہ منهنجن ڏينهن ۾ صلح ۽ سچائي قائم رهندي.

Currently Selected:

يسعياہ 39: SB62

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in