1
يسعياہ 5:38
Sindhi Bible NT
SB62
تہ وڃي حزقياہ کي چئُہ تہ خداوند تنهنجي پيءُ دائود جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ مون تنهنجي دعا ٻڌي آهي، ۽ تنهنجا لڙڪ ڏٺا اٿم: ڏس، آءٌ تنهنجي عمر پندرهن ورهيہ وڌائيندس.
Compare
Explore يسعياہ 38:5
2
يسعياہ 3:38
۽ چيائين تہ اي خداوند آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هاڻي ياد ڪر تہ ڪيئن نہ آءٌ تنهنجي حضور ۾ سچائيءَ ۽ سالم دل سان هليو آهيان، ۽ جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱو هو سو ڪيو اٿم. پوءِ حزقياہ زار زار رئڻ لڳو.
Explore يسعياہ 38:3
3
يسعياہ 17:38
ڏس، منهنجي سلامتيءَ جي لاءِ مون ايتري تڪليف سٺي: پر منهنجي روح سان محبت هئڻ جي ڪري، تو انهيءَ کي خرابيءَ جي کڏ کان ڇڏايو آهي؛ ڇالاءِ جو تو منهنجا سڀ گناهہ پنهنجي پٺيان اُڇلائي ڇڏيا آهن.
Explore يسعياہ 38:17
4
يسعياہ 1:38
انهن ڏينهن ۾ حزقياہ اهڙو بيمار ٿي پيو جو مرڻ جي ڪنڌيءَ تي اچي پهتو. ۽ آموص جو پٽ يسعياہ نبي وٽس آيو ۽ چيائينس تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تون پنهنجي گهراڻي جو پورو بندوبست ڪر؛ ڇالاءِ جو تون جيئرو ڪين رهندين، پر مري ويندين.
Explore يسعياہ 38:1