YouVersion Logo
Search Icon

يسعياہ 32

32
1ڏسو، هڪڙو بادشاهہ راستبازيءَ سان بادشاهي ڪندو، ۽ سردار عدالت سان حڪومت ڪندا. 2هڪڙو ماڻهو واءُ کان لڪڻ جي جاءِ، ۽ طوفان کان پناهہ وانگيان ٿيندو؛ سڪيءَ زمين ۾ پاڻيءَ جي ندين وانگي، ۽ ماندائيءَ واري ملڪ ۾ وڏي ٽڪر جي ڇانوَ وانگي ٿيندو. 3۽ ڏسندڙن جي اکين ۾ ڌنڌ ڪونہ ٿيندو، ۽ جيڪي ٻڌندا سي اونائيندا. 4تڪڙن جي دل علم کي سمجهندي، ۽ هڪڙن جي زبان صاف ڳالهائيندي. 5تڏهن ڪميڻو ماڻهو اڳتي سخي نہ سڏبو، نڪي اناڙي سخي سڏجڻ ۾ ايندو. 6ڇالاءِ جو ڪميڻو ماڻهو ڪميڻائيءَ جون ڳالهيون ڪندو ۽ انهي جي دل بڇڙائيءَ جا خيال ڪندي، جو هو بي دينيءَ جهڙي هلت ڪندو، ۽ خداوند جي برخلاف ڪوڙ چوندو، تہ بکئي جي جان خالي رهي، ۽ اُڃايل کي پاڻي نہ ملي. 7اناڙيءَ جا هٿيار بہ بڇڙا آهن: هو بڇڙائيءَ جون رٿون ٿو رٿي، تہ جڏهن محتاج سچ ڳالهائي، تڏهن بہ ڪوڙين ڳالهين سان کيس برباد ڪري. 8پر سخي سخاوت جون رٿون ٿو رٿي؛ ۽ هو سخاوت جا ڪم ڪندو رهندو.
9اي آرام طلب زالون اوهين اُٿي منهنجو آواز ٻڌو؛ اي بي پرواهہ ڌيئرون منهنجون ڳالهيون ڪن ڏيئي ٻڌو. 10اي بي پرواهہ زالون، سال کان پوءِ ايندڙ ڏينهن ۾ اوهان کي تڪليف رسندي: ڇالاءِ جو ڊاک جو فصل چٽ ٿي ويندو، ۽ ميوي گڏ ڪرڻ جو موقعو ڪونہ ايندو. 11اي آرام طلب زالون اوهين ڏڪو؛ اي بي پرواهہ، اوهين ڏک ڪريو: ڪپڙا لاهي اُگهاڙيون ٿيو، ۽ پنهنجيءَ چيلهہ سان کٿو ٻڌو. 12هو دلپسند ٻنين، ۽ ڦلدار ڊاک لاءِ پنهنجي ڇاتي ڪُٽينديون. 13منهنجيءَ اُمت جي زمين تي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا نڪرندا؛ هائو، خوش وقت شهر جي سڀني خوشيءَ سان ڀريل گهرن ۾ بہ اهي نڪرندا. 14ڇالاءِ جو محلات سڃيو ڪيو ويندو؛ آباد شهر ويران ٿي ويندو؛ ٽڪر ۽ پهري وارو ٺلهہ هميشہ غارن وانگي ڪم ايندو، ۽ گورخرن جي خوشي ۽ ڌڻن جو چراگاهہ ٿيندو؛ 15جيسين ڪ مٿان اسان تي روح نازل ٿئي، ۽ بيابان آباد ٻني ٿي پوي، ۽ آباد ٻني ٻيلي وانگر شمار ٿئي. 16تڏهن عدالت بيابان ۾ رهندي، ۽ راستبازي آباد ٻنيءَ ۾ وسندي. 17۽ راستبازيءَ جو ڪم سلامتي ٿيندو، ۽ راستبازيءَ جو نتيجو هميشہ لاءِ آرام ۽ تسلي ٿيندو. 18۽ منهنجي اُمت سلامتيءَ واري گهر ۾، بي خوف، آرام ۽ فرحت جي جاين ۾ رهندي. 19پر ٻيلي جي برباديءَ وقت ڳڙا وسندا؛ ۽ شهر بلڪل ڊهي ويندو. 20اوهين جي نهرن جي ڀرسان پوک ٿا ڪريو، ۽ ڏاندن ۽ گڏهن کي اوڏانهن ٿا موڪليو، سي مبارڪ آهيو.

Currently Selected:

يسعياہ 32: SB62

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in