يسعياہ 34
34
1اي قومون اوهين ويجهو اچي ٻڌو، اي امتون اوهين ڪن ڏيو: زمين ۽ جيڪي مٿس آهي، جهان ۽ جيڪي شيون منجهس پيدا ٿين ٿيون، سي ٻڌن. 2ڇالاءِ جو خداوند کي سڀني قومن تي ڪاوڙ آهي، ۽ انهن جي سموري لشڪر تي غصو آهي: هن انهن کي بلڪل برباد ڪري ڇڏيو آهي، هن انهن کي قتل ٿيڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيو آهي. 3انهن جا ڪُٺل ٻاهر اُڇلايا ويندا، ۽ انهن جي لاشن مان ڪِني بانس نڪرندي، ۽ انهن جي رت سان جبل وهڻ لڳندا. 4۽ آسمان جو سارو لشڪر ڳري ويندو، ۽ آسمان ڪاغذ جي ويڙهيءَ وانگيان ويڙهجي ويندا: ۽ انهن جو سارو لشڪر ائين ڪومائجي ڪري پوندو جيئن ڊاک ۽ انجير جو پن ڪومائجي ڪري پوندو آهي. 5ڇالاءِ جو منهنجي ترار آسمان ۾ پي ڍائي آهي: ڏسو، اها ادوم تي، ۽ منهنجي لعنت پيل اُمت تي عدالت لاءِ نازل ٿيندي. 6خداوند جي ترار رت سان ڀريل آهي، اها سڻڀ سان، گهيٽن ۽ ٻڪرين جي رت سان، ۽ گهٽن جي بڪين جي چرٻيءَ سان سڻڀي ڪيل آهي: ڇالاءِ جو خداوند جي لاءِ بصراہ ۾ هڪڙي قرباني، ۽ ادوم ۾ وڏو قتلام آهي. 7۽ انهن سان گڏ سانَ ۽ وهڙا، ۽ ڏاند بہ ذبح ٿيندا؛ ۽ انهن جي زمين رت پي مست ٿيندي، ۽ انهن جي مٽي چرٻيءَ سان سڻڀي ڪئي ويندي. 8ڇالاءِ جو اهو خداوند جو وير وٺڻ جو ڏينهن آهي، ۽ صيون سان تڪرار ڪرڻ جو ۽ بدلو وٺڻ جو سال آهي. 9۽ انهي جون نهرون رال ٿي پونديون، ۽ انهي جي مٽي گندرف، ۽ انهي جي زمين سڙندڙ رال ٿي پوندي. 10اها نہ رات جو وسامندي نہ ڏينهن جو؛ انهيءَ جو دونهون هميشہ مٿي پيو چڙهندو: اها پيڙهي بہ پيڙهي ويران پيئي هوندي؛ هميشہ تائين انهيءَ مان ڪوبہ ڪونہ لنگهندو. 11پر پيڻ پکي ۽ سيڙهہ انهي جون مالڪ ٿينديون؛ چٻرو ۽ ڪانگ انهيءَ ۾ رهندا: اهو انهيءَ جي مٿان مونجهاري جي ڏور ڇڪيندو، ۽ ويرانيءَ جو شاهل رکندو. 12اهي سندس سردارن کي بادشاهت لاءِ سڏيندا، پر ڪوبہ ڪونہ ايندو؛ ۽ انهيءَ جا سڀ شهزادا نابود ٿي ويندا. 13انهيءَ جي محلاتن ۾ ڪنڊا، ۽ انهيءَ جي قلعن ۾ ڪنڊيون ۽ ڪانڊيرا اُڀرندا: ۽ اُها گدڙن جي رهڻ جي جاءِ، ۽ اُٺ پکين جو اڱڻ ٿيندي. 14رڻ پٽ جا جهنگلي جانور اچي بگهڙن سان گڏبا، ۽ جهنگلي ٻڪر هڪ ٻئي کي سڏيندا: هائو، رات جو راڪاس اتي رهندو، ۽ پنهنجي لاءِ اتي آرام جي جاءِ لهندو. 15اتي اُڏامندڙ نانگ پنهنجو آکيرو ٺاهيندو ۽ اُها آنا لاهيندي ۽ انهن تي آرو ڪندي، ۽ پنهنجيءَ ڇانوَ هيٺ هنن کي گڏ ڪندي: هائو، سرڻيون گڏ ٿينديون ۽ هر ڪنهن سان پنهنجو پنهنجو جوڙو هوندو. 16اوهين خداوند جي ڪتاب مان ڳولي ڪڍو ۽ پڙهو: هنن ڳالهين مان هڪڙي بہ گهٽ ڪانہ ٿيندي، ۽ ڪا جوڙي کانسواءِ نہ هوندي: ڇالاءِ جو منهنجي وات اهو حڪم ڪيو آهي، ۽ هن جي روح انهن کي گڏ ڪيو آهي. 17۽ هن انهن جي لاءِ ڪڻو وڌو آهي، ۽ هن جي هٿ انهيءَ کي سندن لاءِ ڏوريءَ سان ورهايو آهي، اهي هميشہ لاءِ انهيءَ جا مالڪ ٿيندا، ۽ پيڙهي بہ پيڙهي انهي ۾ رهندا.
Currently Selected:
يسعياہ 34: SB62
Highlight
Share
Compare
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.