يسعياہ 33
33
1افسوس آهي توتي جو لٽين ٿو، ۽ پاڻ لٽيو نہ وئين؛ ۽ ٺڳي ٿو ڪرين، پر هنن تو سان ٺڳي نہ ڪئي! جڏهن تون ڦرلٽ ڪري بس ڪندين تڏهن تون لٽبين؛ جڏهن تون ٺڳي ڪري بس ڪندين، تڏهن اهي تو سان ٺڳي ڪندا. 2اي خداوند اسان تي فضل ڪر؛ اسين تنهنجا منتظر رهيا آهيون: تون هر روز صبح جو هنن جي ٻانهن جو زور ٿيءُ، ۽ مصيبت جي وقت اسان جو ڇوٽڪارو بہ ٿيءُ. 3هنگامي جي گوڙ تي ماڻهو ڀڄي ويا آهن؛ ۽ تنهنجي اُٿڻ تي قومون پکڙجي ويون آهن. 4اوهان جي لٽ جو مال ائين گڏ ڪيو ويندو، جيئن سوٻٽ گڏ ڪندا آهن: هو انهي تي ائين ٽپندا جيئن مڪڙ ٽپندا آهن. 5خداوند سرفراز آهي؛ ڇالاءِ جو هو بلنديءَ تي ٿو رهي: هن صيون کي انصاف ۽ راستبازيءَ سان ڀري ڇڏيو آهي. 6تنهنجي زماني ۾ پائيداري ٿيندي، نجات، دانائي ۽ علم ججهو ٿيندو: خداوند جو خوف هن جو خزانو آهي.
7ڏس، هنن جا پهلوان ٻاهر دانهون ٿا ڪن: ۽ صلح جا ايلچي زار زار ٿا روئن. 8شاهي رستا ويران آهن، مٿن لنگهڻ وارو ئي ڪونهي: هن عهد ڀڳو آهي، هو شهرن سان نفرت ٿو ڪري، ۽ انسان جي ڪابہ پرواهہ نٿو ڪري. 9زمين ماتم ٿي ڪري ۽ غير آباد ٿي رهي، لبنان شرمندو آهي، ۽ سڪي ٿو وڃي، شارون رڻ پٽ وانگيان آهي؛ ۽ بسن ۽ ڪرمل پنهنجا پن ٿا ڇاڻين. 10خداوند فرمائي ٿو تہ هاڻي آءٌ اُٿندس؛ هاڻي آءٌ پاڻ کي سربلند ڪندس؛ هاڻي آءٌ سرفراز ٿيندس. 11اوهان کي بهہ جو حمل رهندو، ۽ اوهين ٻٿ ڄڻيندا: اوهان جو پساهہ باهہ آهي، جا اوهان کي کائي ويندي. 12۽ قومون سڙندڙ چن وانگي ٿينديون: وڍيل ڪنڊن وانگي، جي باهہ ۾ ساڙيا وڃن.
13اوهين جي پري آهيو، سي ٻڌو تہ مون ڇا ڪيو آهي؛ ۽ اوهين جي ويجها آهيو، سي منهنجي طاقت کي مڃو. 14صيون ۾ جيڪي گنهگار آهن، سي ڊڄي ويا آهن؛ بي دينن کي اوچتو ڏڪڻي وٺي وئي آهي. اسان مان ڪير تباهہ ڪندڙ باهہ سان رهندو؟ اسان مان ڪير هميشہ جي کورن سان رهندو؟ 15جيڪو راستيءَ سان هلي ٿو، ۽ سچ ڳالهائي ٿو؛ جيڪو ظلم جي نفعي کي حقير ٿو سمجهي، جيڪو رشوت کان پنهنجا هٿ هٽائي ٿو، جيڪو خونريزيءَ جي ڳالهين ٻڌڻ کان پنهنجا ڪن بند ڪري ٿو، ۽ جيڪو بڇڙائيءَ ڏانهن نهارڻ کان پنهنجون اکيون بند ڪري ٿو؛ 16اهو بلندي تي رهندو: جابلو قلعا هن جي پناهہ ٿيندا: هن جي ماني کيس ڏني ويندي: ۽ هن کي پاڻي بہ ضرور ملندو. 17اوهان جون اکيون بادشاهہ کي سندس سونهن ۾ ڏسنديون: اهي پري تائين پکڙيل ملڪ ڏسنديون. 18تنهنجي دل انهيءَ دهشت بابت ويچار ڪندي: اهو ڪٿي آهي جنهن محصول ٿي ڳڻيو؟ اهو ڪٿي آهي جنهن اهو توريو ٿي؟ اهو ڪٿي آهي، جنهن ٺلهن جو شمار ٿي ڪيو؟ 19تون اها خوفناڪ قوم نہ ڏسندين جنهن جون اونهيون ڳالهيون تون ڪين سمجهندين، جنهن جي ڌاري ٻولي توکي سمجهہ ۾ ڪين ايندي. 20صيون ڏانهن نظر ڪر جو اسانجين پاڪ رسمن جو شهر آهي: تنهنجون اکيون يروشلم کي ڏسنديون جو آرام جو گهر، ۽ اهڙو تنبو آهي جو هٽايو نہ ويندو، جنهن جا ڪِلا پٽيا نہ ويندا، ۽ جنهن جي رسن مان ڪوبہ نہ ڇڄندو. 21پر جلال وارو خداوند، وڏين ندين ۽ نهرن جي وچ ۾ پاڻ اتي موجود هوندو؛ جن ۾ نہ ڪا ڳنن واري ٻيڙي ويندي، نہ ڪو وڏو جهاز اُتان لنگهندو. 22ڇالاءِ جو خداوند اسان جو منصف آهي، خداوند اسان جو شريعت ڏيندڙ آهي، ۽ خداوند اسان جو بادشاهہ آهي؛ اهو اسان کي بچائيندو. 23تنهنجون رسيون ڍريون ٿي ويون آهن؛ اهي پنهنجي کوهي جي پاڙ مضبوط ڪري نہ سگهيا، اهي پنهنجو سڙهہ چاڙهي نہ سگهيا: تڏهن وڏيءَ لٽ جو مال ورهايو ويو؛ منڊن کي لٽ جو مال مليو. 24اتي جي رهاڪن مان ڪو ڪونہ چوندو تہ آءٌ بيمار آهيان: انهي ۾ رهندڙ ماڻهن جون خطائون معاف ڪيون وينديون.
Currently Selected:
يسعياہ 33: SB62
Highlight
Share
Compare
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.